Latest Entries »

عشق ۽ انٽريو

مان بيروزگار هوس (اڃان به آهيان) ۽ محبت ڪندو هوس (هينئر جيڪي محبت ڪندا آهن، انهن جو ڪم خراب ڪندو آهيان.) مان پنهنجي ملڪ کي بدنام نٿو ڪرڻ چاهيان. ملڻ لاءِ نوڪريون ته جام آهن جھڙوڪ ڪنڊيڪٽري، ڪلارڪي، پٽيوالي، اردلي، ڀنگي، چهڙو وغيره پر مان ڪنهن خاص قسم جي نوڪريءَ جي ڳولا ۾ آهيان. جئين ته ڪسٽم ۾ پروينٽو آفيسر، پوليس ۾ صوبيدار، آبپاشيءَ ۾ آبدار ۽ ڪنهن آباد علائقي جو مختيار ڪار يا تپيدار. ان چڪر ۾ اڃان تائين بيڪار آهيان.

    مان، رمل ۽ ڌنو سولجر بازار ۾ ڀنگين جي پاڙي ڀرسان هڪ کڏيءَ ۾ رهندا آهيون. پيڊرو ڊسوزا روڊ تي کڏين جي قطار آهي، جتي گھڻو ڪري ڪلارڪ، ڪنوارا ۽ بيروزگار رهندا آهن. اسان جي کڏي اولهه طرف پڇاڙيءَ ۾ آهي جتان ڊسوزا روڊ جي ٻئي پاسي وارن بنگلن جي پٺ نظر ايندي آهي. ان کڏيءَ ۾ مان، رمل ۽ ڌنو گذريل ٽن سالن کان رهيل آهيون. زندگي اسان وٽ رهيل آهي. اڃان جيئرا آهيون.

    رمل ميجسٽڪ سئنيما ۾ ٽڪيٽون وۡڪڻندو آهي ۽ هڪ ڏينهن ايس. پي جو امتحان  پاس ڪري ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ جا خواب ڏسندو آهي. هر آچر تي رمل پنهنجي انڌي ضعيف ماءُ کي خط لکندو آهي ته پوڙهي تون خيال نه ڪر، خوش رهه، ايندڙ آچر تي مان ڊپٽي ڪمشنر ٿيندس ۽ تنهنجا ڏک سور لاهيندس.

    منهنجو پيءُ روهڙي ۾ دُرگي حلوائيءَ جي دڪان تي جليبيون تريندو آهي. مان کيس خط نه لکندو آهيان. هو منهنجا خط پڙهڻ کان اڳ ڦاڙي ڇڏيندو آهي. مون کيس هڪ ئي نموني جا ايترا خط لکيا آهن، جو هو خط کولڻ کان اڳ خط جو مضمون سمجھي ويندو آهي.

    اسان جو يار ڌنو فقط ڌنو آهي. مٿو ماڻهن جيترو اٿس، پر ماڻهو چوندا آهن ته ڌني جي مٿي ۾ اُٺ آهي. اسان جو به اهوئي خيال آهي ته ڌني جي مٿي ۾ نه فقط اُٺ آهي، پر هڪ ڏاند به ويٺل آهي. ڌنو درگاهي مجاور آهي ۽ خيرات جي پئسن مان ڪاليج ۾ پڙهندو آهي. گذريل ٽن سالن کان بي. اي جي آخري سال ۾ آهي. هو پنهنجي ڪورس جا سبق ياد ڪرڻ بدران، محبت جا ڊائيلاگ ياد ڪندو آهي.

    آچر جي ڏينهن رمل ’آف‘ هوندو آهي، ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٿي ڇا ڪندو، ان موضوع تي صبح کان رات تائين ڳالهائيندو رهندو آهي. اڪثر ٻڌائيندو آهي، ته پاڻ ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ کان پوءِ کڏين جي مسواڙ گھٽ ڪرائيندو، کڏين جي چرسي مالڪن کي مجبور ڪري کڏين ۾ رنگ روغن ۽ بجلي هڻائيندو ـــ سئنيما جي بڪنگ ڪلارڪن جون پگھارون وڌرائيندو ـــ قفط مارا ماري وارن فلمن جي حمايت ڪندو، ڇو جو لڙائي سان پرڀور فلمون ڏسڻ کان پوءِ قوم ۾ وڙهڻ جو جذبو ۽ جوش وڌي ويندو آهي، وغيره.

    جنهن آچر جي هيءَ ڳالهه آهي، ان آچر تي رمل پنهنجو پروگرام ٻڌائيندي ٻڌائيندي اوچتو خاموش ٿي ويو. ڪجھ دير تائين سوچيندو رهيو. اک نانگ ۾ اٽڪائي ڇڏيائين، ۽ پوءِ کاٻي هٿ جو آڱوٺو نانگ جي ڦڻ تي رکي، اکيون بند ڪري ڇڏيائين. اکيون بند ڪري پيران پير دستگير ۽ ٻن چئن مقامي پيرن کي ياد ڪيائين، جيڪي پنهنجي علائقي جا نامي گرامي پير آهن، پر بين الاقوامي شهرت حاصل نه ٿي آهي. (قفط ّخواجه غريب نواز بين الاقوامي پير آهي*.) مونکي رمل جي اها حرڪت پسند نه آئي. هٿ وڌائي سندس آڱوٺي تي ٺونگو هنيم. رمل نانگ جي ڦڻ تان هٿ کڻي ورتو، ۽ ڪرڙيون اکيون ڪندي چيائين، ”وڏو ڪو واهيات آهين، ڪاريگر . مزي سان مرڻ به نٿو ڏئين.“

    ٻيهر سنڀالي نانگ جي ڦڻ تي آڱوٺو رکي ڇڏيائين.

ڪڪ ٿيم ته چيومانس. ”يار بيزار نه ڪر رمل. جلد ڪر.“

”مرڻ ۾ جلد بازي فقط عاشق ۽ بيروزگار ڪندا آهن.“ رمل وراڻيو، ”مان مئجسٽڪ سئنيما جو بڪنگ ڪلارڪ آهيان، عاشقن جو دشمن آهيان.“

”اجائي جک نه مار.“

”مان جلدي مرڻ نٿو چاهيان. مان ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ ٿو چاهيان.“

”وڃي ڇائي پاءِ.“ مان اٿي کڙو ٿيس.

رمل مونکي ٽنگ کان وٺي سَٽ ڏيئي ويهاري ڇڏيو. چيائين ”ڪيڏانهن ٿو وڃين ڪاريگر. اڄ آچر آهي. اڄ هرڪا شيءِ سست آهي. زندگي، ٽريفڪ، موت ۽ محبت سڀ سست آهن.“

”تون پنهنجي بڪواس بند ڪر. سخت بور ڪيو اٿئي.“

”آچر ڏينهن هرڪا شيءِ بور ۽ بيٺل هوندي آهي. رڳو ريس ڪورس جا گھوڙا ڊوڙندا رهندا آهن.“

وراڻيم، ”تون ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ وارو آهين، تنهن ڪري تقرير ڪرڻ کان رهي نه سگھندين.“

”اڙي نه نه. ترس ظالم، ترس.“ رمل مون کي ٻانهن کان ڇڪيندي چيو. ”مون ٻن سالن کان بوٽ نه پاتو آهي. مون کي ڀلا بوٽ وٺي ڏيندين.“

”اڄڪلهه رشوت وانگر بوٽن جو ملهه به وڌي ويو آهي. ايندڙ ڏهن سالن تائين تون ۽ مان بوٽ پائي نه سگھنداسين.“

”ڀلا سليپر وٺي ڏيندين؟“

”سليپر جي قيمت هن کڏيءَ جي مسواڙ، راڌا ڀنگياڻيءَ جي ريٽ جيتري آهي.“

”ڀلا چمپل.“ رمل منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وجھندي چيو، ”ڏس ڪاريگر، منهنجو چمپل تنهنجي دل وانگر ڇڳل کٿل آهي.“

”ڏاڍو ڪو واهيات آهين رمل.“

”سچ ٿو چوان ڪاريگر، مونکي هڪ چمپل جي سخت ضرورت آهي.“

”ڪنهن مسيت مان وڃي چوراءِ.“

”ائين به جيڪر ڪيان، پر خدا کان وڌيڪ پوليس واري جو خوف ٿو ٿيم،“ رمل ٻيهر منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وجھندي چيو، ”وٺي ڏيندين ڪاريگر؟“

”مان بيروزگار آهيان.“

”تون بيروزگار آهين، پر قسمت جو ڌڻي آهين.“

”نه يار هوءَ سڀاڻي صبح جو هلي ويندي.“

”ڪجھ ڏيئي ته ويندءِ.“

هن چيو ۽ مان خاموش رهيس. دل جون ڪنگريون ڪِري پيون. رمل ڏانهن ڏٺم. هو مون ڏانهن ڏسي رهيو هو.

چيائين، ”خدا ته ڄاڻي ٿو، پر تون به ڄاڻين ٿو ته مون کي هڪ چمپل جي سخت ضرورت آهي.“

”وٺجانءِ.“

    ”جيئي تنهنجي محبت ۽ محبوبه.“ رمل خوش ٿي نعرو هنيو. آڱوٺو نانگ جي ڦڻ تان کڻي ورتائين. ڇڪو ڪاٺ جي گلاسڙيءَ ۾ وجھي زور زور سان لوڏڻ لڳو. ٻه اچنس ته نانگ. چار ته پار. گلاسڙيءَ لوڏيندي، ٻن چئن مقامي ۽ بين الاقوامي پيرن مرشدن کي ياد ڪري ڇڪو قلابازيون کائيندو، ٿڙندو، رڙهندو نانگن ۽ ڏاڪڻين جي وچ ۾ بيهي رهيو.

    رمل جي منهن جو پنو لهي ويو. پنهنجي ڳوٽ اٺانوي تان لاهي ستاويهين خاني ۾ آڻي بيهايائين، هڪ اونهو ساھ کڻندي چيائين، ”يار ڇڪي جو هڪ پاسو خالي به هجي ها، بلڪل خالي، اسان جي زندگيءَ جھڙو خالي.“

    ”۽ نوڪريون جيڪڏهن jack بدران ڇَڪي تي ملن ها، ته پوءِ هميشه ڇَڪي جو خالي پاسو اسان جي حصي ۾ اچي ها.“

رمل راند تان اٿي ويو. پاٺو کڻي کٽ تي اڇلايائين.

پڇيائين، ”سڀاڻي تنهنجو انٽرويو آهي نه، ٻارن روڪائڻ واري مهم ۾ ڪنهن پوسٽ لاءِ؟“

”تياري ڪئي اٿئي؟“

”ها. ٻارن جا سڀئي رسالا پڙهي دل سان هنڊايا اٿم.“

رمل هڪ پير کٽ جي پاٽيءَ تي رکندي چيو، ”مان تنهنجو ڪچو انٽرويو ٿو وٺان. سمجھه ته مان انٽرويو بورڊ جو ميمبر آهيان.“

انٽرويو بورڊ جا ميمبر ٿلها، بندرا ۽ ٺوڙها هوندا آهن. تون هينڊسم آهين.“

” take it granted~~`“ رمل چيو، ”سمجھ کڻي ته مان انٽرويو جو ميمبر آهيان، ۽ توکان سوال ٿو پڇان.“

”Yes Sir“

”تون ٻار گھٽ پيدا ڪرڻ لاءِ ڪهڙا اُپاءُ تجويز ڪرين ٿو؟“ رمل کهري ۽ ڪڙڪيدار آواز ۾ ڳالهايو.

مان منجھي پيس. هڪ ٻن ڪنٽراسيپوٽوز جا نالا ٻڌايامانس، پر کيس جواب پسند نه آيو.

”Rejected“، بلڪل عام ۽ واهيات جوب ڏنو اٿئي،“ رمل ڪنهن سخت ميمبر جو نقل ڪندي چيو، ”معقول ۽ عمل ۾ ايندڙ تجويز ٻڌاءِ.“

ڪجھ دير سوچڻ کان پوءِ چيم، ”Sir، ملڪ ۾ عورتن بدران کدڙن کي ترجيح ڏني وڃي. جيڪڏهن خواجه سرائن سان شادي جائز قرار ڏني وڃي، ته جيڪر ٻار پيدا ٿيڻ ئي بند ٿي وڃن.“

”Silly“ رمل کل روڪيندي ڳالهايو، ”پٽ ڪاريگر، جيڪڏهن اهو جواب انٽريو بورڊ کي ڏنو اٿئي ته پوءِ بورڊ وارا توسان به اُهائي جٺ ڪندا، جيڪا هٽلر يهودين سان ڪرائي هئي.“

”Sir، مون کي صحيح جواب کان آگاھ ڪيو وڃي.“

”O.K.“، رمل آفيسرن جي انداز ۾ ڳالهائيندي، ڀڳل ريڊيو جھڙي آواز ڪڍيو، چيائين، ”ان سوال جو جواب آهي، ته مردن کي عورتن خلاف ۽ عورتن کي مردن خلاف هر پليٽ فارم تي ڀڙڪايو وڃي، جھڙوڪ، سياسي پليٽ فارم، سماجي پليٽ فارم، ازدواجي پليٽ فارم، ريلوي پليٽ فارم وغيره. ٻنهي گروهن ۾ هڪ ٻئي لاءِ نفرت پيدا ڪئي وڃي. جڏهن مرد ۽ عورتون گڏ سمهندا ئي نه، ته پوءِ ٻار پيدا ٿيڻ جو سوال ئي نٿو اُٿي.“

”واھه، رمل، واھه“ رمل جي پٺي ٺپيندي چيم، ”واھ جو جواب ڏنو ٿئي. بدبخت تون به اپلاءِ ڪرين ها نه.“

”مان ٿيندس ته ڊپٽي ڪمشنر، نه ته مئجسٽڪ سئنيما ۾ ٽڪيٽون وڪڻندو رهندس،“ پوءِ رڌڻي ڏانهن ويندي چيائين، ”مون کي چڪن بريانيءَ جو به خيال رکڻو آهي. مان وڃانءِ ٿو.“

رمل رڌڻي ڏانهن هليو ويو. کڏيءَ ۾ مان رهجي ويس ۽ منهنجي اڪيلائي. کڏيءَ ٻاهران ڪٽهڙي وٽ ڌنو محبت جو ڊائلاگ ياد ڪري رهيو هو. مون ڌني کي ڊسٽرپ ڪرڻ نه چاهيو، ۽ کيس محبت جا ڊائيلاگ ياد ڪرڻ لاءِ ڇڏي ڏنم. رڌڻي مان ڪفگير ۽ ديڳڙيءَ جي جلترنگ سان گڏ رمل جي ڳائڻ جو آواز اچي رهيو هو، جنهن ۾ هو ڪڪڙ جي تعريف ڪري رهيو هو.

