سول اسپتال ۾ مڙدي خاني ٻاهران عورتن، مردن ۽ ٻارن جو انبوھ هو. انبوھ مان روڄ راڙي، ۽ اوڇنگارن جا آواز پئي آيا.
        ماڻهن جي انبوھ پٺيان ميدان ۾ پوليس جون ٻه لاريون، هڪ ٽرڪ، هڪ پڪ اپ، ٻه جيپون ۽ ايس پيءَ جي نيري رنگ جي فوڪس ويگن ڪار بيٺي هئي. ڪجھ پرڀرو پپر جي وڻ هيٺان مئجسٽريٽ صاحب جي اڇي رنگ واري مزدا ڪار بيٺي هئي.

        مڙدي خاني جي ڀوائتي ورانڊي ۾ نوجوان مئجسٽريٽ ۽ وچولي عمر وارو ايس پي بيٺا هئا. ايس پيءَ جو پيٽ گولائيءَ ۾ ڪجھ سرس هو، جنهن مان سندس مالي خوشحالي ظاهر پئي ٿي. مئجسٽريٽ اڃا نئون نوڪريءَ ۾ گھڙيو هو، تنهن ڪري پوريءَ ريت خوشحال ٿي نه سگھيو هو. هو ٻئي ڄڻا نڪ تي رومال ڏيئي مڙدي خاني جي ورانڊي ۾ بيٺا هئا.

       مڙدي خاني ۾ تازن فسادن ۾ مئل ماڻهن جا لاش پيا هئا. لاشن تي قانوني ڪاروائي ٿي چڪي هئي. لاش هڪ هڪ ڪري مئجسٽريٽ جي موجودگيءَ ۾ وارثن کي حوالي ڪيا پئي ويا. سول اسپتال جي تاريخ ۾ اڳ ائين ڪڏهن به نه ٿيو هو، جو مئجسٽريٽ ۽ ايس پيءَ جي موجودگيءَ ۾ پوسٽمارٽم ڪيل لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويا هجن. اُهو موقعو عجيب هو. ڪنهن به طرح عام رواجي نه هو. لاتعداد اخباري نمائندا، سماجي ڪارڪن، فوٽو گرافر اُتي موجود هئا.

    مڙدي خاني جي غليظ، اونداهي ۽ هيبتناڪ ڪمري ۾ ڪجھ لاش پيا هئا. لاشن وٽ اسپتال جو ايڊمنسٽريٽر، ٻه ڊاڪٽر، ڇھ ــ ست وارڊ بواءِ، ڪجھ سپاهي ۽ هڪ صوبيدار بيٺا هئا. ڌپ کان بچڻ لاءِ هنن نڪ بند ڪري ڇڏيا هئا.

    صوبيدار هڪ هڪ ڪري لاش ٻاهر کڻائي پئي آندو. ٻاهر ورانڊي ۾ بيٺل مئجسٽريٽ ۽ ايس پيءَ آڏو لاش ترسائي، لاش سان گڏ ٻنهي صاحبن جو فوٽو ڪڍائي، لاش انبوھ ڏانهن کڻائي پئي ويو. فوٽو ڪڍائڻ مهل مئجسٽريٽ ۽ ايس پيءَ نڪ تان رومال هٽائي پئي ڇڏيو.

    نوجوان مئجسٽريٽ کان وڌيڪ ايس پي تجربيڪار هو. هن نوجوان مئجسٽريٽ کي سمجھائي ڇڏيو هو، ته اهي فوٽا اخبارن ۾ ڇپبا. حاڪمن تائين وڃي پڄندا، تنهنڪري اسان جي منهن مان بيزاري ظاهر ٿيڻ نه گھرجي.

    صوبيدار مڙدي خاني مان هڪ هڪ ڪري لاش کڻائي پئي آيو ۽ ورانڊي ۾ مئجسٽريٽ ۽ ايس پيءَ کي ٿي ڏيکاريو، جن نڪ تان رومال هٽائي ڪجھ هيٺ جھڪي، منهن تي غم ۽ رنج جا تاثر آڻي، ڪمال اداڪاريءَ سان فوٽو ڪڍائي پئي ورتو. ان ڪاروائيءَ کان پوءِ صوبيدار لاش وارثن جي حوالي ڪندو ٿي ويو.

    ڪجھ دير کان پوءِ مڙدي خاني مان اسپتال جو ايڊمنسٽريٽر ٻاهر آيو. هو توائي پئي ڏٺو. جنهن ڪم تي کيس بيهاريو ويو هو، سو پنهنجي مرتبي کان هيٺ پئي ڀانيائين. هو مئجسٽريٽ ۽ ايس پيءَ وٽ اچي بيٺو. رومال سان منهن اُگھندي چيائين، ”سمورا لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويا آهن، مان وڃان ٿو.“
    مئجسٽريٽ پڇيوۡ، ”ڪل گھڻا لاش هئا؟“
    ايڊمنسٽريٽر وراڻيو، ”چوڏهن.“
    ”پڪ؟“ مئجسٽريٽ پڇيو.
    ”ها سائين، پڪ.“ ايڊمنسٽريٽر بيزار ٿيندي وراڻيو
    مئجسٽريٽ هڪ ته جوان هو، مٿان بي انداز اختيار مليل هئس. ڏاڍي رعبدار نموني ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندي ايڊمنسٽريٽر کان پڇيائين، ”مڙدي خاني کي گھڻا در ۽ گھڻيون دريون آهن؟“