انٽرويو جي پڪي تياري ڪئي هيم، پر تڏهن به دور ڪرڻ لاءِ شيلف تان ٻارن جا رسالا لاهي، فرش تي تڏو وڇائي ويهي رهيس.

بي انت نوڪرين لاءِ (خاص قسم جون) بي انت انٽرويو ڏيندي ڏيندي سمجھي ويو آهيان، ته عام معلومات General Knowledge جا ڪتاب جھڙوڪ: Pear’s Encyclopedia ۽ Encyclopedia Britannica، ڊوگر جو جنرل ناليج، ٽائيمس مئگزين وغيره بيڪار ۽ بيسود ڪتاب آهن، ۽ ڪم جا ڪتاب آهن بچون ڪي دنيا، کلونا، گل ڦل (جيڪو ناياب ۽ قلمي ڪتابن وانگر ڪڏهن ڪڏهن نظر ايندو هو، ۽ اڄڪلھه ”اِنا لله وَ اِنا اليه راجعون“ ٿي ويو آهي) ۽ هالا سنڌ مان نڪرندڙ ٻارن جا رسالا. نوڪرين لاءِ انٽرويو ۾ جيڪي به سوال پڇيا ويندا آهن. انٽرويو ۾ هن قسم جا سوال پڇيا ويندا آهن: گنجن کي مٿي تي وار ڇو نه ٿيندا آهن. گڏھ ڳالهائي ڇو نه سگھندا آهن. عاشق، محبت ۾ برباد ٿيڻ کان پوءِ فلمي گانا ڇو ڳائيندا آهن. يا، موهن جي دڙي جو پهريون چيف انجنيئر ڪير هو ۽ هن رشوت جي پيسن مان ڇا ڇا اڏايو هو ۽ ورتو هو. راوڻ جو قد ڪيترو هو. انسان ۽ سوئر ۾ بنيادي مشابهت ڪهڙي آهي، وغيره.

پر ڪڏهن ڪڏهن انٽرويو ۾ اهڙا ته خوفناڪ سوال پڇندا آهن، جن جا جواب شايد انٽرويو بورڊ جي ميمبرن کي به نه ايندا هوندا.

    هڪ دفعي ڪلارڪيءَ (خاص کاتي جي) واري انٽرويو ۾ هڪ ميمبر، ڪنهن سنڌي سياستدان وانگر واڇ چٻي ڪندي پڇيو هو، ”شاھ ايٿوپيا، شهنشاھه هيل سلاسيءَ جي ساليءَ جو نالو ڇا آهي؟“

مان منجھي پيو هوس. سڄو جنرل ناليج ڪنن مان سيٽيون وڄائيندو نڪري ويو هو. سنڌي سياستدان جھڙو ميمبر کلڻ لڳو هو.

الاءِ ڇو ۽ الاءِ ڪيئن وراڻيو هئم ته، ”اجھو ڪجھ مهينا اڳ، هيل سلاسيءَ جي باڊي گارڊ ڇويھ ميلن جي ڊوڙ ۾ دنيا جو نئون رڪارڊ قائم ڪري، ڪارن جو ڪنڌ اوچو ۽ اڇن جو نيچو ڪري ڇڏيو آهي.“

”اسان تو کان سلاسيءَ جي ساليءَ جو نالو پڇيو آهي.“

ٿڌو ساھ کڻي وراڻيو هئم، ”سائين شهنشاھ هيل سلاسيءَ جي ساليءَ جو نالو هيل سالي سلاسي آهي.“

منهنجو جواب ٻڌي، انٽرويو بورڊ جا ميمبر پنهنجين پنهنجين ڪرسين تان ائين کڄي ويا، ڄڻ ته ڪرسين جي ڪشن جا اسپرنگ ڇڏائجي، سندن ويهڪن ۾ وڃي لڳا هئا. سڀئي حيرت مان هڪ ٻئي جو منهن تڪڻ لڳا هئا. منجھائن جيڪو وڌيڪ بندرو، گنجو ۽ مشڪرن جھڙو هو، تنهن پڇيو، ”توکي ڙي ڪيئن خبر پيئي ته هيل سلاسيءَ جي ساليءَ جو نالو هيل سالي سلاسي آهي؟“

ادب سان وراڻيو هيم، ”سائين، مان هيل سلاسيءَ جو ساليءَ جو غلام آهيان.“

ان جواب تي مون کي به جواب ملي ويو هو ۽ نوڪري نه ملي هئي.

پر هڪ دفعي ذري گھٽ نوڪري (خاص کاتي ۾) ملندي ملندي رهجي وئي هئي. ان دفعي مون انٽرويو ۾ ڏاڍا ٺاهوڪا ۽ ٺهڪندڙ جواب ڏنا هئا. ٻارن جي رسالي مان جيڪي ڪجھ ياد هئم، مغز مان ڪڍي ميمبرن آڏو رکيم. ميمبرن به مون کي منجھائڻ ۾ ڪسر نه ڇڏي، پر مون به تياري تيارين جھڙي ڪئي هئي. ڪٿان ٿو وَرِ چڙهان! مون کين آمريڪا جي مرحوم و مغفور صدر حضرت جان ايف ڪينيڊيءَ جي بيگم محترم جيڪولين ڪينيڊيءَ جي جسماني خدوخال کان وٺي صدر ناصر جي خار، پوليس جي مار ۽ جمعو ڪينياتا جي بلڊپريشر تائين ٺهڪندڙ جواب ڏنا. پوءِ منجھائن جيڪو چيئرمين هو ۽ دفتريءَ مان ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿيو هو، تنهن چروٽ  وات ۾ وجھي، مون کي سوال سان منجھائي ڇڏيو هو. پڇيو هئائين، ”انگريزي فلمن ۾ سيڪرٽ ايجنٽ کي گولي ڇو نه لڳندي آهي ۽ طاقتور بدمعاش کيس ڇو نه پڄي سگھندا آهن؟“ ڪجھ دير سوچڻ کان پوءِ وراڻيو هئم، ”ان جا ٻه سبب آهن Sir. هڪ ته فلمي بندوقون خالي ۽ ڪوڙيون هونديون آهن ۽ فقط ڦٽاڪن جھڙا آواز ڪنديون آهن. ٻيو ته سرزمين تي شوٽنگ مهل پروڊيوسر، ڊائريڪٽر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، ڪئميرامين، وغيره موجود هوندا آهن ۽ هيرو صاحب کي مار کائڻ نه ڏيندا آهن.“

منهنجو جواب ٻڌي هڪ ميمبر حيرت مان پڇيو هو، ”ڀانئجي ٿو تون سيڪرٽ ايجنٽ آهين.“

”No Sir“ عرض ڪيم، ”مان بيروزگار آهيان ۽ نوڪريءَ لاءِ ڪينڊيڊنيٽ آهيان.“

ساڳئي ميمبر پڇيو هو، ”تجربو اٿئي؟“

”ڇا جو، مارا ماريءَ جو؟“

”نوڪريءَ جو.“

”نوڪري ملڻ کان اڳ تجربو ڪٿان ايندو!“

ميمبرن کي ڪجھ ڪجھ ڪاوڙ لڳي. هڪ پڇيو، ”سڄو ڏينهن ڇا ڪندو رهندو آهين.“

”نوڪرين ۽ ٽپال کاتي جا اشتهار پڙهندو آهيان، پنجابي فلمن جا گانا ڳائيندو آهيان، ۽ رات جو ڪنهن خاص کاتي ۾ نوڪريءَ جا خواب ڏسندو رهندو آهيان.“

”You are Dangerous“

”No sir, I am harmless“
(مٿيان ٻئي جملا سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي نٿا سگھن.)

”پيٽ ڪئين پاليندو آهين.“

”منهنجو هڪ دوست سئنيما ۾ ٽڪيٽون وڪڻندو آهي ۽ ٻيو مجاور آهي. مان ٻنهي جي رحم و ڪرم تي آهيان.“

”چئبو ته تون بلڪل نڪمو آهين.“

”نه سائين. مان بنگالي ٻولي سکندو آهيان، جئين تومي اماڪي گھيرينا ڪارو بولائي، امي تو ماڪي ڀالو ڀاشي.“ ڪئين پسند آيو جملو.“

”ڀلا اردو ٻولي به ڄاڻين؟“ (انٽرويو انگريزي ۾ هلي رهيو هو.)

”ها فلمن جي ذري گھٽ سڀئي ڊائلاگ سمجھي ويندو آهيان.“

پوءَ ميمبرن پاڻ ۾ صلاح ڪئي هئي. (اميدوارن کي ٿڏي تي جواب پئي ڏنائون) جڏهن چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪري رهيا هئا، تڏهن هنن مان جيڪو وڌيڪ ٿلهو هو، تنهن چيو، ”هن نوڪريءَ ۾ توکي سڄو ڪم اردو ۾ ڪرڻو پوندو. جئين ته توکي اردو چڱي طرح نٿي اچي، تنهن ڪري اسان توکي نوڪريءَ ۾ نه کڻنداسين.“

    منهنجا ڇهه ڇڄي پيا. دل آهه ڪئي. چپ ٽڙڪي اٿيا، ۽ وراڻيو هئم، ”سائين، منهنجي پيءُ کي انگريز مائي باپ ان ڪري نوڪريءَ ۾ نه کنيو هو، جو منهنجو پيءُ انگريزي ڪونه ڄاڻيندو هو. توهان مونکي نوڪريءَ ۾ ان لاءِ نٿا کڻو، جو مان اردو نٿو ڄاڻان. ڪٿي ائين ته ناهي انگريز سوٽ لاهي، شيرواني پائي موٽي آيا آهن.“

ميمبرن کي سخت بڇان لڳي. ساڳئي ٿلهي ميمبر چيو هو، ”تون بلڊي فول آهين. سمجھ کان ڏيوالو آهين ۽ تنهنجو general knowledge به ڪمزور آهي.“

    ”ڪئين ڪمزور آهي!“ هڪدم وراڻيو هئم،“ ”مان عورت جي چالاڪي ۽ مرد جي بيوفائيءَ کان وٺي مذهب جي مام ۽ سياست جي زهر تائين هر هڪ موضوع تي ڳالهائي سگھان ٿو.“

    ٿلهي ميمبر منهنجين اکين ۾ گھور ڪندي پڇيو هو، ”ڀلا ٻڌاءِ، هاٿيءَ جا ڏند ڏيکارڻ لاءِ هڪڙا کائڻ جي لاءِ ٻيا ڇو هوندا آهن؟“

ڪهڙو جواب ڏيانس ها! وراڻيو هئم، ”سائين، مان پنهنجي گذريل جنم ۾ ڏاند هوس. منهنجي ماضيءَ جا آثار موهن جي دڙي مان به مليا آهن. مان توهان جي سوال جو جواب ڏيئي نٿو سگھان.“

ٿلهي ميمبر ڪرسيءَ تان اٿي مون کي ٻانهن کان اچي ورتو هو. سٽ ڏيئي در تائين وٺي ويو هو، ۽ ٻاهر ڌڪو ڏيندي چيو هئائين، ”تون بلڊي فول آهين، ۽ ايندڙ هڪ هزار سالن تائين نوڪري ڳولي نه سگھندين.“

ان ڳالھ جو مون کي ڏک ٿيو هو ۽ مون ان ڏينهن کا زور شور سان ٻارن جا رسالا پڙهڻ ۽ پڙهي دل سان هنڊائڻ شروع ڪيا آهن. (اڳ فقط سرسري پڙهندو هوس.)

ٻارن روڪائڻ واري مهم ۾ نوڪري هٿ ڪرڻ لاءِ ٻارن جي هڪ رسالي مان هاٿيءَ تي مضمون حفظ يعني ياد ڪري رهيو هوس، جو ڪنهن منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو. منهن ورائي ڏٺم، مائيڪل بيٺو هو ۽ چئينگم (سنڌيءَ ۾ چيغم) چٻاڙي رهيو هو.

مائيڪل سولجر بازار جي ڪرستان ٻارن جو داداگير آهي، ۽ سڄو ڏينهن گھٽين ۾ سائيڪل هلائيندو آهي.

چيائين، ”That lousy woman wants to see you“ (هوءَ ڇسي عورت توسان ملڻ چاهي ٿي.)“

”Do not be silly“ (واهيات نه ٿيءُ.)‘

“””I am sorry Chum“ (مونکي افسوس آهي، يار.)“

زرينه جو نياپو کڻي آيو هو. دل عشق ۽ انٽرويو جي وچ ۾ گھڙيال جي لڏڪڻي وانگر لڏڻ لڳي. ٻارن جا رسالا شيلف تي رکي ڇڏيم.

مائيڪل پڇيو، Why don’t you are read comics“

ٻڌايومانس ته مون انٽرويو جي تيار پئي ڪئي، نه ڪي لطيفا پئي پڙهيم.

مائيڪل کي منهنجي ڳالھ سمجھ نه آئي. ان جو اظهار انگريز ايڪٽرن وانگر ڪلها لوڏي ڪيائين.

مائيڪل هليو ويو.

    مون کڏيءَ جي پوئين دريءَ مان ٻاهر نهاريو، جتان پيڊرو ڊسوزا روڊ جي پوئين پاسي وارن بنگلن جي پٺ نظر ايندي آهي. اسان جي کڏيءَ جي سامهون جيڪب آباد جي هڪ ڪراڙي زميندار جو بنگلو آهي. پاڻ سال ۾ فقط آگسٽ جو مهينو گذارڻ ايندو آهي. باقي يارهن مهينا بنگلي ۾ سندس دوست، سرڪاري آفيسر *۽ پوليس وارا شراب پيئندا، جوئا ڪندا ۽ پيشو ڪرائيندڙ عورتون آڻيندا آهن.

    زميندار سٺ سالن جو آهي ۽ وارن، مڇن ۽ ڏاڙهيءَ کي ”جوڪر ڇاپ“ خضاب لڳائي، قدرت کي شھه ڏيندو آهي. سندس زال، زرينه، سورهن سالن جي آهي ۽ سانوري ۽ سهڻي آهي.

    سنڌي زميندار صاحب جڏهن حڪيمن جا نسخا ۽ ڪشتا آزمائڻ لاءِ سوسائٽيءَ جا اڏن ۽ ڪراچيءَ جي مهذب ۽ فيشن ايبل هوٽل ڏانهن هليو ويندو آهي، تڏهن زرينه بنگلي جي پوئين پڌر ۾ اچي بيهندي آهي. ڏسي وٺانس ته دريءَ مان اولڙ هڻانس، نه ته هوءَ پاڻ ئي مائيڪل هٿان نياپو ڪندي آهي. مائيڪل کي سولجر بازار جي سڀني عاشقن جي خبر آهي. ايتري قدر جو کيس پنهنجن ٽن ڀينرن جي پندرهن عاشقن جي به خبر آهي. تنهن ڪري مائيڪل هٿان نياپو موڪلڻ ۾ زرينه حجاب نه ڪندي آهي.

    مائيڪل نياپو ڏيئي، سائيڪل تي چڙهي هليو ويو. مان کڏيءَ مان نڪري، ڪٽهڙي وٽ آيس. ڌنو، اسان جو يار، محبت جو ڊائلاگ ياد ڪري رهيو هو.

    ڌني کي ڳالهائڻ ۾ هٻڪ آهي. لفظ کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندو آهي. هڪ دفعي هڪ ٽائيپسٽ ڇوڪريءَ تي عاشق ٿي پيو هو. رمل کيس چيو هو ته جڏهن ڇوڪري وٽانئس اچي لنگھي، تڏهن هو جذباتي لهجي ۾ چئي وڃي ته، ”مان توسان محبت ڪيان ٿو“ ۽ ان لاءِ آگاھ ڪيو هئائينس، جيئن ته اڄڪلھه سينڊلن ۾ لوهي چنهنبائي کڙيون هونديون آهن، تنهن ڪري ڊائلاگ چوڻ وقت ڌني کي مٿي تي پراڻو فولادي ٽوپلو، تئو يا ديڳڙي هئڻ گھرجي. ڌني کي رمل جي پهرين ڳالھ سمجھ ۾ آئي هئي ۽ ٻي نه. پوءِ جڏهن ڇوڪري ڌني جي ڀرسان لنگھي هئي. تڏهن ڌني چوڻ شروع ڪيو هو، مممان تنتو سسا مححببت ڪڪڪيان ٿٿٿو. جيستائين ڌني ڊائلاگ پورو ڪيو تيستائين ڇوڪري کانئس اڌ ميل کن پري هلي وئي هئي. ان ڏينهن ڌني کي ڏاڍو ڏک ٿيو هو ۽ هن رات جي ماني نه کاڌي هئي (ٻئي ڏينهن صبح جو ڊبل نيرن ڪئي هئائين.)

    ان ڏينهن کان ڌنو واندڪائيءَ جي وقت ۾ ڪونه ڪو محبت جو ڊائلاگ ياد ڪندو رهندو آهي. مان جڏهن ڪٽهڙي وٽان لنگھيس تڏهن ڌنو ياد ڪري رهيو هو، ”ممان مممحبت. . . .“

    ”نه يار نه.“ سندس ڪلهي تي هٿ رکندي چيم، ”چئه ته، مان، منهنجي آرزو، مان توسان محبت ڪيان ٿو، تون منهنجي روح، منهنجي زندگي، منهنجي ڪائنات آهين.“

    ڌني منهن ورائي منهنجين اکين ۾ نهاريو. ڪجھ چوڻ چاهيائين پر چئي نه سگھيو. تڏهن اوچتو سندس چپ ڪنبڻ لڳا ۽ اکين ۾ پاڻي تري آيس.

    ڏوري کي جھليندي، دلداري ڏيندي چيومانس، ”دل نه لاھ ڌنا، مان تو کي محبت جا اهڙا اهڙا ته گر ڏسيندس جو چالاڪ کان چالاڪ عورت به تنهنجي دام ۾ ڦاسي پوندي.“

رڌڻي جي جاري مان رمل پڇيو، ”ڪيڏانهن ٿو وڃين ڪاريگر؟“

”سرحد پار.“

”چڪن برياني ته ٺري ويندي.“

”اجھو ٿو موٽان.“

”ڏھ منٽ؟“

”ها، ڏھ منٽ؟“

کڏيءَ مان نڪري پيڊرو ڊسوزا روڊ تي اچي بيٺس. روڊ مان ڦٽندڙ گھٽين ۾ مائيڪل پنهنجن ساٿين سميت سائيڪل هلائي رهيو هو. پريان ئي هٿ لوڏيائين. رستو پار ڪندي هٿ لوڏي کيس جواب ڏنم.

زرينه پوئين در جي وٿيءَ مان آهستي آهستي چيو، ”الا ڪيڏو نه سڪايو ٿئي.“

”سچ!“

”توهان ڪراچيءَ وارا ڏاڍا سنگدل آهيو.“

”ڪراچيءَ وارا! ٻيو ڪوبه آهي ڇا؟“

”ڏاڍو ڀورو ٿو ٿئين! شيطان!“

”شيطان سڏيو اٿئي، تنهن ڪري پاڻ کي خوش نصيب ٿو سمجھان.“

وٿي وڌائيندي چيائين، ”اندر اچ ته ڪو ڏسي نه وٺي.“

اندر ويس. هن در بند ڪري ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. منهن ورائي مونکي ڳراٽڙي پاتائين.

چيائين، ”منهنجي قرب لاءِ تو وٽ تَر جيترو به قرب ڪونهي.“

”آهي، ڇو نه آهي!“

”ڪوڙا.“

هوءَ مون کي ٻانهن کان ڇڪيندي ڪمري ۾ وٺي وئي. مون کي پلنگ تي ليٽائي، پاڻ پاسي واري ڪمري ڏانهن هلي وئي.

پلنگ جي پاسي سائيڊ بورڊ رکيل هو، جنهن تي ڪنهن ڪراڙي جي فريم ۾ جڙيل تصوير رکي هئي. هڪ نظر ۾ ڀانيم ته منهنجي ڏاڏي جي تصوير هئي. پاسو ورائي غور سان تصوير ڏانهن ڏٺم. نه. تصوير منهنجي ڏاڏي جي نه، پر زرينه جي زميندار مڙس جي هئي. تصوير جي پاسي ۾ ميڪ اپ جو سامان، ۽ مردانه طاقت وڌائڻ، پيدا ڪرڻ ۽ ديرپا جٽاءِ لاءِ دوائن جون ٻه چار شيشون رکيو هيون. ”بيمثال“ ڪيپسولن جي شيشي کڻي استعمال ۽ ترڪيب جو اشتهار پڙهڻ لڳس. سوچيم، سڀاڻي انٽرويو آهي، متان ڪو مت جو ماريل ٺوڙهو ميمبر انهن ڪيپسولن جي باري ۾ سوال پڇي ويهي! هڪدم هٿ وڌائي ”سلاجيت“ گورين جي شيشي کڻي، گورين جا حيرت انگيز ڪارناما پڙهڻ لڳس. زرينه ڪمري ۾ موٽي آئي. ان وقت مان ”نائيٽ پلز“ جي تعريف پڙهي رهيو هوس، جنهن تي آدمخور چيتي جي تصوير ٺهيل هئي. زرينه کان پڇيم، ”هي دوائن کائڻ کان پوءِ، ماڻهو انسان مان ڦري جانور ٿي پوندو آهي ڇا؟“

جھٽ ڏيئي شيشي منهنجي هٿ مان ڦري ورتائين. چيائين، ”توکي وري هنن ڪنين گورين جي ڪهڙي گھرج!“

جواب ڏيڻ لاءِ وات کوليم ته هن هڪ گلاب ڄمون منهنجي وات ۾ وجھي ڇڏيو، ۽ ڀرسان ئي پلٿي ماري، پلنگ تي چڙهي ويٺي.

گلاب ڄمون اُڳري، اوڳرائي ڏيئي، نڙي صفا ڪندي چيم، ”تنهنجو مڙس منهنجي ڏاڏي جيڏو آهي.“

زرينه هڪ ٻيو لڏون منهنجي وات ۾ وجھندي وراڻيو، ”منهنجي گھر واري کي ٽين زال مان جيڪا ڌيءَ آهي، سا مون کان وڏي آهي.“

لڏون کائي رهيو هوس ته هن حبشي حلوي جو ٽڪر مون ڏانهن وڌايو. کيس منع ڪيم، ”نه نه ترس. اڄ اسان چڪن برياني رڌي آهي. مان هيءَ مٺائي پنهنجي کڏيءَ ۾ کڻي ويندس  وڃي دوسرن سان کائيندس.“

هن حبشي حلوي جو ٽڪر مٺائيءَ جي پيتيءَ ۾ رکندي پڇيو. ”چڪن برياني ڇا هي؟“

”ڪڪڙ جو پلاءُ.“

”ڪنهن رڌو آهي؟ تو؟“

”رمل.“

”اهو رمل ڪير آهي؟“

”رمل منهنجو سنگتي آهي *۽ ايندڙ آچر تي ڊپٽي ڪمشنر ٿيندو؟“

”تپيدار نه ٿيندو؟“

”نه. کيس هڪ رات ۾ تاج محل ٺهرائڻ جي تمنا ناهي.“

هوءَ منهنجي ڀر ۾ ليٽي پيئي ۽ آڱرين سان منهنجن وارن ۾ ڦڻي ڪرڻ لڳي.

مون اکيون بند ڪري ڇڏيون. کن رکي چيم، ”هن ڪمري ۾ ڇھه دريون، اٺ روشندان، ۽ ٻه در آهن. آهن نه؟“

”ڇو؟ ڀڄي ويندين ڇا؟“

”چري، سڀاڻي مون کي انٽرويو ڏيڻو آهي.“ وراڻيم. ”پنهنجي Observation يعني مشاهدي جو امتحان پئي ورتم.“

”اهو انٽريٽ ڇا آهي؟“

”ڪجھ ٺوڙها، پوڙها ۽ سياڻا ماڻهو، اسان بيروزگارن ۽ ڀوڪن کي نوڪريءَ ۾ رکڻ کان اڳ کانئن حساب ڪتاب وٺندا آهن. ان سموري جٺ کي انگريزي ۾ انٽرويو چئبو آهي.“

”آئي مان مٺيس! الاءِ ڇا چئي وئين!“

”نه سمجھيئه؟“

”نه.“

”چڱو جو نه سمجھيئه،“ وراڻيم، ”اها اسانجي ئي سمجھڻ جي ڳالھ آهي.“

زرينه خاموش رهي. مون اکيون بند ڪري ڇڏيون. هوءَ منهنجن وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي رهي.

پڇيومانس، ”تنهنجو ڏاڏي جيڏو مڙس ڪيڏانهن ويو؟“

خفي ٿيندي وراڻيائين، ”مون کي گنهگار ته نه ڪر.“

”۽ هي جو مان تو سان گڏ سمهيو پيو آهيان، سو ڄڻ ــــــــــــ“

هن مون کي جملو پورو ڪرڻ نه ڏنو ۽ منهنجي وات تي هٿ رکي ڇڏيائين.

ڪجھ دير رکي، گھٽيل آواز ۾ چيائين، ”اسان سڀاڻي صبح جو جيڪب آباد موٽي وينداسين.“

”سڀاڻي صبح جو مون کي انٽرويو ڏيڻو آهي.“

ڪو وقت ٻئي خاموش رهياسين. پوءِ جھيڻي آواز ۾ ڳالهيائين، ”اسان ايندڙ اونهاري موٽي اينداسين. تون مون کي ڏاڍو ياد ايندين.“

هوءَ اڳتي سري آئي ۽ پنهنجو منهن منهنجي ڪلهي تي رکي ڇڏيائين.

کانئس پڇيم، ”جيڪب آباد سڀ کان وڌيڪ گرمي ڪهڙي ڏينهن پئي هئي ۽ ان ڏينهن ٽمپريچر ڪيترو هو؟“

”ڏاڍي گرمي ته پوئين ٻڪر واري عيد ڏهاڙي پئي هئي.“ هن وراڻيو، ”ان ڏينهن اسان جا ٻه ڪتا ۽ هڪ ڪڙمي ڪاٺيون ڪندي مري ويو هو. پر اهو مُئو ٽپريچر ڇا آهي؟

”ٽمپريچر معنى بخار.“

”ان ڏينهن ڪنهن کي به بخار نه ٿيو هو.“

پوءِ هن ڪيتريءَ دير تائين مون کي پنهنجين ٻانهن مان نه ڪڍيو. چيائين، ”تون گذريل سال کان ڏٻرو ٿي ويو آهين.“

وراڻيم، ”ڏٻرا ڍور ٿيندا آهن. مان ماڻهو آهيان، ڳري ويو آهيان.“

”تون روز مکڻ ۽ بسري ڀوري کائيندو ڪر.“

”حاضر، ٻيو ڪو حڪم.“

”ڪڪڙ، تتر ۽ ڦاڙهي جو گوشت جام کائيندو ڪر.“

”ٻيو ڪجھ؟“

چوندي رهي، ”توهان شهري ماڻهو ڊالڊو گھه کائيندا آهيو. تون نه کائيندو ڪر. تون سنڌ جو سچو گھه کائيندو ڪر.“

”حاضر.“

اوچتو پڇيائين، ”مون کي وساري ته نه ڇڏيندين؟“

”نوڪري ملي ويئي ته پوءِ نه وساريندومانءِ.“

ٻاهرين در تي کڙڪو ٿيو.