    ايس پيءَ حيرت مان نوجوان مئجسٽريٽ ڏانهن ڏٺو.
    ايڊمنسٽريٽر وراڻيو، ”مڙدي خاني کي ٻه دريون ۽ چار روشندان آهن ۽ هڪ در آهي.“
    ”درين کي لوهي شيخون لڳل آهن؟“
    ”ها.“
    ”۽ در؟“
    ”در کي تالو لڳل هوندو آهي.“
    ”ڀلا روشندان فرش کان ڪيترو مٿي آهن؟“
    ”اٽڪل ٻارهن فوٽ کن مٿي آهن.“
    ”روشندانن کي لوهي شيخون آهن؟“
    ”نه.“
    ”هون!“ مئجسٽريٽ وڏي سوچ ۾ پئجي ويو. اهڙو ڳنڀير ٿي ويو، ڄڻ خون جي ڪيس ۾ مغز ماري رهيو هو.

    ايڊمنسٽريٽر ڪجھ خارباز طبيعت جو هو. هن چيو، ”سائين، يقين ڪريو، ڪوبه لاش مڙدي خاني مان ڀڄي نه ويو آهي. درين کي لوهي شيخون لڳل آهن. جيڪڏهن ڪوبه لاش روشندان مان ڀڄي نڪرڻ جي ڪوشش ڪري ها، ته ضرور ٽنگ ڀڄيس ها.“
    نوجوان مئجسٽريٽ کي لوندڙين تي پگھر اچي ويو. ٿڏي تي ايڊمنسٽريٽر جا لاھ ڪڍي ڇڏي ها، پر ايس پيءَ جي منهن تي مرڪ ڏسي سور پي ويو.
    ايڊمنسٽريٽر هليو ويو. اخباري نمائندا ۽ فوٽو گرافر به روانا ٿي ويا. انبوھ ڇڙوڇڙ ٿيڻ لڳو. تڏهن اوچتو مڙدي خاني مان آواز آيو. ”ترسو.“
    انبوھ پنڊ پهڻ ٿي ويو. مئجسٽريٽ ۽ ايس پيءَ منهن ورائي مڙدي خاني ڏانهن ڏسڻ لڳا. مڙدي خاني جي دَر ۾ صوبيدار بيٺو هو. کيس ڏسي ٻنهي جي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويئي.
    صوبيدار اڳتي وڌي آيو. سندس هٿ ۾ ڪُلهي وٽان ڪپيل هڪ ٻانهن هئي. هو ايس پي ۽ مئجسٽريٽ آڏو اچي بيٺو. هن عجيب بي ڍنگي لهجي ۾ چيو ”هي ٻانهن مڙدي خاني جي ڪنڊ ۾ پئي هئي.“

    ايس پي ۽ مئجسٽريٽ حيرت وچان ڪپيل ٻانهن ڏانهن ڏسڻ لڳا، جيڪا رت ۽ مٽيءَ سان ٿڦيل هئي. ايس پيءَ پاڻ سنڀالي ورتو. صوبيدار کي کڙڪيدار آواز ۾ چيائين، ”ان ٻانهن کي مڙدي خاني ۾ اُڇلائي اچ.“
    صوبيدار مڙدي خاني ڏانهن وڃڻ لڳو.
    ”ترس“ مئجسٽريٽ کيس روڪيو . چيائين ”انصاف جي تقاضا موجب هي ڪپيل ٻانهن وارثن جي حوالي ڪئي ويندي.“
    ايس پيءَ کيس سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي پر نوجوان مئجسٽريٽ نه مُڙيو. هن عدل جھانگير جو رڪارڊ ٽوڙڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. چيائين، ”هيءَ ٻانهن وارثن کي ڏني ويندي.“
    ايس پي جڪ کاڌا.
    مئجسٽريٽ ٻنهي ڊاڪٽرن کي گھرايو، جيڪي مڙدي خاني مان نڪرڻ کان پوءِ تازي هوا کائي رهيا هئا. کانئن پڇيائين، ”ڪو اهڙو لاش به وارثن کي ڏنو ويو آهي ڇا، جنهنکي هڪ ٻانهن نه هئي؟“

    ٻنهي ڊاڪٽر ڪاغذن جي جانچ ڪرڻ کان پوءِ انڪار ڪري ڇڏيو ته ڪوبه ٻانهن ڪپيل لاش مائٽن کي نه ڏنو ويو آهي.
    مئجسٽريٽ پاڻ کي اڪابر ثابت ڪرڻ لاءِ چيو، ”ته پوءِ هن ٻانهن جو لاش ڪٿي آهي!“
    ايس پيءَ کنگھي پنهنجي کِل هضم ڪري ويو. هن مُرڪندي چيو، ”ممڪن آهي، جنهن شخص جي هيءَ ٻانهن آهي، سو اڃا جيئرو هجي.“
    مئجسٽريٽ کي اها ڳالھ پسند نه آئي. چيائين، ”اهو ناممڪن آهي.“
    هڪ ڊاڪٽر چيو، ”جنرل وارڊ ۾ پنجن ڏينهن کان هڪ زخمي داخل آهي، جنهن کي ڪُلھي وٽان هڪ ٻانهن ناهي.“
    ”ته پوءِ هيءَ ٻانهن پڪ ان زخميءَ جي آهي.“ مئجسٽريٽ ڊاڪٽر کي چيو، ”مونکي مريض ڏانهن وٺي هل. مان هيءَ ٻانهن سندس حوالي ڪندس.“

    ايس پيءَ ۽ انبوھ کي ترسڻ لاءِ چئي، مئجسٽريٽ صوبيدار کان ٻانهن کڻائي، ڊاڪٽر کي ساڻ ڪري جنرل وارڊ ڏانهن ويو.
    ڊاڪٽر مئجسٽريٽ کي سڌو وڃي ان زخميءَ وٽ بيهاريو، جنهنکي ڪلهي وٽان ٻانهن نه هئي.
    مئجسٽريٽ زخميءَ کي چيو، ”اسان کي مڙدي خاني مان هڪ ٻانهن لڌي آهي. اسين سمجھون ٿا، هيءَ ٻانهن تنهنجي آهي.“
    زخمي دريءَ کان ٻاهر نهاري رهيو هو. سندس منهن ۾ گھُنڊ هو. ايذاءُ سبب چپ خشڪ ۽ اکيون ڏرا ڏيئي ويون هئس. هن ڪنڌ ورائي مئجسٽريٽ ڏانهن ڏٺو.
    مئجسٽريٽ صوبيدار جي هٿ ۾ جھليل ٻانهن ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”منهنجو خيال آهي، هيءَ ٻانهن تنهنجي آهي.“
    مريض مئجسٽريٽ تان نظرون هٽائي، ٻانهن ڏانهن ڏسڻ لڳو. ڪجھ دير کان پوءِ هن وري مئجسٽريٽ ڏانهن ڏٺو. پڇيائين، ”تنهنجي عمر ڪيتري آهي؟“

    مئجسٽريٽ وائڙو ٿي ويو. ڪجھ سمجھ ۾ نه آيس، چيائين، ”مان پنجويهن سالن جو آهيان.“
    ”مان به پنجويهن سالن جو آهيان، پاڪستان به پنجويهن سالن جو آهي.“ زخمي چيو، ”پنجويهن سالن ۾ هن ملڪ تو جھڙن کي پنجويھ ٻانهون ڏيئي ڇڏيون آهن. مونکان ٻن ٻانهن مان هڪ ٻانهن ڦڙي ورتي آهي.“
    مئجسٽريٽ اجايو کلڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس شڪل ڀولي جھڙي ٿي ويئي. چيائين، ”مان حڪومت پاڪستان طرفان توکي تنهنجي ٻانهن موٽائي ڏيڻ آيو آهيان.“
    زخميءَ ڪرڙي اک سان مئجسٽريٽ ڏانهن ڏٺو. ڄاڙيءَ جا هڏا هڪٻئي ۾ جڪڙجي ويس. منهن جو رنگ بدلجندو ويس. تڪليف بدران، سندس منهن مان بي پناھ نفرت ظاهر ٿيڻ لڳي.
    مئجسٽريٽ کان زخمي جي خاموشي ۽ گھائل ڪندڙ گھور برداشت ٿي نه سگھي. چيائين، ”مان تو کي تنهنجي ٻانهن موٽائي ڏيڻ آيو آهيان.“
    ”مونکان جيئري جاڳندي ٻانهن وٺي، مونکي مئل ٻانهن ڏيڻ آيو آهين!“ زخميءَ ڏند ڪرٽيندي چيو، ”مان فنڪار آهيان. مان مئل ٻانهن کي ڇا ڪندس! مونکي جيئري ٻانهن موٽائي ڏيو.“

    ڊاڪٽرن مئجسٽريٽ کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو، ”هن جو دماغ خراب ٿي ويو آهي. اسين کيس چرين جي اسپتال موڪلينداسين.“
    مئجسٽريٽ نه مُڙيو. زخميءَ کي چيائين، ”توکي پنهنجي ٻانهن نه گھرجي؟“
    ”مان مئل ٻانهن ڇا ڪندس!“ زخميءَ چيو، ”پنهنجي حڪومت کي چئه ته مونکي منهنجي جيئري ٻانهن موٽائي ڏي. مونکي جيئري ٻانهن گھرجي. مان فنڪار آهيان. مان تصويرون ٺاهڻ چاهيان ٿو. مان ڪوي آهيان. مان گيت لکڻ چاهيان ٿو. مان سودائي آهيان. مان ڪهاڻيون لکڻ چاهيان ٿو. مونکي منهنجي ٻانهن موٽائي ڏيو. مونکي منهنجي جيئري ٻانهن موٽائي ڏيو.“
    مئجسٽريٽ کي وحشت وٺي ويئي. هو ڊاڪٽرن ۽ صوبيدار سميت موٽي ويو.
    مڙدي خاني جي ورانڊي ۾ ايس پيءَ چيس، ”منهنجي مڃو. هيءَ ٻانهن مڙدي خاني ۾ رکائي ڇڏيو.“
    ”نه.“ نوجوان مئجسٽريٽ چيو، ”مان هن ڪپيل ٻانهن جي وارثن کي ضرور هٿ ڪندس.“
    هن صوبيدار جي هٿ مان ڪپيل ٻانهن وٺي، مٿي ڪري، انبوھ کي ڏيکاريندي چيو، ”هن ٻانهن جو جيڪڏهن ڪو وارث آهي ته ثابتي ڏيئي ٻانهن وٺي وڃي.“