هوءَ ڇرڪ ڀري اٿي بيٺي. چيائين، ”ڀايان ٿي هو اچي ويا آهن. تون وڃ.“

”مٺائي جو دٻو کڻي وڃان؟“

”ها.“ سائيڊ بورڊ جي خاني مان نوٽن جي مٺ ڀري منهنجي کيسي ۾ وجھندي چيايئن، ”جيئرا رهياسين ته ايندڙ سال ملنداسين.“

”مان جيئرو هوندس. ان جي مون کي پڪ آهي. تون منهنجو خيال نه ڪر.“ وراڻيم، ”مصيبتون مون کي مرڻ نه ڏينديون.“

هوءَ مون کي پڌر جي پوئين در تائين ڇڏڻ آئي. اکين ۾ آب هئس. چيائين، ”شل صوبيدار ٿئين.“

”واھه، پوءِ ته مان تنهنجي مڙس جو سنگتي ٿي پوندس.“

چيائين، ”اچ ته موڪلايون.“

موڪلايوسين. مون کيس پنهنجين ٻانهن ۾ کڻڻ چاهيو، پر کڻي نه سگھيس. پڇيم، ”تنهنجو وزن اڍائي سؤ پائونڊ کن ٿيندو؟“

”الاءِ، پر ٽن مڻن کان مٿي نه ٿينديس.“ هن مون کي پنهنجين ٻانهن ۾ ڀيڪوريندي چيو.

چيم، ”زور نه ڏجانءِ، مون کي سڀاڻي انٽرويو ڏيڻو آهي.“

زرينه مون کي پنهنجي ڀاڪر مان آزاد ڪيو. مان ڊور پائي، بلٽ کولي، پيڊو ڊسوزا روڊ تي وڃي بيٺس.

    کڏيءَ جي ڪٽهڙي وٽ ڌنو بيٺو هو، ۽ محبت جو ڊائلاگ ياد ڪري رهيو هو. سندس کليل وات ۾ هڪ ڄمو وجھي ڇڏيم. هو ڄمو چٻاڙڻ لڳو ۽ محبت جو ڊائلاگ چوڻ ڇڏي ڏنائين. کيس ٻانهن کان ڇڪيندو کڏيءَ ۾ وٺي آيس.

    کڏيءَ جي وچ ۾ فرش تي رمل تڏو وڇائي ويٺو هو. اڳيان چڪن بريانيءَ جو ديڳرو ۽ خالي ٿالھه هئس.

بک ۾ پاھه پئي ٿيس. چيم، ”يار رمل، سخت بک لڳي آهي.“

وراڻيائين، ”اول ٽي رپيا پنجانوي پيسا ڪڍ، پوءِ مرغ بريانيءَ جو گرھه ملندءِ.“

”ڇو؟ ڇا جا پئسا؟“

”واھه پٽ ڪاريگر! ڇا جا پئسا!“ رمل نج شڪارپوري لهجي ۾ چيو، ”چمپل جا، ٻيو وري ڇا جا، ڀيٽو.“

”وٺ بابا وٺ، مرين ڇو ٿو،“ رمل کي ٽي رپيا پنجانوي پئسا ڏنم.

    رمل پيسا کيسي ۾ وجھي، ديڳڙي جو ڍڪ لاهي ڇڏيو. بکايل هئاسين. پوءِ جڏهن دال ــــــ چانور ديڳڙي مان ڪڍي ٿالھ ۾ وڌائين، تڏهن ڪجھه جھڪياسين ۽ گرھه مٿان گرهه کڻندا وياسين

نما شام جو هوريان ٻڏندڙ پاڇولا ،ڌرتيءَ تي پکڙجي آيا هئا _هن جي اونداهين ڀاڳ سمان رات جون انداهيون به پر پکيڙڻ لاءِ ڄڻ آتيون هيون _قبرستان ۾ واءُ جا سڏڪا ،وڻن جي جھومندڙ پنن جي سر  سر ، موت جي آنت سانت ۽ تربتن تي پکڙيل ويرانيون _اهو سڀ ڪجھه ڀانءِ هن تي موت جي پڇاڙي پل وانگر  اڏول ٿيو بيٺو هو  _  ۽ هو هيڪلو ان سمو ري وايو منڊل ۾ نم ، جي وڻ هيٺ ، ڪنڌ نوايون ائين بيٺو هو  ڀانءِ جڳن کان پنهنجي اونداهين ڀاڳ تي ماتم ڪري رهيو هجي _موت پير   ان سنسان وايو منڊل ۾ ،هن جو ڀڳل وجود  ، ويتر ئي ڀايسو  _  هن جي سٿياڻي ،هن جي ڪو ڏر رکيل هئي هن وانگر  اداس ۽ ٿڪل ٿڪل (ڪم از ڪم هن ته ائين محسوس ڪيو هو).

ان قبرستان ۾ هو تڏهن کان گورڪن هو ، جڏهن  هن جي چهري تي ڏاڙهي جي ساوڪ مس .ٿي هئي ۽ اڄ هن جي مٿي ۽ڏارهي جا وار اڌ اڇا  هئا  ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ ۾،زندگيءَ  کان چڄي  انسانن کي دفنائي پيٽ پوجا ڪر ڻ هن جو اباڻو  ڪم هو _هن جو پيءُ  هن جو ڏاڏو ۽ شايد پر ڏاڏو به اهو ئي ڪم ڪندا هئا _ موت زندگي ءَ ،تربتون  ويرانيون ، دنيا کان ڇڄي ويل  هيڪلا  انسان ، اهو ڪجھه زندگي جو اڌ ڀاسندو هئس .۽ هنئير هي ٻه ڏينهن اهڙا گذريا هئا جو هن جي گهر جي چلهه نه دکي هئي .بک  موت وانگر پر پکڙيون  بيٺي هئي _انهن  ٻن ڏينهن کان هو  ڪنهن هارايل جواري سمان  گهر موٽندو رهيو هو. انهن ٻن ڏينهن کان هن جي ڪوڏر به ادا س هئي _هن جي ٻارن جي اکين ۾ بک جو واسو هو  جوڻس جي چهري تي پيڙائن جو هجوم هو انهن ٻن ڏينهن کان  موت نه ڄاڳيو هو  _ ان شهر ۾ ڪنهن جي به زندگيءَ جي تند نه ٽٽي هئي ، هو لاڳيتو سوچي رهيو هو جت روز انيڪ انسانن جا سمورا لاڳا پا دنيا کان ڌار ٿي ويندا آهن اتي ٻن ڏينهن کان سڀئي جيئرا آهن _ ان شهر ۾ ٻيو قبرستان به ته ڪونهي _ٻن ڏينهن کان هو جڏهن خالي هٿين  گهر موٽندو هو ته هن جي ٻارن جا چهرا ، هن کي ڏسي ، تيل کان محروم ڏيئي وانگر اجھا مي ويندا هئا  _رات هن جو ننڍو پٽ بک وگھي ، آ ڌي رات تائين روندو رهيو هن کي ماٺ ڪرائيندي ڪرائيندي جوڻس به سڏڪي پئي هئي.    

انهن سمورن سوچن کئينس  ساڻو ڪري ڇڏيو هو  _ هن هڪ ڀيرو پو سرندڙ  ا کين سان ، سموري قبرستان تي نهار ڪئي ۽ ڪنڌ نوائي  اٿي بيهي رهيو _ ڪوڏر ڪلهي تي رکي  _ هو ٿاٻڙجندو  وکون کڙ ڻدو  قبرستان مان نڪر آيو  _ ٻاهر اچي هن هڪ ڀيرو ، ڪنڏ ورائي ،پويان دور دور تائين پکڙيل قبرستان نهاريو هن کي ائين ڀاسيو ڀانءِ انيڪ مردهه ، تربتن مان نڪري اڇي ڪفن ۾ موت جو رقص ڪري رهيا هجن ، ٽهڪ ڏئي رهيا هجن گھٻرائجي هو تکيون  وکون کڻندو ،قبرستان  کان دور نڪري آيو .

هو جڏهن گھر آڏو پهتو ته پل اپل لاءِ خيال آيس ٻاهران ئي موٽي وڄڻ جو  _ سوچيائين ٻيهر قبرستان وڃان ، ڪهڙي خبر ته اڄ رات ڪنهن جي زندگيءَ جي لاٽ اجھا مي وڃي  _ پوءِ خيال آيس ته جيڪڏهن ائين نه ٿيو  کيئنس سڏي وٺندا _ تڏهن هٻڪندو ،در تي لٽڪندڙ ڳوڻ جو  ڦاٽل پردو مٿي کڻي هو گھر جي اڱڻ ۾ هليو آيو  _ لالٽين جي ميرانجھڙي روشنيءَ ۾، جوڻس چوواٽي تي لٽي ويل ڪنواري ڇوڪريءَ جيان ڪنڌ نوايو، چپ ويٺي هئي  _ سندس آڏو ننڍو پٽ ستل هو _ هن جي ڳلن تي پکڙيل لڙڪن جا  نشان هن ميرانجهڙي روشنيءَ ۾ به چٽا ڏسي ورتا هئا جو اندر ئي اندر  ڪجھه  ڀرندو ڀانيو هئائين_ پٽ تي هن جا ٻئي وڏا پٽ بلور راند رهي رهيا هئا يا الائي پنهنجو پاڻ وندرائي رهيا هئا _  هن کي ڏسي هو  سڀئي ائين ڇرڪي پيا ڀانءِ هو جڳن کان هن جي اوسيئڙي ۾ ويٺا هجن پر _ پر  _ هن جي چهري تي پکڙيل پيڙا جا پاڇو لا ڏسي ، هنن جي چهرن تي به مايوسيون پکڙجي ويون _هوڪنڌ نوائي ڇنل کٽ تي ويهي رهيو _ جوڻس شو ڪارو ڀري چوڻ لڳي ؛ ”ننڍڙو مانيءَ لاءِ روئي روئي  هاڻ ستو آهي “

هن ڪا به وراڻي ڪانه ڏني .” بابا مونکي به ڏاڍي بک لڳي آهي “ سندس وچٽ پٽ جو آواز  ائين چوندي ڀرجي آيو  هو ” بابا ! اڄ  به ڪو ڪونه مئو ؟“ پر هن ڪا وراڻي ڪانه ڏني  _ هن جا چپ ڄڻ  ڪنهن سبي ڇڏيا هئا ” با با ! جڏهن ڪو مرندو تڏهن ماني پچندي ؟ “ٻيهر  پٽس پڇيو ” ها “ جواب ڏيندي هن کي پنهنجو آواز  پاتال مان ايندو محسوس ٿيو هو تڏهن پٽس ٻئي هٿ مٿي کڻي آڪاش ڏانهن اکيون کڻندي چيو ا لله سائين هاڻي تون ڪنهن  کي ماري ڇڏ ته اسان جي گهر  ماني پچي  او ا لله سائين تڏهن هن جي من اندر،  دور ڪٿي ” آمين “ جي ، صدا اڀري . هو پاڻ به ٻن ڏينهن کان دعا گھري رهيو هو  ته ڪاش ، اڄ ڪو او چتو مري پوي _ ڪاش _ اي ڪاش .

هن جا ٻئي وڏا ٻار ، انهيءَ آس تي ته شايد سڀاڻي ڪو مري پوي ، اکيون پوري ليٽي پيا جيتوڻيڪ بک جي ڪري ڪنهن کي ننڍ ڪان هئي. هو ۽ جوڻس ، ڪنڌ نوايو ويٺا رهيا ،جوڻس جو آواز ، بي انت سانت کان پوءِ اوچتو آڀايو  ”تون ڪو ٻيو ڪم ڇونه ٿو ڪرين .“

” ڪهڙو ڪم ڪريان ، ڪهڙو ڪم مون لاءِ رهيو آهي . آئون ته ڪو ٻيو ڪم ڄاڻان به نه ٿو“

هن جي آواز ۾ سموري ڪائنات جون مايوسيون  هيون . “ تون ڪيستائين اهو ڪم پيو ڪندين . اڄ ڪو مرندو سڀاڻي ڪون به مرندو . هاڻ ته ان ۽ اٽي جيئان موت به مهانگو ٿي ويو آهي. مئا ڊاڪٽر پئدا ٿي پيا آهن ، ڪنهن کي مرڻ ئي ڪڏهن ٿا ڏين “ جوڻس کي جئيرن  انسانن کان شايد نفرت پئي محسوس ٿي.

” بختاور! انسان جي نصيب ۾ جڏهن موت ايندو آهي تڏهن ئي هو مرندو آهي ، جڏهن به ڪو مرندو ، پنهنجي وقت تي مرندو  _ تڏهن تنهنجي گھر ۾ به ماني پچندي “هو جوڻس کي سمجھائڻ لڳو جيتوڻيڪ سندس اندر , واريءَ جي گھرن جيان ڀرندو ٿي ويو ،مون ته بادشاهن  پيرن جي مٺائي مڃي آهي ته جڏهن ڪو مرندو ته ورهائيندس ، ٻن ڏينهن کان منهنجا ٻار بکيا آهن آخر ڪيستائين بکيا پيا مرندا “ اهو چوندي هن جون سنسان اکيون ڀرجي آيون، هو پنهنجي ڦاٽل پوتيءَ جي پلاند سان اکيون اگهڻ لڳي، جوڻس کي روئندو ڏسي هن لالٽين اجھائي ڇڏي ته جيئن جوڻس سندس لڙڪ ڏسي نه وٺي جيڪي سندس ڏارهيءَ کي پسائي رهيا هئا .هن نه ٿي چاهيو ته جوڻس هن کي روئندو ڏسي .لالٽين وسائي هو آڌي رات تائين روئندو رهيو ،ان خيال کان ٻن ڏينهن کان هن جا ٻار بکيا آهن . هن جون کليل اکيون ڌرتيءِ تي ڪنهن جي سڏ جو اوسيئڙو ڪنديون رهيون پر سڄي رات هن کي ڪوبه سڏ ڪون ٿيو .رڳو ٻاهر گهٽي ۾ ڪتا ڀونڪندا رهيا هن کي خبر هئي ته جوڻس به سڄي رات روئندي رهي آهي جوڻس کي به ڪل هئي ته هو ساري رات لڙڪ هاريندو رهيو آهي سڄي رات ۾ ڪيترا ڀيرا جوڻس جي لڙڪن سندس ٻانهن پسائي ۽سندس لڙڪن جوڻس جو چهرو پسايو پر  هو ٻئي لڪائيندا رهيا .