    ٻانهن ڏسي انبوھ ۾ چرپر چوٻول ٿيو.
    ڪجھ مرد ۽ عورتون اڳتي وڌي آيا. هو غور سان ٻانهن ڏانهن ڏسڻ لڳا، جنهن تي رت ۽ مٽيءَ جا چاپڙ چڙهيل هئا.
    هڪ ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ چيو، ”سائين، اها ٻانهن منهنجي پيءُ جي آهي.“
    مئجسٽريٽ ڪنڌ ورائي ڇوڪري ڏانهن وٺو. پڇيائين، ”ڪيئن ٿي چوين ته اها ٻانهن تنهنجي پيءُ جي آهي؟“
    ڇوڪريءَ وراڻيو، ”منهنجو پيءُ جيئرو آهي. هن کي هڪ ٻانهن ڪانهي.“
    مئجسٽريٽ کان ڇرڪ نڪري ويو. پڇيائين ”ڪڏهن کان تنهنجي پيءُ کي ٻانهن ڪانهي؟“
    ”مونکي ياد ناهي.“ ڇوڪريءَ وراڻيو، ”منهنجي ماءُ مونکي ٻڌائيندي آهي ته منهنجي پيءُ کي ٻئي ٻانهون هونديون هيون. هو سچ لکندو هو. هڪڙي ڏينهن انصاف جا علمبردار آيا، ۽ بابا جي اُها ٻانهن ڪپي ويا، جنهن ۾ سچ لکندڙ هٿ هو.“

    مئجسٽريٽ هٿ جي اشاري سان ڇوڪريءَ کي پري ڪري بيهاريو. پوءِ انبوھ ڏانهن ڏسندي چيائين، ”ٻيو ڪو وارث آهي؟“
    جھور ڪراڙي عورت ڪنبندڙ آواز ۾ چيو، ”هيءَ منهنجي پٽ جي ٻانهن آهي.“
    ”ثبوت ڏي مائي.“ مئجسٽريٽ چيو.
    ”هو سورنهن ڪلاڪ ڪم ڪرڻ کان پوءِ ٻه رپيا ڪمائي وٺندو هو، جنهن مان اسين هڪ ويلو ماني کائيندا هئاسين ۽ باقي مسواڙ ۽ دوائن ۾ لڳائي ڇڏيندا هئاسين.“ پوڙهي چيو، ”منهنجو پٽ جنهن ڏينهن چار ڇھ آنا وڌيڪ ڪمائي وٺندو هو، تنهن ڏينهن ابراهيم بوريءَ جي دڪان تان منهنجي لاءِ جليبيون وٺي ايندو هو.“
    ”پر تون ڪيئن دعوى ٿي ڪرين ته هيءَ تنهنجي پٽ جي ٻانهن آهي؟“
    ”مونکي  سَنڌن جو سور آهي. هو روز رات جو مونکي زور ڏيندو هو.“ ڪراڙيءَ ڪنبندڙ آواز ۾ چيو، ”مان ماءُ آهيان. مان پنهنجي پٽ جي ٻانهن سڃاڻي نه سگھندس! هيءَ ضرور منهنجي ئي پٽ جي ٻانهن آهي.“
    ”تنهنجو پٽ ڇا ڪندو هو، مائي؟“

    ”هو ڀيم پوري، وٽ لوسڻ وڪڻندو هو.“ مائي وراڻيو، گذريل فسادن ۾ هڪ ڏينهن جيئن گھران نڪتو، ته اڄ تائين نه موٽيو آهي.“
    ”تون ترس مائي.“ مئجسٽريٽ چيو، ”ٻين کان پڇڻ کان پوءِ مان فيصلو ڪندس ته ٻانهن جو حقيقي وارث ڪير آهي.“
    هڪ سترهن ـــ ارڙهن سالن جو ڇوڪرو اڳتي وڌي آيو. ٻانهن ڏانهن غور سان ڏسندي چيائين، ”مونکي پڪ آهي ته هيءَ ٻانهن منهنجي ڀاءُ جي آهي.“
    ”ثبوت ڏي.“
    ”هو گلوب ٽيسڪسٽائيل مل ۾ مزور هو.“ ڇوڪري چيو، ”هو مان ڪپڙي جا ٿانَ کڻي گدام ۾ آڻي رکندو هو.“
    ”پر تو وٽ ڪهڙي ثابتي آهي ته هي تنهنجي ڀاءٌ جي ٻانهن آهي؟“
    ”جڏهن کان هو فسادن ۾ گم ٿي ويو آهي، تڏهن کان اسان جو گھر لنگھڻ تي آهي.“
    ”اهو ڪو ثبوت ڪونهي.“
    ڇوڪري هڪدم وراڻيو، ”هو ڪپڙي جا ٿانَ ٻانهن ۾ کڻندو هو. لاڳيتو وزن کڻڻ سبب سندس هڪ ٻانهن رونڊي ٿي ويئي هئي. هيءَ ٻانهن به رونڊي آهي.“
    مئجسٽريٽ چيو، ”هيءَ ٻانهن ڪپجڻ کان پوءِ سڪي ويئي آهي، تنهن ڪري رونڊي ٿي ڏسجي.“

    ”پر مونکي پڪ آهي ته هيءَ ٻانهن منهنجي ڀاءُ جي آهي.“
    ”ان جو فيصلو مان ڪندس.“ مئجسٽريٽ انبوھ ڏانهن ڏسندي چيو، ”ٻيو ڪو؟“
    هڪ وچولي عمر وارو شخص اڳتي وڌي آيو، هو ڏسڻ ۾ عجيب پئي لڳو. کيس مٿي تي پراڻو ٽوپلو، ڊگھو ڪوٽم ڪالر وٽان ڦاٽل قميص ۽ تمام ڍلي پتلون پاتل هئي. کيس ڪوٽ جي کيسي ۾ اڌ ڊزن فائونٽن پينون ۽ چار ڳاڙهيون نيريون پينسلون ٽنبيل هيون. هن اڳتي اچي ٻانهن جو معائنو ڪيو. صوبيدار جي هٿ مان ڪپيل ٻانهن وٺي، چڱيءَ طرح جانچي، صوبيدار کي موٽائي ڏنائين. پوءِ ٿورو سيٽجي ۽ ٿورو آڪڙجي بيٺو. چيائين، ”مان سر چارلس نيپيئر ديسي آهيان.“
    غمگين ۽ اُداس بيٺل ماڻهن کي کِلَ اچي ويئي.
    ”اڙي! توهين کلو ٿا!“ سر چارلس نيپيئر ديسيءَ چيو، ”وڏا ڪي بي شرم آهيو.“
    ايس پيءَ مئجسٽريٽ کي ڪَن ۾ چيو، ”هيءُ موهن جي دڙي جو گم ٿيل انگريز نڪ ۾ دم ڪندو.“
    ”اي کوٻلا.“ سر چارلس نيپيئر ديسيءَ ايس پيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”مان توکي سڃاڻان ٿو. تون جيڪب آهين.“
    ماڻهو کِلي پيا.
    ”کلو نه روئو ـــــ هنجون هاري روئو، ڇو جو توهان کي خبر ناهي ته هيءَ ڪپيل ٻانهن ڪنهن جي آهي.“ سر چارلس نيپيئر ديسيءَ انبوھ تي نگاھ ڄمائي ڇڏي.

    نوجوان مئجسٽريٽ ڏڪندي ڏڪندي کانئس پڇيو، ”سر، توهان کي خبر آهي ته هيءَ ٻانهن ڪنهن جي آهي؟“
    ”ها. مون کي خبر آهي ته هيءَ ٻانهن ڪنهن جي آهي.“
    ”ڪيئن سائين؟“
    ” 1843ع کان اها ٻانهن ڪپيندو آيو آهيان.“
    ”1843ع کان!“
    ”ها 1843ع کان.“ سر چارلس نيپيئر ديسيءَ وراڻيو، ”مان هر دور ۾ اها ٻانهن ڪپيندو آيو آهيان. تنهنڪري مونکي خبر آهي ته هي ٻانهن ڪنهن جي آهي.“
    ايس پي چپن ۾ مُرڪڻ لڳو. مئجسٽريٽ لوندڙين تان پگھر اُگھندي سر چارلس نيپيئر ديسيءَ کان پڇيو، ”سر، هيءَ ٻانهن ڪنهن جي آهي؟“
    ”هيءَ ٻانهن جنرل هوش محمد شيديءَ جي آهي.“ سر چارلس نيپيئر ديسيءَ وراڻيو.
    ”جنرل هوش محمد شيدي!“
    ”ها. جنرل هوش محمد شيدي.“ سر چارلس نيپيئر ديسيءَ چيو، ”هر دور ۾ مان ان ٻانهن کي هوشوءَ جي ڪلهي کان ڪپي ڌار ڪندو آهيان، پر وري ٻئي ڪنهن دور ۾ اها ٻانهن هوشوءَ جي ڪلهي سان لڳي جيئري ٿي پوندي آهي. اها ٻانهن ملڪ ۾ وڳوڙ وجھندي آهي. نوجوانن کي هٿياربند جدوجھد جي ترغيب ڏيندي آهي. حاڪمن لاءِ مصيبت پيدا ڪندي آهي. پر هن دفعي مان ان ٻانهن کي پڄي رهندس.“

    مئجسٽريٽ کانئس پڇيو، ”توهين هن ٻانهن کي ڇا ڪندا، سر؟“
    سر چارلس نيپيئر ديسيءَ وراڻيو، ”نظريه پاڪستان جي حفاظت، قومي يڪجھتي *۽ سرحدي بقا لاءِ مان ان ٻانهن کي هٿ ۾ چمچو ڏيئي ڇڏيندس. چمچو جھلڻ کان پوءِ اها ٻانهن هٿيار کڻڻ جي قابل نه رهندي.“
    مئجسٽريٽ کيس ٽارڻ لاءِ چيو، ”سر، ٻانهن هر حال، ۽ هر صورت ۾ توهان کي ڏني ويندي. في الحال ٻين وارثن جي ڳالھ ٻڌڻ ڏيو.“
    ”ٻڌبي ٺمري ۽ دادرو آهي.“ سر چارلس نيپيئر ديسيءَ چيو، ”تون تفتيش ڪر، ڀولا.“
    مئجسٽريٽ پگھر اُگھيو. ايس پي چپن ۾ مُرڪيو.
    مئجسٽريٽ انبوھ کان پڇيو، ”ٻيو ڪو آهي، هن ٻانهن جو وارث؟“
    هڪ نوجوان ڇوڪري انبوھ مان نڪري آئي. هوءَ حسين هئي. اُداس ۽ ويراڳڻ ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ دلڪش ٿي ڏٺي.
    ايس پيءَ سڙٻاٽن ۾ مئجسٽريٽ کي چيو، ”هيءَ ڇوڪري رنڊي آهي. نالو فرزانه اٿس.“
    فرزانه ٻانهن وٽ اچي بيٺي. اکيون روئڻ سبب ڳاڙهيون ٿي ويون هئس. ٻانهن ڏانهن ڏٺائين ته روئي پيئي. سڏڪن ۾ چيائين، ”هيءَ ٻانهن مونکي ڏيو.“
    ”ثابتي.“
    ”هيءَ ٻانهن شهمير جي آهي.“
    ”شهمير ڪير هو؟“
    ”شهمير مانجھي مڙس هو. مشڪلن جي اکين ۾ اکيون وجھي ڏسندو هو.“