ٻي ڏينهن، باک ڦٽڻ کان اڳ ۾ ئي هو ڪوڏر ڪلهي تي رکي قبرستان هليو ويو . سڄي واٽ هن جي ڪنن کي روئڻ جي آواز ٻڌڻ جو اوسيئڙو رهيو  پر چئوڌاري زندگي پنهنجا خوبصورت پر ( جيڪي هن جي لاءِ هر شيءَ کان بدصورت هئا) پکڙيو بيٺي هئي .هن من ئي من سوچو ته جيڪر اڄ به ڪو جنازو ڪون آيو ته هو چوري ڪندو ، ڌاڙو هڻندو پر خالي هٿن“نه موٽندو . قبرستان ۾ سڄو ڏينهن اکيون جنازن جو اوسيئڙو ڪنديو رهيون _ ماڻهو ايندا رهيا .تربتن تي قل پڙهي هليا ٿي ويا، ڪي گل رکيو ٿي هليا ويا. ڪي آيا تربتن تي مٿو رکي سڏڪي سڏڪي هليا ويا. هو روز اهو سڀ ڪجهه ڏسندو هو.ان ۾ هن لاءِ ڪابه نواڻ ڪان هئي  ۽نه ئي هن لاءِ ۽هن جي ٻارن لاءِ زندگيءَ جو ڪو نور هو.

ڏينهن گذرندو رهيو ۽ پوءِ گذريل ڏينهن وانگر اڄو ڪو سج به هن جي خوشين وانگر چپ چاپ ٻڏي ويو (خبر ناهي سڀاڻي اڀرندو يا نه هن سوچيو) هڪڙي وسري ويل ساروڻي هانو تي تري آيس ته هڪ وار هڪ نوجوان، هتي،ڪنهن تربت آڏو ٻيهي چيو هو  ” اي موت ڪاش!توکي به موت اچي “تڏهن ئي موت لاءِ اها پٽ ٻڌي هن جا لڱ ڪانڊارجي ويا هئا . اڄ هر هر سندس ڪنن ۾ اهي لفظ پڙاڏو بڻجي ٿي گونجا       اي! موت ڪاش توکي موت اچي .هاڻي ائين ٿي ڀاسيس ڀانءِ سچ پچ موت کي ڪو موت اچي ويو آهي  _  “ ”اي زندگي! ڪاش تو کي ڪو موت اچي“ هن جي اندر ۾ زهر ڀرجي آيو .رات جي پکڙجندڙ اونداهيءَ ۾ هو پنهنجن ئي سو چن کان گهٻرائجي ويو .هن جي ٻارن جي بک کي اڄ ٽيون ڏينهن هو. ان خيال سان ئي کيئنس پنهنجو من وسامندو محسوس ٿيو . هو ڪيئن هنن جي سامهون ويندو ڪيئن هنن جون اداس اکيون ڏسي سگهندو ، ڪيئن هنن جي سوالن جا جواب ڏيندو ڪيئن جوڻس جي چهري تي پکڙيل سنسان قبرستان ڏسندو هن جا لڱ ئي ڪانڊارجي ويا، هو اندر ئي اندر ڀرندو رهيو وسامندو رهيو  _ رات جا ٻارنهن اچي ٿيا هئا هو قبرستان ۾ ئي ويٺو رهيو پر ڪوبه نه آيو .هڪ ڀيرو وري هو ، ٿڙندو ٿاٻڙندجندو ڪوڏر ڪلهي تي رکي ، هو سندس گهر  ڏانهن ويندڙ رستي تي هلڻ لڳو واٽ تي هو من ئي من ۾ سوچيندو رهيو ته هو ٻيو ڪم هٿ ڪندو ،سڀاڻي هو مزور نه سهي چور بڻجي ويندو. ٻئي ڏينهن جي لاءِ هو انيڪ رٿائيون  رٿيندو رهيو، ٽوڙيندو رهيو  _ اندر ئي اندر ۾ اجڙندو ۽ جڙندو رهيو  _زندگي هن لاءِ ڪائنات جو  سڀ کان وڏو هاڃو بڻجي وئي هئي هو من ئي من ۾ هاڃي تي ماتم ڪندو پئي ويو . گهٽين ۾ رات جي گهور اونداهي پکڙيل هئي . هن جي اندر ٻاهر اونداهيون هيون  _ نور جو ڪو هڪڙو  تر ورو _ ڪا چڻگ  _ دور ، هن کان گهڻو دور ، هڪڙو پاڇولو وڃي رهيو هو .بجليءَ جي شاڪ وانگر  هڪڙو خيال هن جي سنسان ايوانن ۾ واسو ڪري ويو جيڪر هو ڪوڏر جي  هڪڙي ئي ڏڪ سان  هن پاڇولي کي ختم ڪري ڇڏي  _ ان کان پوءِ جي سوچ ڪيڏي خوبصورت هئي .هن پنهنجن خيالن ۾ جوڻس کي چلهه تي ماني پچائندي ڏٺو  ۽ هوءَ مرڪي به رهي هئي .هن جا ٽئي پٽ ماءٌ جي ڀر ۾ ماني کائي رهيا هئا.۽ هڪ ٻئي سان شرارتون به ڪري رهيا هئا  هو مر ڪي پيو  _ پر ان پاچولي کي ختم ڪرڻ جو تصور ڪيڏو نه ڀوائتو هو. هن ته ڪڏهن چوري به ڪان ڪئي هئي خون ڪيئن ٿي ڪري سگهيو . ٻئي لمحي هن جي ڪنن ۾ سندس ٻارن جون صدائون  پڙلاءُ بڻجي گونجڻ لڳيون . هن جون وکون تکيون ويون ، گهٽيءَ ۾ گهور اونداهي هئي ان اونداهي ۾ هو تکيون وکون  کڻي پاڇولي جي پويان هلڻ لڳو .هن جو ساهه ڀرجي آيو ،هن جو من طوفان ۾ ڦاٿل ڪک سمان ڏڪي رهيو هو. هن جا هٿ ڪوڏر ڳن  ۾ ائين کپي ويا ڀانءِ ڪڏهن به ڌار ٿي نه سگهندا .

پوءِ هو پاچولي جي ويجهو اچي پهتو  هن اکيون پوري ڇڏيون ۽ ڪوڏر  کڻي هڻي ڪڍيائين _ هڪڙي دانهن پڙلاءُ بڻجي گونجي ۽ ٻڏي وئي (ڄڻ ڪجهه به نه ٿيو هجي ) اها دانهن شايد ڪنهن ٻار جي هئي پر هن ۾ سگهه ئي ڪان هئي نمي ڏسڻ جي بس پل اپل لاءِ هن جو اکين آڏو  پنهنجن ٻارن جا چهرا ڦري ويا . سڄو بت پگهر ۾ شم ٿي ويو هئس  _ هو ابتين  پيرين قبرستان ڏانهن ڊوڙن لڳو .هن جون ٽنگون ڏڪي رهيو ن هيون ،ائين ٿي ڀائين ڄڻ هي پل هن جي زندگي جو آخري پل هجي، پهريون ڀيرو  هن کي موت کان ڊپ ٿيڻ لڳو .موت  جيڪو ڪنهن بد روح سمان پنهنجا ڪارا وار پکيڙي پنهنجا ميرا ڏ ند ڪڍي ٽهڪ ڏيندو هن جي پويان ڊوڙي رهيو هو، هن جي رڳن ۾ ڊوڙندڙ رت ڄڻ برف وانگر ڄمندو ٿي ويو

، ساه جي تند  _اجها ڪي اجها ٽٽي _ هو قبرستان جي گيٽ تي پهتو .تڏهن  هن ڪنڌ ورائي پويان نهاريو ، پويان ڪجھه به نه هو .سنسان گهٽيون ستل انسان ، رات جي گهور اونداهي ۽ هو هيڪلو  _  هن جي نل تي رت هاڻي ڪوڏر کي ڌوئي صاف ڪيو ۽هو  نم جي وڻ  هيٺ اکيون پوري ويهي رهيو  _ هن جي اندر ۾ طوفان متل هو ، پر هو سوچي رهيو هو بند اکين جي اندر ته صبح جو ماڻهو هن ٻار جو جنازو  کڻي ايندا . هن کي قبر کوٽڻ جا ٽيهه رپيا ملندا ۽ سمورو هفتو ڪيڏو نانٿيڪو  لنگهي ويندو .هن جا ٻار ڪيڏا نه خوش ٿيندا ۽هوبه ڪيڏي مان سان  _اوچو ڳاٽ ڪري اندر گهڙندو .هن جي زال به بادشاهه پير جي مٺائي ورهائيندي  _ هو پنهنجو  ڏوه ڪنهن کي به ڪون ٻڌائيندو . پنهنجي زال کي به نه، جنهن کان ڪا به ڳالهه  نه لڪائيندو هو _ ڪنهن کي به خبر ڪانه پوندي .

رات لنگهي وئي باک ڦٽي _ نئون سج هن لاءِ اميدن جو نور  جهول ۾ پکيڙي اڀريو هن جون اکيون گيٽ  جي هن پار نظر ايندڙ روڊ تي اٽڪيل هيون جتان اهو جنازو اچڻو هو  _ ٻن پهر ڌاري ماڻهون ڪلهن تي جنازو کڻي گيٽ اندر گهڙيا .سچ پچ ڪنهن ٻار جو ئي جنازو هو پر ڪنهن جي اکين ۾ لڙڪ نه هو _ ڪنهن جي به چهري تي پيڙائن جو هجوم نه هو _ ڏک ، جيڪو  ڪنهن ٻار جي جي وڇوڙي  تي چهرن تي واسو ڪري وڃِي ،اهو ڏک ڪنهن جي به چهري تي نه هو . سڀ ائين آيا هئا ڄڻ ڪو اهڙو فرض پورو ڪرڻ آيا هجن ، جنهن ۾ هنن کي ڪانه دلچسپي نه هجي _ هن به ڪوڏر کنئي  ۽ قبر کوٽڻ لڳو _ سندس هٿ ڏڪي رهيا هئا _ من واسو ڪيل ڀئو جا ڀاوءَ  ڪو سڃاڻي نه وٺي متان ٻار جو جنازو  اٿي ويهي رهي ۽ چئي ته اجهو _ هي آهي منهنجو خوني _ پر ائين نه ٿيو  _هو قبر کوٽيندو رهيو تيستائين هنن سڀني جنازي نماز پڙهي ۽ قبر جو انتظار ڪرڻ لڳا  _ هن محسوس ڪيوته هو  ڪجھه پاڻ ۾ ڳالهائي  رهيا هئا _ هن ڪان ڏٺا پر آواز ڄڻ پريان کان اچي رهيا هئا.هو شايد چئي رهيا هئا ته ” نڄاڻ ڪهڙن اڀاڳن مائٽن جو ٻار آهي _ ڪنهن جي هن ٻارڙي سان دشمني ٿئي سگهي  ٿي _ڪير ظالم هو جو  جنهن کي کن پل لاءِ به مٿس ڪهل نه آئي _ ڪيڏي مشڪل سان پوليس کان لڪايو اٿئون نه ته ويچاري ٻارڙي جو موت هيڪاري ڏکوئيندڙ ٿي پوي ها .هن جا مائٽ  ويچاري کي ڳوليندا  هوندا _ الائي ڪير آهي ڪٿان جو آهي .هيڏي پڇا کان پوءِ به ويچاري جا مائٽ نه لڌا “ پر هو انهن سڀني ڳالهين کان اڻڄاڻ قبر _ کوٽيندو رهيو _ قبر کوٽجي تيار ٿي ته ماڻهن ٻانهن تي ، اڇي ڪفن ۾ ورهيل جنازو  کنيو ،هن تڏهن  ڏٺو  ته ڪفن تي رت جا داغ هئا.الاءِ ڇو هن جون اکيون آليون ٿي ويون _ جڏهن هو ٻار کي  قبر ۾ رکڻ لڳا تڏهن دل چيس ٻار جو مک  ڏسڻ لاءِ _ هو ماڻهن  جي ڪلهن تان نمي هيٺ ڏسڻ لڳو _۽_پوءِ هو ڄڻ اونداهين ۾ ٻڏندو  ويو .هن جي رت جي هر بوند ۾ اونداهيون ئي اونداهيون  سمائجي ويون.موت جو زهر جهڙو  ڪڙو .ڪسارو زائقو هن جي نڙيءِ ۾ چڀڻ لڳو .

اڙي _ هو ته هن جو پٽ هو ،هن جو دادلو پٽ منو . هن جو وڏو پٽ ، جيڪو هن اوليائن تي باسيون باسي ورتو  هو  جيڪو گذريل ٻن ٽن ڏيهن کان بک کان روئندو رهيو هو.

اڙي هي ڇا ٿي ويو . . . . . .هن جو دادلو پٽ.. . . . . . هن جو منو. . . . . .هن پنهنجي ئي هٿن سان ماري ڇڏيو. . . . . . .هو، چئواٽي تي. . . . . . .هي پنهنجي ئي هٿان لٽجي ويو . . . . . . . هي لٽجڻ به ڪهڙو هو. . . . . . . . جو هو ماتم به نٿي ڪري سگهيو. . . . . . .چپ . . .. . . .متان ڪڇيو آهين . . . . . اندر ئي اندر کامندو رهيو . . . . . . لڇندو رهيو . . . . . . ” ها . . . ٻاهر ٻاڦ نه نڪري “ . . . . .هن جي دل جو شهر . . . . . .ڪربلا جو ميدان . . . . . . .ڪائنات سڄي تي بي انت سانت . . . . . . .سمورا احساس پنهنجو موت پاڻ مري چڪا هئا.