    ”هو تنهنجو ڪير هو؟“
    ڇوڪريءَ جون اکيون رڻ ۾ ڦاٿل هرڻيءَ جي اکين وانگر وياڪل ۽ وائڙيون ٿي ويون. هن ڇپر کڻي مئجسٽريٽ ڏانهن ڏٺو. چيائين، ”شهمير منهنجي لاءِ سڀ ڪجھ هو.“
    ”تنهنجو مڙس هو؟“
    ”نه.“
    ”توهان جو مڱڻو ٿيو هو؟“
    ”نه.“
    ”ته پوءِ؟“
    فرزانه منجھي پئي. ڪو جواب سجھي نه آيس.
    ايس پيءَ مئجسٽريٽ کي آهستي چيو، ”هيءَ رنڊي آهي. هوندس ڪو خاص گراهڪ.“
    مئجسٽريٽ ڇوڪريءَ کي چيو، ”توکي ثابت ڪرڻو پوندو ته تون هن ٻانهن جي وارث آهين.“
    ڇوڪري چيو، ”شهمير هڪ دفعي منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ قابو ڪندي چيو هو ته مڙس زندگيءَ ۾ فقط هڪ عورت جو هٿ جھليندو آهي *۽ اها عورت تون آهين. هن مون کي پنهنجو ڪيو هو. هو زماني جي ريتن رسمن جو قائل نه هو. چوندو هو، ته مرد جي وچن کان وڌيڪ مضبوط ٻيو ڪوبه ٻنڌڻ ناهي.“
    مئجسٽريٽ چيو، ”پر تو وٽ ڪهڙو ثبوت آهي ته هيءَ ٻانهن تنهنجي شهمير جي آهي؟“
    ڇوڪريءَ جون اکيون ترسيل ساوڻ وانگر وسي پيون. چيائين، ”شهمير جي هٿ ۾ عمر واري ليڪ تمام وڏي هوندي هئي، پر شهمير ان ليڪ تي ڪڏهن به اعتبار نه ڪيو. هو چوندو هو ته انسان پنهنجا ليڪا پاڻ ٺاهيندو آهي.“

    ڇوڪري ڳالهائيندي ڳالهائيندي خاموش ٿي ويئي. هوءَ پنهنجن سڏڪن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. جڏهن ڪجھ سامت ۾ آئي تڏهن چيائين، ”فسادين جي هڪ وڏي انبوھ سان اڪيلي سر وڙهندي منهنجو شهمير مارجي ويو. هٿ ۾ عمر واري وڏي ليڪ هوندي به جوانيءَ ۾ مارجي ويو. فسادي سندس لاش جيپ سان ٻڌي، رستن تان گھليندا کڻي ويا. توهين ان ڪپيل ٻانهن جي هٿ ۾ عمر واري ليڪ ڏسو. ضرور وڏي هوندي.“
    صوبيدار چيو، ”ٻانهن جو هٿ رهڙجي ويو آهي. سموريون ليڪون ڊهي ويون اٿس.“
    ”تون ترس.“ مئجسٽريٽ چيو. ”مان ٻين دعويدارن کان پڇي وٺان.“
    ”وڌيڪ ڦڏيبازي نه ڪر، مئجسٽريٽ، ڀولا.“ اوچتو سر چارلس نيپيئر ديسيءَ ڳالهايو. چيائين، ”تو مونکي پرامز ڏنو آهي، ته اها ٻانهن مون کي ڏيندين.“
    مئجسٽريٽ موقعي جي نزاڪت ڏسندي، ڪاوڙ کي قابو ڪندي چيو، ”هيءَ ٻانهن هر حال ۾ توهان کي ڏني ويندي، سر چارلس نيپيئر ديسيءَ.“
    ”ٿينڪ يو.“ سر چارلس نيپيئر ماٺ ٿي ويو.
    مئجسٽريٽ ماڻهن ڏانهن منهن ڪندي وڏي واڪ پڇيو، ”ٻيو ڪو هن ٻانهن جو دعويدار آهي؟“

    هڪ منڊڙو پوڙهو گھوڙين تي هلندو اڳتي وڌي آيو. چيائين، ”هيءَ منهنجي پٽ جي ٻانهن آهي.“
    ”ثبوت.“
    ”منهنجي دل ٿي چوي، اها منهنجي پٽ جي ٻانهن آهي.“
    ”قانون جي نگاهن ۾ دل ڪابه معنى نه رکندي آهي، اسانکي ثبوت گھرجي.“
    ”ثبوت!“
    ”ها، ثبوت.“ مئجسٽريٽ پڇيو، ”تنهنجي پٽ جو نالو ڇا هو؟“
    ”خاوند.“ وري هڪدم چيائين، ”خاوند ڏنو.“
    ”ڇا ڪندو هو؟“
    پوڙهي وراڻيو، ”لالو کيت ۾ سنڌي هوٽل جي ٻاهران پڪوڙا وڪڻندو هو.“
    ”ڪهڙو ثبوت اٿئي ته هيءَ ٻانهن تنهنجي پٽ جي آهي؟“
    پوڙهي جي اکين ۾ پاڻي تري آيو، پر سندس اکين ۾ چمڪندڙ پدري شفقت ۽ ذهانت ٻوڙي نه سگھيو. پوڙهي چيو، ”پيءُ ـــ پٽ جو رشتو ثبوت جو محتاج نه هوندو آهي، سائين. روح جي ڇڪ سندن ڪسوٽي هوندي آهي.“
    ”مان مئجسٽريٽ آهيان. فلاسفر ناهيان.“ مئجسٽريٽ چيو، ”ٻانهن حاصل ڪرڻ لاءِ توکي ثبوت ڏيڻو پوندو.“

    پوڙهو سوچ ۾ ٻڏي ويو. منهن انيڪ ليڪن ۾ وراهجي ويس. ڪجھ دير کان پوءِ چيائين، ”هڪ دفعي منهنجي هڪ گھوڙي ڀڄي پئي هئي. جيستائين ٻي گھوڙي واڍي کان ٺهرايان، تيستائين مان پنهنجي پٽ خاوند جي ٻانهن جي سهاري هلندو هوس. ها، مونکي ياد آهي. هيءَ ئي خاوند جي ٻانهن آهي. اڄ هو جيئرو هجي ها، ته توهين سندس جيئريءَ ٻانهن سان هيءَ ڪپيل ٻانهن ڀيٽي ڏسو ها، پوءِ اعتبار ڪريو ها.“
    مئجسٽريٽ کي پوڙهي جو ثبوت قانون جي دائري کان ٻاهر لڳو. هن پوڙهي کي پري ڪري بيهاري ڇڏيو. هن ماڻهن ڏانهن منهن ڪندي چيو، ”ٻيو ڪو دعويدار آهي؟“
    هڪ ڏهن ٻارهن سالن جي ڇوڪري رئي سان اکيون اُگھندي اڳتي وڌي آئي. چيائين، ”هيءَ ٻانهن منهنجي ڀاءٌ صديق جي آهي.“
    ”ڇا ڪندو هو تنهنجو ڀاءٌ؟“
    ”هو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڪلارڪ هو.“ ڇوڪريءَ چيو، ”گذريل فسادن ۾ گھران نڪتو ته ڳترا ڳترا ٿي گھر وارن کي مليو. ظالم کيس ڪُهي، وڍي، هڪ ڳوڻ ۾ وجھي راتو واھ اسان جي ڏيڍيءَ آڏو ڇڏي ويا هئا.“

    ڇوڪري اوڇنگارون ڏيئي ۽ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
    مئجسٽريٽ پڇيس، ”تو وٽ ڪو ثبوت آهي، ته هيءَ ٻانهن تنهنجي ڀاءُ جي آهي؟“
    ڇوڪري مُنجھي پيئي. روئڻ بند ٿي ويس.
    مئجسٽريٽ ورائي پڇيس، ”ٻانهن تي و داغ، ڌڪ جو نشان يا تِرُ وغيره هوس؟“
    ڇوڪريءَ جون آليون اکيون چمڪڻ لڳيون. چيائين، ”فسادن کان ٻه ڏينهن اڳ اسان سندس مڱڻو ڪرايو هو. مون سندس هٿ تي ميندي لاتي هئي. ڏسوس، ان هٿ تي ميندي ضرور لڳل هوندي.“
    مئجسٽريٽ صوبيدار ڏانهن ڏٺو.
    صوبيدار چيو، ”ٻانهن سڪي، ڪاراٺجي ويئي آهي. ٻيو ته هٿ بلڪل ڇليل آهي، رهڙجي ويو آهي. مينديءَ جو نالو نشان به ناهي.“
    ڇوڪريءَ مايوس ٿي ويئي. آليون اکيون اُگھندي پري وڃي بيٺي.
    ان کان اڳ جو مئجسٽريٽ ڪپيل ٻانهن جي ٻئي ڪنهن دعويدار کي سڏ ڪري، سر چارلس نيپيئر ديسيءَ وڏي واڪ چيو، ”اجائي جک ٿو مارين، مئجسٽريٽ موڳا.“