هو ڪنڌ نوايو ٻيٺو هو، لٽجي وڃڻ جو احساس من ۾ لڪايو ، پنهنجن ڏوهن جا صليب ڪلهن تي تي کنيو . تڏهن ڪنهن سندس هٿ تي ٽيهه روپيا رکي ڇڏيا ، ڏهين ،ڏهين جا ٽي نوان نڪور  نوٽ . . . .  هو سڀ هليا ويا ۽ هو اڪيلو بيٺو رهيو  ڪنهن اهڙي تربت سمان جنهن جو ڪو نانءُ ڪوبه ڪتبو ن هجي . . . . . لڙڪ قبر جي مٽيءَ ۾ سمائجندا ويا ۽ سڏڪا، جيڪي هن جي نڙيءَ ۾ گهٽيا پيا هئا، هن جي اندر جا گهٽيل اندر جي سنسان ايوانن ۾ پڙلاءُ بڻجي گونجندا رهيا. جڏهن هن کي هوش آيو ته قبر کي ڀاڪر  پايو،ڪنهن لاش وانگر پيو هو ، ڪابه سڌ نه هئس . . . . . . .سج آڪاش تي باهه پکيڙي رهيو هو ،پر هن جي اندر  اونداهيون هيون. سڀ ڪجهه ساڳيو هو پر هن جي اندر جي دنيا مٽجي وئي هئي  . . . . . دل چيس ته هوبه ان قبر اندر هليو وڃي ۽ پنهنجي دادلي پٽ کي ڀاڪر پائي ستو پيو هجي، صدين تائين جڳن تائين پيو هجي ،منوءَ جي ڀر ۾ اکيون پوريو ڪاش هو پاڻ وڪڻي به زندگي جي اها تند جوڙي سگهي _ جيڪا هن جي هٿان ڇڄي پئي هئي _ گذريل رات تائين موت ،هن جي سڀ کان وڏي خواهش هو ، هينئر هو زندگي لاءِ ڪنهن اڃايل مسافر سمان ترسي رهيو هو، هينئر هن جي حالت اهڙي مسافر جهڙي هئي جيڪو صدين جي مسلسل ٿڪائيندڙ پنڌ کان پوءِ ماڳ تي رسي ۽ اتي خبر پويس ته اهو سندس ماڳ ڪونهي ، ماڳ ته گهڻو پويان رهجي ويو  هو. . . . . .هينئر هو سسئي  هو  جو رڻ پٽ رلي ويو هو. . . . . . .هينئر هو سهڻي هو  جو وچ سير ۾ هن جو  گهڙو ڀري پيو  هو. . . . . . . هينئر هو مومل هو  پنهنجي ئي ڪاڪ محل  وڌو هئس. . . . . . . . هو انيڪ پل سڪل ٺوٺ اکين سان قبر کي گهوريندو رهيو ۽ الائي  ڪهڙو پور من ۾ پيس جو هڪڙي سٽ سان ڪوڏر کي اڇل ڏنائين ، جيڪا وڃي ڄارين ۾ ڪري ۽ هو ٿرندو  ٿاٻڙندو  ٻاهر نڪري آيو گهر ويندي ،واٽ تي هو ڪيترا ڀيرا ٽريفڪ هيٺ ايندي بچيو ڪنهن دک وانگر  هو ٿاٻڙجي  رهيو هو ۽مٺ ۾ هئس ڏهن جا ٽي نوان نڪور ساوا نوٽ،پر  ٻيو هٿ اڄ ڪوڏر کان خالي هئس پر پوءِ به هو پنهنجو وجود بي حد ڀاري محسوس ڪري رهيو هو . . . .   جڏهن هو پنهنجي گهر واري گهٽيءَ ۾ گهڙيو ته جوڻس در جي چائونٺ تي پنهنجي اوسيڙي ۾ ويٺل ڏٺائين . . . . . . هن جي اکين ۾ لڙڪ جهلمل ڪري رهيا هئا. . . . . هن کي ايندو ڏسي  هوءَ اٿي بيهي رهي پر هو ائين ٿڙندو ٿاٻرندو گهر اندر هليو ويو . . . . .  هو ءَ سندس  پويان ذري گهٽ ڊوڙندي  اندر آئي ۽ هن جي اڳيان سڏڪي پئي . . . . . .  ” منو رات کان تنهنجي پويان نڪتل آهي مون ته گهڻو  جهليو مانس  پر هن مڃوئي نه چوڻ لڳو ڏسان بابا کي  پئسا مليا آهن يانه . . . .  تو  وٽ پهتو ڪي نه؟“

هو چپ  موت وانگر .

” تون . . . . تون ڳالهائين ڇو نٿو . . . . . ڳالهائين ڇو نٿو ؟“

”. . . . . “ هو اڄان به چپ،متان ڪڇيو آهين متان لڇيو آهين .

”. . . . . . .  تون روئين ڇو پيو  . . . . . . .  ڇو پيو روئين ؟“

” منو ڪٿي . . . . .  اڪيلو  ڇو آهين ؟ منهنجو پٽ ڪٿي آهي “ هو اندر ئي اندر کامندو رهيو، پچندو رهيو ،

تون ڳالهائين ڇو نٿو  . . . . .  منهنجي دل چوي ٿي ته ڪجهه ٿيو آهي .“

” تون ٻڌائين ڇو نٿو ؟“ جوڻس پاڳلن وانگر رڙيون ڪرڻ لڳي . . . . . .  هن هن جا ٻئي هٿ هن جي قميص جي ڪالر ۾ هئا . . . . .  ٻئي ٻار اچرج  وچان ماءُ پيءُ کي ڏسي رهيا هئا ۽ هو  . . . . . . . اهڙي ڏوهاري  وانگر ڪنڌ نوايو بيٺو هو جنهن ۾ ڏوهه مڃڻ جي سگهه نه هجي .پر ڪورٽ ۾ جنهن جو ڏوهه ثابت  ٿي ويو هجي .

” منهنجو منو ڪٿي آهي ؟“ جوڻس  جي دانهن ڌرتي کان آڪاش تائين گونجڻ لڳي.

تڏهن ڪوبه  جواب ڏيڻ بدران پنهنجي مٺ مان ٽيهه رو پيا ڪڍي جوڻس جي پکڙيل هٿ تي رکي ڇڏيا ۽ پنهنجي ننڍي پٽ کي ڇاتيءَ سان لڳائي ٻارن وانگر سڏڪي سڏڪي روئڻ لڳو.

يوناني ديوتا يوناني ڏند ڪٿائن جو اسان جي حقيقتن سان مقابلو ڪري رهيو هو۽ ذري گهٽ وائڙو ٿي رهيو هو يوناني ديوتا چيو حيقتن ۽ ڏند ڪٿائن ۾ وڏو فرق آهي . پر توهان جي حقيتن يوناني ڏند ڪٿائن جا ڏند ڀڃي ڇڏيا آهن.

چيم” اسان وٽ اهڙا اهڙا ته ٻهروپيا اجگر آهن .جو يوناني ديوتائن کي ڏند ڪٿائن سميت جيڪر جيئري اڳري ڇڏين”

يوناني ديوتائن وراڻيو، ”باقي هڪ ڏند ڪٿا رهجي ويئي آهي،جيڪا تو کي نه ٻڌائي اٿم،“

”ٻڌاءِ،“چيم،”ان ڏند ڪٿا جي مقابلي ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ڪانه ڪا مناسب حقيقت اسان وٽ ضرور موجود هوندي،“

”سراسر ناممڪن،“يوناني ديوتا چيو،”ان ڏند ڪٿا جي مقابلي ۾ بيان ڪرڻ لاءِ اوهان وٽ ڪابه حقيقت نه هوندي،“

” تون ٻڌاءِ ته سهي ديوتا،“ چيم، ” تنهنجي آخري ڏند ڪٿا به اسان جي حقيقت کان مات کائيندي،“

يوناني ديوتا مون ڏانهن ڏسي، کليو. هن ڏند ڪٿا ٻڌائڻ شروع ڪئي، ” يونان ۾ فونيڪس نالي هڪ پکي هوندو هو. هنس کان وڏو، ۽ وڌيڪ سهڻو. ڪنهن ڳالهه تان يوناني ديوتا فونيڪس کان ناراض ٿي پيا .هنن کيس مسلسل عذاب ۾ چيچلائڻ جي سزا ۽ بد دعا ڏني. پوءِ ٿيو ائين، جو جڏهن به فونيڪس پکي اڏا مندو هو، پرواز جي آواز سان کيس باهه وڪوڙي ويندي هئي، ۽ هو اک ڇنڀ ۾ سڙي رک ٿي ويندو هو.

بد دعا مطابق پنهنجي رک مان فونيڪس ٻيهر جنم وٺندو هو. نئون جنم وٺي اڏامندو هو، ۽ پرواز جي آواز سان باهه ۾ وڪوڙجي سڙي رک ٿي ويندو هو، پنهنجي رک مان هو ٻيهر جنم وٺندو هو سهڻا پر پکيڙي وري اڏامندو هو. اڏامڻ شرط کيس باهه وڪوڙي ويندي هئي ۽ هو سڙي رک ٿي ويندو هو. پنهنجي پرواز جي آواز سان سڙي رک ٿي وڃڻ، ۽ رک مان ٻيهر جنم وٺي اڏامڻ ۽ اڏامڻ شرط سڙي رک ٿي وڃڻ جو عذاب فونيڪس لاءِ صدين تائين هلندو آيو.“

ڏند ڪٿا ٻڌائڻ کان پوءِفخر سان يوناني ديوتا مون ڏانهن ڏٺو. منهنجن چپن تي مرڪ ڏسي پڇيائين ”ڇو؟ کلين ڇو ٿو، جواب ڏي .“چيم ، ”جواب ڏيڻ بدران مان توکي اهو منظر ڏيکاريندس جنهنجي آڏو فونيڪس واري ڏند ڪٿا توکي نيچ نظر ايندي .“

۽ پوءِ، مون کيس اهو منظر ڏيکاريو.

    هڪ نوجوان جا هٿ پير زنجيرن ۾ جڪڙيل هوا، ۽ زنجير بڙ جي ٿڙ سان ٻڌل هو نوجوان جو وات سبيل هو. ڪنن تي تاڪيون چڙهيل هئس. سندس ٻئي اکيون نڪتل هيون. جن مان رت ٽمي رهيو هوس. نوجوان جي اکين مان ٽمندڙ رت جڏهن ڌرتيءَ کي ڇوهيو تڏهن سندس بي نور اکين ۾ نور موٽي آيو، ۽ هو حال کان مستقبل ۾ نهارڻ جهڙو ٿي پيو. تڏهن اوچتو، بڙ جي ٿڙ جي پوئتان هڪ ڄامڙو ٽهڪ ڏيندو نڪري آيو، ۽ خنجر جي چهنب سان نوجوان جون اکيون ڪڍي وري وڃي بڙ جي وڻ پٺيان لڪيو. نوجوان جي اکين مان رت وهڻ لڳو. وهندڙ رت جڏهن ڌرتيءَ کي چميو ، تڏهن نوجوان جي بي نور اکين ۾ نور موٽي آيو ۽ وري حال ۽ مستقبل ۾ نهارڻ جهڙو ٿي پيو. تڏهن، اوچتو ڄامڙو ٽهڪ ڏيندو بڙ جي پٺيان نڪري آيو ۽ خنجر جي چهنب سان نوجوان جو اکيون ڪڍي وري وڃي ٿڙ جي پٺيان لڪيو.

يوناني ديوتا ڪيتري دير تائين تعجب، اچرج ۽ خوف وچان اهو منظر ڏسندو رهيو. هن دهشت مان پڇيو ، ” هيءُ نوجوان ڪير آهي، ۽ سندس ڏوهه ڪهڙو آهي؟“

وراڻيم، ” هيءُ نوجوان ڌرتيءَ جو پٽ آهي. ۽ کيس پنهنجي ماءُ سان پيار آهي. اهو ئي سندس ڏوهه آهي.“

” ۽ ڄامڙو؟“

”ڄامڙي جي هٿ ۾ وقت جي واڳ آهي.“

منهنجو جواب ٻڌي يوناني ديوتا پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. ۽ يونان موٽي ويو. 

آچر جو ڏينهن هو ۽ هاسٽل جي ڪمري ۾ مان گهري ننڊ ۾ ستل هوس جو ونگ مان گذرندي ڪنهن روم جي دروازي کي زوردار لت هڻي ڪڍي ۽ مان ڇرڪ ڀري جاڳي پيس. اکيون مهٽي ڏٺم ڪمري جي دري جي سيرن مان سج جا ڪرڻا زبردستي ڪمري ۾ داخل ٿي رهيا هئا ۽ پاسي واري کٽ تي ستل الطاف ننڊ ۾ مسڪرائي رهيو هو شايد کيس خواب ۾ اسڪالرشپ ملي وئي هوندي ڇوجوجاڳندي ته هو هميشه اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. هن جيترا پنا اسڪالرشپ لاءِ درخواستون لکي لکي ضايع ڪيا آهن ايترا هن يونيورسٽي جي چئن سالن دوران نوٽس ٺاهڻ ۾ به استعمال نه ڪيا هوندا. الطاف جي چهري تان مسڪراهٽ اچانڪ غائب ٿي وئي ۽ هو ننڊ ۾ ڳالهائڻ لڳو کيس نه رڳو ننڊ ۾ ڳالهائڻ جي پر هلڻ ۽ وڙهڻ جي به عادت آهي. هو خواب ڏسندي ڏسندي اٿي پوندو آهي ۽ هاسٽل جي ونگن، پارڪ ۽ ڇت وغيره جا چڪر هڻندو آهي ۽ صبح جو کيس ڪجھ به ياد ناهي هوندو. جيڪڏهن هو خواب ۾ ڪنهن سان جھيڙو ڪندي ڪندي اٿي پوي ته جيڪو به هٿ اچيس تنهن کي ڏاڍو بڇڙو ڪري وجھندو آهي، ان کان اڳ جو هو اٿي پوي مان ٽپ ڏيئي کٽ تان لهي پيس ۽ دروازو کولي ٻاهر نڪري آيس. کاٻي پاسي چند وکن تي ڪنٽين هئي مان بنا بريڪ ڏانهس هلڻ لڳس. ڪنٽين جون بئنچون تقريبن خالي ۽ ڊگھيون ٽيبلون ڇوڪرن سان ڀريون پيون هيون. محبت (چانهه وارو) هنڍو چلهي تي چاڙهيو بيٺو هو ۽ چلهي سان لڳو لڳ ماربل سان ڍڪيل دڪي تي سرور اخبار جي صفحن ۾ گم هو. ڪنٽين ۾ داخل ٿيندي شاهد جي ٽهڪن جي آواز تي ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺم جيڪو قادر جي وارن تي هٿ ڦيري کيس تنگ ڪري رهيو هو ۽ قادر کيس چيلهه ۾ آڱر هڻندو ڊڪائيندو پئي آيو. مان ترين جي زور تي ماربل سان ڍڪيل دڪي تي چڙهي سرور جي سامهون ويهي رهيس هن مون ڏانهن ڏسڻ کان سواءِ پنهنجي مسڪراهٽ سان منهنجو استقبال ڪيو ۽ وري اخبار ۾ گم ٿي ويو. محبت عادت موجب پاڻي جو دٻو ۽ ساسر تي ٻه ڪيڪ رکي منهنجي آڏو رکيا.