    ڪجھ ماڻهو ٽهه ٽهه ڪري کِلي پيا.
    مئجسٽريٽ کي خار وٺي ويا. هن ڪجھ کهري لهجي ۾ چيو، ”توهين ماٺ ڪري بيهو، سر چارلس نيپيئر ديسي.“
    ”اڙي ماٺ ڪري وري ڪيئن بيهان!“ سر چارلس نيپيئر ديسيءَ چيو، ”ٿوري دير ۾ اها ٻانهن جيئري ٿيڻي آهي. ٿوري دير ۾ وري ممڻ مچڻو آهي. ٿوري دير ۾ وري نظريه پاڪستان ۽ اسلام خطري ۾ پوڻو آهي، تنهنڪري دير نه ڪر، مئجسٽريٽ، ڀولا. اها ٻانهن مونکي ڏي ته هٿ ۾ چمچو ڏيئي ڇڏيانئس. پوءِ اها ٻانهن ڳڙبڙ نه ڪندي.“
    مئجسٽريٽ کي هڪ اٽڪل سجھي آئي. چيائين، ”سر چارلس نيپيئر ديسي، مون فيصلو ڪيو آهي ته هيءَ ٻانهن توکي ڏيئي ڇڏيان.“
    ”تو زندگيءَ ۾ پهريون دفعو صحيح فيصلو ڪيو آهي، مئجسٽريٽ ڀولا.“ سر چارلس نيپيئر ديسي چيو، ”ان ٻانهن جي هٿ ۾ چمچو اچڻ کان پوءِ، تاريخ ۾ وري ڪڏهن به هوشو شيدي پيدا ٿي نه سگھندو.“
    ”توهان بلڪل صحيح فرمايو آهي.“ مئجسٽريٽ چيو، ”توهين چمچو کڻي اچو، اسين هيءَ ٻانهن توهان جي حوالي ڪنداسين.“
    ”مان چمچو کڻي ٿو اچان.“ سر چارلس نيپيئر ديسي چيو، ”پر ياد رک، متان ڪا پرپٺ بدمعاشي ڪئي اٿئي، مئجسٽريٽ ڀولا.“

    سر چارلس نيپيئر ديسي هليو ويو.
    مئجسٽريٽ پگھر اُگي ايس پيءَ ڏانهن ڏٺو، جيڪو مٿس ذري گھٽ کِلي رهيو هو.
    مئجسٽريٽ انبوھ ڏانهن ڏسندي چيو، ”هن ڪپيل ٻانهن جو ٻيو ڪو دعويدار آهي ڇا؟“
    انبوھ مان ڪو جواب نه آيو. پُراسرار ماٺ ماحول کي ڳڙڪائي ويئي.
    هن ٻيهر پڇيو، ”هن ٻانهن جو ٻيو ڪو وارث آهي ڇا؟“
    تڏهن اوچتو، هڪ تمام ننڊڙو ٻار، جيڪو مشۡڪل سان پنڌ ڪرڻ لائق هو. اڳتي هليو آيو. هو هلندو اچي ڪپيل ٻانهن جي ڀرسان بيٺو. ٻار جو قد ڪپيل ٻانهن کان ننڍو هو. هن مئجسٽريٽ کي تمام چِٽي آواز ۽ لهجي ۾ چيو، ”مان هن ڪپيل ٻانهن جو وارث آهيان.“
    مئجسٽريٽ ۽ ايس پيءَ کان ڇرڪ نڪري ويو. ايتري ننڍڙي ٻار کي اهڙي چٽي نموني ڳالهائيندي ٻڌي ٻنهي کي بدن ۾ سياٽو محسوس ٿيو.
    ٻار چيو، ”ان ٻانهن ۽ منهنجي وچ ۾ جيڪو رشتو آهي، سو زمان ۽ مڪان جي پابندين کان آزاد آهي. مان ان ڪپيل ٻانهن جي آڱر جھلي محبت ۽ نفرت، ڪوڙ ۽ سچ جي ڇڪتاڻ ۾ ڇڄندڙ ماحول ۾ هلندو آهيان. پوءِ هلندي هلندي، جڏهن مان جوان ٿيندو آهيان، تڏهن اِها ڪپيل ٻانهن تاريخ ٿي پوندي آهي. وقت جا ويري تاريخ سان پڄي نه سگھندا آهن. هو منهنجي ٻانهن ڪپي ڇڏيندا آهن. وري ڪو ٻار ان ڪپيل ٻانهن جي آڱر جھليندو آهي، ۽ تاريخ ٺهي ويندي آهي. هيءَ ڪپيل ٻانهن منهنجي آهي، ۽ مان ئي هن ٻانهن جو وارث آهيان.“

    پوءِ ان کان اڳ جو ڪنهن کي خبر پئجي سگھي ته ڇا ٿي رهيو هو، ٻار هٿ وڌائي ڪپيل ٻانهن جي سڪل آڱر ۾ مٺ وڌي. ٻانهن صوبيدار جي هٿ مان ڇڏائجي ويئي. صوبيدار دهشت ۽ خوف کان هٽي ويو. مئجسٽريٽ ۽* ايس پيءَ ڀت سان لڳي بيهي رهيا. هر ڪو پنهنجي جاءِ تي پنڊ پهڻ ٿي ويو.
    ڪپيل ٻانهن هوا ۾ اُڀي ٿي بيٺي، ائين، ڄڻ ڪنهن غيبي انسان جي ڪلهي سان لڳل هئي. ٻار جي مٺ ٻانهن جي آڱر ۾ لوھ ٿي ويئي. ٻار وک وڌائي، ٻانهن هوا ۾ لڏڻ لڳي، ۽ ٻار جي وک وک سان وڻ لڳي. ٻانهن تي سڪل رت ۽ مٽيءَ جا چاپڙ آلا ٿيڻ لڳا. ڏسندي ڏسندي، ٻانهن مان ٽِمندڙ رت ۾ ٻار جو آڱر جھليل هٿ آلو ٿي ويو. ٻار ڪپيل ٻانهن جي آڱر جھلي اڳتي وڌندو ويو.