 

”حد ٿي وئي يار !! تجربو 15 سال سوبه منيمم..!!“ سرور اخبار جو پنو اٿلائيندي چيو.

آچر ڏينهن هاسٽل جي ڪنٽين ۾ ڊان اخبار تي سڀ ائين ٽٽي پوندا آهن جيئن رمضان ۾ ماڻهو افطاري ويل کاڌي تي ٽٽيو پون. هفتي جا باقي ڏينهن ڪنهن کي به اخبار ياد ناهي هوندي تنهن ڪري ڪنٽين ۾ اچڻ بدران اخبار سڌو وارڊن جي ڪمري جي نظر ٿي ويندي آهي پر آچر ڏينهن سڀني کي مستقبل قريب ۾ ايندڙ بيروزگاري جو خوف ورائي ويندو آهي ۽ نوڪرين جي اشتهارن وارو هڪ هڪ صفحو هڪ ئي وقت چئن پنجن ڄڻن جي گھيري ۾ اچي ويندو آهي.

”اڃا ڪٿي جاني ! هاڻي ضرورت رشته وارن اشتهارن ۾ به تجربي جي گھر ڪندا !!“ مون پاڻي جو دٻو کڻي گرڙي ڪئي ۽ اکين کي ڇنڊا هڻندي چيو”نوڪري ته نوڪري پاڻ ته ڇوڪري کان به وينداسين.““

”ڇڏ اشتهارن جي پچر هوڏانهن هو چانهه وٺ ! “ مون چيو.

”لڳي ٿو نوڪري حاصل ڪرڻ پاڻ کان زور آ “ سرور چيو ”مهل سان وڃي ڪو ڌنڌو ڪجي.“

”پاڻ وٽ نوڪري ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به آپشن ڪونهي.“ مون وراڻيو.

”پاڻ سياست ڪنداسين…وڏو پئسو اٿئي سياست ۾.!“ سرور ڪنڌ کي ٿنڀ جي ٽيڪ ڏيندي چيو.

”اسان وٽ سياست سردارن، خانن، چوڌرين ۽ پيرن جي پاليل اها لونڊي آهي جنهن کي استعمال ڪري اقتدار ۾ حصو حاصل ڪري سگھجي“ مون چيو ”۽ اسيمبلين جون سيٽون ۽ وزارتون کين ائين ورثي ۾ ملنديون آهن جيئن کين زمينون، هاري ۽ ٻانهيون ملنديون آهن.“

سرور چانهه جا باآواز بلند ڍڪ ڀريندو رهيو، چانهه ۽ سرور جو تعلق ايترو گھرو آهي جو چانهه جو ٻڌي سرور جڳ جيتري مگ سميت ائين ذهن تي اڀري ايندو آهي جيئن جمهوريت جي ذڪر تي نوابزاده نصرالله هڪي سميت ذهن تي ڇائنجي ويندو آهي. چانهه سندس ڪمزوري آهي، هو چانهه لاءِ سڄو ڏينهن ائين واجھائيندو آهي جيئن اسان جي ملڪ ۾ سياسي پارٽيون ڪنهن ڊڪٽيٽر سان ڊيل لاءِ واجھائينديون آهن.

”ڀلا تو واري ليڊر يار جي ته خبر ڏي ؟ ٻڌو آ ته سندس پيء وري ٿو پارٽي مٽائي !؟ سرور پڇيو”تو سان ڪو حال احوال ڪيائين يا نه ؟“

”پاڻ واري ليڊر جي پيء کي ايندڙ حڪمران پارٽي جي ائين ڌپ پئجيو وڃي جيئن ٻلي کي کير جي…“ مون وراڻيو.

 

ٻاهر نڪتاسين ته ڪنٽين مان ايندڙ مختلف آواز اڌ ونگ تائين اسان جو پيڇو ڪندا رهيا.

يار هن شعبي ۾ داخلا وٺي وڏي غلطي ڪئي سين…

وڏا ! تون ته ٽيڪجي وئين هر پيج تي رڳو تو واري شعبي ۾ نوڪرين جا انبار لڳا پيا آهن…

ڪٿي ڊيئر تجربو به ته بلا ٿا گھرن پيا…

صاحب مري وياسين اصل پڙهي غلطي ڪئي سين، ڪم کان به وياسين…

ها وڏا ! چانهه جو بل ته ڏي اڃا مني آرڊر ڪونه آيو آ…

 

کاٻي پاسي واري ونگ مان هڪ ناڪام عاشق غمگين غزلن جا ٽوٽا ڳنڍي وات ڦاڙي ڳائيندو پئي آيو.

”اٿي پئو جاني !! شام ٿي وئي ٿئي…!!!!“ مون امداد جي ڪمري اڳيان لنگهندي دروازي کي زور سان لت هڻي چيو. هو ڇرڪ ڀري کٽ تي ويهي رهيو ۽ اسان کلندا کلندا ٽي وي هال ۾ گھڙي وياسين.

ٽي وي تي ملڪ جي ڪنهن شهر جي رش واري علائقي ۾ ٿيل خودڪش حملي جي تازه ترين خبر پئي هلي.

”پاڻ سان ٿيل ظلم، زيادتي يا ناحق جي بدلي ۾ مسڪين مزدورن ۽ دڪاندارن جي وچ ۾ خودڪش حملو ڪرڻ جا ئز آهي.!؟ سرور پڇيو.

”ها … بلڪل ائين جيئن نظريئه ضرورت تحت آمريت ۽ جمهوريت جي بحالي جي بهاني ڊڪٽيٽر سان ڊيل…“ مون چئنل مٽائيندي چيو

مان فرشتي جو انتظار ڪري رهيو هوس. اُهو فرشتو ڪا آسماني مخلوق نه هو. هو اسان وانگر حرڪت مان برڪت ۾ آيو هو، ۽ ماڻهو ماڻهو جو پُٽ هو. فرشتو سندس نالو به نه هو. مان جنهن کاتي ۾ نوڪري ڪندو آهيان، تنهن ۾ جيڪو وڌيڪ چست ۽ برجستو هوندو آهي، تنهنکي فرشتو سڏيو ويندو آهي. مان توهان کي پنهنجي کاتي جو نالو ٻُڌائيندس. نالو ٻُڌائڻ ڏوهه آهي. توهان منهنجي کاتي جي اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگهو ٿا، ته نوڪريءَ ۾ چونڊجڻ کان پوءِ پهريون دفعو کاتي جي سربراهه، يعني صاحب بهادر آڏو پيش ٿيو هوس، تڏهن منهنجي بدني بناوٽ ۽ وجود جي ڀڙڀانگ جاگرافيءَ کان بنهه بي پرواهه ٿيندي، هن مونکي چيو هو، ”هينئر مملڪت خداداد، اسلامي جمهوريه پاڪستان جو بقا،سالميت ۽ يڪجهتي جو بار تنهنجن ڪلهن تي آهي. ايمانداري سان اِهو بار کڻندين ته جلد ترقي ڪندين ۽ مون واري ڪرسي ماڻيندين.“صاحب بهادر جي ڳالهه ٻڌي مون سوچيو هو، مان، جيڪو پنهنجي گهر جو بار سهندي کڻندي ڳچيءَ تائين فڪرن جي ڌٻڻ ۾ دفن ٿي ويو آهيان، سو هيڏي ساري مملڪت خداداد اسلامي جهوريه پاڪستان جو بار ڪيئن کڻي سگهندس، جنهنجي آدمشماري پندره ڪروڙ ۽ جنهن مان 99.9 سيڪڙو آدم مون وانگر جوکيو آهي!. تڏهن سوچيو هوم، ته مان اُن ملڪ جي سلامتي، يڪجهتي ۽ بقا جي ڀرجھلو ڪيئن ٿي سگهندس، جنهنجي چئن صوبن جي تهذيب تمدن، تاريخ ۽ ثقافت کي ملياميٽ ڪري، ابوجھل قسم جي سياستدانن ون يونٽ ٺاهڻ جو تاريخي ڏوهه ڪيو آهي! پر پوءِ به پاڻ کي سمجهايو هوم، ته مون کي جيئن ته پنهنجي ڪٽنب جو بار کڻڻ لاءِ پرمٽ آهي، ۽ نه پروانو، تنهنڪري مونکي مملڪت خداداد، اسلامي جمهوريه جي بقا جو بار کڻڻو پوندو ۽ پنهنجي ڪٽنب جو پيٽ پالڻو پوندو. تنهن ڪري، گذريل چوويهه سالن کان ملڪ جي يڪجهتي ۽ سالميت جو بار من پنهنجن ڪلهن تي کنيو آهي، جنهن جي عيوض مونکي هڪ سو پنجهتر رپيا ۽ پنجھتر پيسا پگهار ۾ ملندا آهن.

          فرشتو چوڌري ڪرم الاهي به مون وانگر ملڪ جي بقا جو ڀرجھلو هو. هو بيحد برجستو آهي، يعني فرشتو آهي. هو مونکان وڌيڪ پگهار کڻندو آهي ۽ کاتي جي صاحبن کي وڻندو آهي. چوڌري ڪرم الاهي، عرف فرشتو ان بار هيٺان بيحد خوش آهي. اهو بار کڻڻ لاءِ هن وڏي قرباني ڏني آهي. هن پاڪستان کي ٽڪر ٽڪر ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ پنهنجي اباڻي وطن جلال آباد پور جٽان کي خير آباد ڪري سنڌ جا وڻ اچي وسايا آهن، ۽ هتي ڪيترن ئي يارن جا وڻ وڄائي ڇڏيا آهن. هڪ دفعي ذري گهٽ منهنجا وڻ وڄائي ڇڏيا هئائين. پڇيو هومانس، ”يار فرشتا، اهو ڪهڙو راز آهي، جو پاڪستان جي سالميت کي سنڌ مان خطرو آهي، ۽ تون جلال پور جٽان مان هجرت ڪري، پاڪستان جي بقا لاءِ سنڌ ۾ اچي واسو ڪيو آهي؟“ فرشتي ڏاڍي رازداريءَ مان ٻڌايو هو، ”هتي، سنڌ ۾ زيرِ زمين تحريڪون هلي رهيون آهن.“ مونکي ڏندين آڱريون اچي ويو هيون. پڇيو هومانس،”سنڌ جي تپاس جو ٿرماميٽر سنڌ کان ٻاهر آهي ڇا؟ تون زيرِزمين تحريڪن جي ڳالهه ٿو ڪرين، هتي زيرِ زمين تحريڪن جو ته نالو نشان ئي ڪونهي.“ فرشتي تمام خوفناڪ راڪاس جھڙو ٽهڪ ڏيندي چيو هو،”تون به ڪنهن زيرِ زمين تحريڪ جو ڪارڪن آهين.“ فرشتي جي ڳالهه ٻڌي منهنجا وائيسر ڍرا ٿي ويا، ۽ مون پاڻ کي پنهنجي ڪُٽنب سميت صليب تي چڙهندي محسوس ڪيو هو.

          ڊپٽي صاحب فرشتي کي سڏائي ورتو هو ۽ مان فرشتي جو انتظار ڪري رهيو هوس. فرشتو ڊپٽي ڪمشنر صاحب جو خاص چمچو آهي، ۽ گرائين به، ڊپٽي صاحب گهڻو ڪري کيس گهرائي وٺندو آهي ۽ کانئس سنڌ جي خراب ٿيندڙ سياسي حالت جو احوال وٺندو آهي.

          ٿوري دير کان پوءِ موٽي آيو. منهن لٿل هوس. مون ڏانهن نه ڏٺائين. بازار ڏانهن کُلندڙ دريءَ وٽ وڃي بيهي بيٺو.

          ان وقت شام جو وقت هو. سمورو عملو ڊيوٽيءَ تي وڃي چڪو هو. ان ڏينهن شهر ۾ ٻه ــ ٽي جلوس نڪتا هئا. ٻن ـــ چئن هنڌن تي اسٽرائيڪون ٿيون هيون، پٿر بازي ٿي هئي ۽ باهين لڳڻ جا واقعا ٿيا هئا. ڪجھ شاگرد بک هڙتال تي ويٺا هئا. شام جو پڪي قلعي، ڪچي قلعي ۽ لطيف آباد ۾ عام جلسا ٿيڻا هئا. اهو دور ون يونٽ خلاف ٻرندڙ جبل وانگر پڄرندڙ ۽ کامندڙ دور هو. اسان کي گهڙيال جي ڪانٽن وانگر چويهه ڪلاڪ ڪم ڪرڻو پوندو هو، پر تنهن هوندي به مٿان فون تي فون پئي ايندي هئي، ته سنڌ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي! ايڏو گوڙ، ايڏو گھمسان ڇاجو آهي، جو سموري اولهندي پاڪستان ۾ ٻئي ڪنهن صوبي جو آواز ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي!.

          فرشتو دريءَ وٽان هٽي، منهنجي ميز وٽ اچي بيٺو. ان وقت مان کانئس موڪلائي گهر وڃي رهيو هوس. فرشتي ٻئي هٿ ميز تي رکي مون ڏانهن ڏسندي چيو، ”ڊبو، توتي مصيبت نازل ٿيڻ واري آهي.“

          پڇيومانس، ” ڪنهن هٿرادو زيرِ زمين تحريڪ ۾ منهنجو نالو شامل ته نه ڪيو اٿئي؟“

          چيائين، ”وڃ. ڊپٽي صاحب ٿو سڏيئي.“

          مان ڏڪندو ۽ ڪنبندو، ڏاڍي احترام ۽ ادب سان ڊپٽي صاهب جي ڪمري ۾ داخل ٿيس. ڊپٽي صاحب پنجھاهه ـــــ پنجونجھاهه ورهين جي لڳ ڀڳ آهي، پر اکروٽ جھڙو سخت ۽ ڏاڙهونءَ جھڙو ڳاڙهو آهي. بدن جو ڀريل، قدآور ۽ طاقتور آهي. مونکي ڏسنديئي بُل ڏنائين، ”اوي ڦٽي مونهه! مفت جو پگھار ٿو کائين؟“

          ائين ٻاڏايم، جيئن آسمان ڏانهن هٿ کڻي اڻ ڏٺي الله جي درگاهه ۾ ٻاڏائبو آهي. چيم، ”سائين، حلال جو پگھار ٿو کاوان. هڪ سو پنجھتر رپين ۽ پنجھتر پيسن جي عيوض مان چوويهه ڪلاڪ لاڳيتي ڊيوٽي ڏيندو آهيان. شاگردن ۽ مظاهرو ڪندڙ مزورن جا پادر ۽ پٿر کائيندو آهيان. ماڻهن جي ملامت سهندو آهيان، هي ڏسو.“

          مون ڊپٽي صاحب کي بدن جا مختلف عضوا ڏيکارڻ شروع ڪيا، جن تي مظاهرن جي مُهر لڳل هئي. کيس پنهنجي ڏائي اک ڏيکاريندي چيم، ”ڏسو، هڪ ڪاليجي ڇوري اهڙو ته چتائي ٽماٽو وهائي ڪڍيو، جو ذري گھٽ راجا رنجيت سنگھ ٿيندي بچي ويو آهيان. ۽ سائين هي ڏسو!“

          ٽوپي لاهي ڊپٽي صاحب کي پنهنجي ٽڪڻ ڏيکاريندي چيم، ” هي ڊُولو ڏسو. روهڙيءِ وارا چوندا آهن ــــــ جج قبول، مٿي ۾ ڊول، پٿر گل ۽ لسو نه هجي ها ته جيڪر ٽڪڻ جو پنچر ڪري ڇڏي ها، ۽ هيءُ ڏسو.“

          قميض مٿي ڪري ڊپٽي صاحب کي پٺي ڏيکاريندي چيم، ”مان ڏسي نٿو سگهان، فقط عذاب محسوس ڪيان ٿو. هڪ مڇريل مزور پُٺيءَ تي هاڪي هڻي ڪڍي. هيءَ ٺونٺ‎ ڏسو، سوڍا واٽر جي بوتل لڳي هئي، ۽ هيءَ پِني ڏسو، هڪ شاگرد باٺو هنيو هو ۽ هي ڏسو.“

          مون پتلون لاهڻ لاءِ ٻئي هٿ بٽڻن ۾ وڌا، چيم، ”هيءُ ڏڪ به ڏسو“

          ”بس بس.“ ڊپٽي صاحب رڙ ڪئي. چيائين، ” قوم لاءِ جان قربان ڪبي آهي، تون معمولي ڌڪن ۽ رهڙن کان ٿو گهٻرائين، اوئي ڦٽي مونهه.“

          عرض ڪيم، ”اهي ڌڪ مونکي قوم هنيا آهن.“

          ”اوئي ڦٽي مونهه.“ ڊپٽي صاحب جو پارو چڙهي ويو.

          ڊپٽي صاحب جي وات تي ”اوئي ڦٽي مونهه“، ائين چڙهيل آهي، جيئن سندس وجود تي مڪر، فريب ۽ تڪبر جو تهه چرهيل آهي. هو اصل امرتسر جو ويٺل آهي، پوءِ 1942ع ۾ جڏهن انگريزن حُرن تي هوائي جھازن مان بمباري ڪري سندس ڳوٺن جا ڳوٺ ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيا، تڏهن ڊپٽي صاحب، جيڪو ان وقت کاتي جي سڀ کان هيٺين خاڪي ۾ هو، انگريزن جي اشاري تي امرتسر مان هجرت ڪري سانگهڙ اچي وسايو. ان وقت کان، يعني 1942ع کان ڊپٽي صاحب سنڌ ۾ آيو. هو ان عرصي ۾ سنڌي ڳالهائڻ ٻولهائڻ به سکي ويو آهي. ڪَلَ اٽڪندي اٿس فقط هڪ جملي تي ـــ ”اوئي ڦٽي مونهه“

          ڊپٽي صاحب ميز تي بيد جو لڪڻ وهائيندي پڇيو، ”اوئي ڦٽي مونهه، اسٽيشن روڊ تي ليڊي ڊفرن اسپتال جي ڀت ڏٺي اٿئي؟“

          ”ها سائين، ڏٺي اٿم.“

          ”ڪيئن آهي؟“

          ”تمام مضبوط آهي.“

          ”اوئي ڦٽي مونهه.““

          هڪدم چيم، ”ها، ڀت اُڀي آهي. ڪابه عورت ويم ڪري، بنا پئسن ڏيڻ جي اُها ڀت ٽپي ڀڄي نه سگھندي.“

          جواب ٻڌي ڊپٽي صاحب آپي مان نڪري ويو. تمام کُهري لهجي ۾ چيائين، ”ڦٽي مونهه! اها ڀت ڏسي تونکي پنهنجو فرض ياد نه ايندو آهي؟“

          مان هڪدم سوچ ۾ ٻڏي ويس. سوچيم: ليڊي ڊاڪٽر ڊفرن اسپتال جي ڀت ڏسي مون کي ڪهڙو فرض ياد اچڻ گھرجي! ائين برابر هو، ته انهن ڏينهن ۾ منهنجي گهر واري خير سان ڏهون دفعو اُميد سان هئي ۽ مان سخت نااُميد هوس. پر منهنجي گهر واريءَ جي اميد، ۽ منهنجي نااميدي جو ليڊي ڊفرن اسپتال سان نه سڌو، ۽ نه وري ڪو اڻ سڌو واسطو هو. مون خواب ۾ به نه سوچيو آهي ته مان پنهنجي ملڪ جي آدمشماريءَ ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ليڊي ڊفرن اسپتال ۾ داخل ڪرائي سگهندس. مون ڦليلي پار پريٽ آباد جي هڪ دائيءَ سان ٻڌي ليکي سودو ڪري ڇڏيو آهي. هو هر سال محرم جي مهيني ۾ بنا سوچڻ جي هلي ايندي آهي، ۽ منهنجي گهر واريءَ کي هڪ عدد ٻار ڄڻائي موٽي ويندي آهي. تنهن ڪري منهنجو، يا منهنجي زال جو ليڊي ڊفرن اسپتال سان ڪوبه واسطو نه هو، نه آهي، ۽ نه رهندو.

          جڏهن خاموش  رهندي ۽ سوچيندي ڪافي دير ٿي ويئي، تڏهن ڊپٽي صاحب رڙ ڪندي چيو، ” اوئي ڦٽي مونهه! ليڊي ڊفرن اسپتال جي اُٺ جيڏي ڀت ڏسي، تونکي ڪوبه خيال نه ايندو اهي!“

          تڏهن اوچتو هڪ خيال ذهن کي روشن ڪيو. هڪدم وراڻيم، ”سر ليڊي ڊفرن اسپتال جي ڀت ڏسي مونکي هڪ خيال ايندو آهي.“

          ”ڪهڙو خيال؟“ ڊپٽيءَ پچيو.

          ”جنهن رفتار سان اسين جيل ڀري رهيا آهيون، تنهن مان اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته انشاء الله تمام جلد سينٽرل جيل ۽ نارا جيل ۾ هائوس فل ٿي ويندو.“ پنهنجي ڳالهه تي زور ڏيندي چيم، ”هنگامي حالتن ۾ ليڊي ڊفرن اسپتال کي جيل بدران استمعال ڪري سگهجي تي. مجال آهي جو ڪو شاگرد، مزور يا سياسي قيدي اها اُڀي ڀت ٽپي ڀڄي سگهي!“

          ڊپٽي صاحب جي منهن ۾ گُهنڊ پئجي ويو. شوڪي ڏٺائين. پوءِ چيائين، ”تون لاپرواهه آهين. مان تنهنجي بدلي لورالائي ڪرائي ڇڏيندس.“

          ”اهڙو ظلم نه ڪجو سائين.“ عرض ڪيم، ”پرديس ۾ جيڪڏهن ڪنهن جو رڪارڊ خراب ڪيم ته پادر کائيندس. خدا جي واسطي منهنجي بدلي لورالائي نه ڪجو.“

          ڊپٽي صاحب جي ڪاوڙ ڍري ٿي. پڇيائين، ”ليڊي ڊفرن اسپتال جي ٻاهرين ڀت ڏٺي اٿئي.“

          ”ها سائين.“

          ”ان ڀت تي طرحين طرحين جون لکڻيون نظر اينديون آهن ه؟“

          ”ها سائين.“

          ”هاڻي هڪدم ٻڌاءِ ته ليڊي ڊفرن اسپتال جي ڀت تي ڇاڇا لکيل هوندو آهي.“

          مون حافظي تي زور ڏنو. منهنجو حافظو اسان جي هوش وانگر ڪمزور آهي. گهڻي سوچ ويچار، ۽ ذهني ولوڙ کان پوءِ ڀت تي لکيل ڪجھ جملا ۽ نعرا ياد آيا.

          چيم، ”سائين. ڪجھ جملا ياد آيا آهن.“

          ”ٻڌاءِ“

          مون کيس جملا ۽ نعرا ٻڌائڻ شروع ڪيا، اهڙي نموني، جھڙِي نموني منهنجي ذهن ۾ ايندا ويا. چيم، ”سائين، ليڊي ڊفرن اسپتال جي ٻاهرين ڀت تي لکيل هوندو آهي: اسلامي سوشلزم مڙده باد ــــــ مزدور ڪا مطالبه اسلامي نظام ــــــــ ڊئم جا حامي، سڀ حرامي ـــــــ وڃايل طاقت ۽ جواني ٻيهر حاصل ڪرڻ کاءِ اچو، هونو لولو هيلٿ سينٽر ۾ ـــــــــــــــ ڪميونسٽون ڪا قبرستان، پاڪستان پاڪستان ــــــــ شاليمار ۾ ڏسو يڪي والي فلم ۾ مسرت نظير جا هوشربا ناچ ــــــــ پاڪستان ۾ قرآني قانون نافذ ڪريو ـــــــــ ڏهن ڏينهن ۾ ٽائيپ ڪرڻ سکو ــــــــ زناني ۽ مرداڻي پوشيده بيمارين لاءِ ياد رکيو حڪيم جالينوس رامپوري ــــــــــ راجا ڏاهر‎ر مڙده باد، محمد بن قاسم زنده باد ــــــــ جاگو جاگو مهاجر جاگو ـــــــــــــ سابق صوبه سنڌ ڪا نام باب اسلام رکا جائي ــــــــــ باٽا بوٽ مضبوط ۽ پائدار آهن ــــــــــ ڊالر انڪ ………………..“

          ”بس“

          ”بس سائين.“

          ”اوئي ڦٽي مونهه!“ ڊپٽيءَ چيو، ”انهن نالن جي وچ ۾ لکيل هوندو آهي ــــــــــ ون يونٽ مڙده باد ـــــــ ون يونٽ ختم ڪريو.“

          ”ون يونٽ ختم ڪريو!“

          ”ها، ون يونٽ ختم ڪريو.“ ڊپٽيءِ چيو، ”پاڪستان جي سالميت ون يونٽ ۾ آهي، جيڪو شخص ون يونٽ جي خلاف آهي، سو پاڪستان جي خلاف آهي، پاڪستان جو دشمن آهي. هي ملڪ اسلام جي نالي ۾ ورتو ويو آهي، تنهنڪري اسين سڀئي اسلامي اخوت ۾ ٻڌل آهيون. اسين هڪ مذهب جي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهيون. صوبن جو بحال ٿيڻ ڪفر آهي.“

          پوءِ هڪ پَهَرُ اهڙو به آيو، جيڪو سوچ ۾ سمنڊ ۾ لڙهندو رهيو.

          ڊپٽيءَ جي کهري آواز منهنجن خيالن ۾ خلل وڌو. چيائين، ”ويچارا منسپالٽيءَ وارا ”ون يونٽ مرده باد“ جي نعري تي روز پوچي ڦيرائيندا آهن، پر ڪو خطرناڪ سنڌ پرست انقلابي راتو واهه ٻيهر ون يونٽ خلاف نعرو لکي ٿو وڃي.“

          چيم، ” اها نهايت افسوس جي ڳالهه آهي.“

          ساڳي لهجي ۾ چيائين، ” تونکي اُهو خطرناڪ، تخريبڪار ۽ پاڪستان جو غدار ڳولڻو پوندو. جيستائين اُن باغي کي هٿ نه ڪندين، تيستائين سمجھ ته نوڪري خطري ۾ اٿئي. صبح تائين جيڪڏهن ان بدمعاش کي گرفتار نه ڪري سگهين، ته پوءِ ياد رک، تنهنجي بدلي لورالائي ڪري ڇڏيندس.“

          مون حسرت ڀريل نگاهن سان ڊپٽي صاحب ڏانهن ڏٺو، ۽ پوءِ کيس سلام هڻي (منهنجي کاتي ۾ سلام ڪبو ناهي، هڻبو آهي) موٽڻ لاءِ ڦريس. در تائين مس پهتو هوندس جو صاحب، ”اوئي ڦٽي مونهه، صبح تائين اهو خوفناڪ ملزم منهنجي سامهون هئڻ گهرجي. سمجهيئه.“

          مان پنهنجي ڪمري ۾ موٽي آيس. پگهر اُگهي فرشتي ڏانهن ڏٺم. مون ڏانهن ڏسي رهيو هو. مون فرشتي کان پڇيو: ”يار فرشتا، ليڊي ڊفرن اسپتال جي ڀت تي هزارين نعرا لکيل آهن. ڊپٽي صاحب ”ون يونٽ مرده باد“ تي ڇو اچي مڇريو آهي.“

        ”ڇو جو هي پاڪستان جي خلاف آهي.“

          ”۽ برباد جواني حاصل ڪرڻ ۽ مسرت نظير جا هوشربا ناچ!“

          ”اهي ٽانڪ آهن.“ فرشتي چيو، ” جيڪڏهن صبح تائين ان دشمن کي پڪڙي نه سگهئين ته پوءِ يار، اسان کي پڪ ٿي ويندي ته تون انقلابي ۽ سنڌ پرست گرهه سان سٽل ۾ آهين.“

          مان فرشتي سان هٿ ملائي، خيال ڊوڙائيندو، سنڌ پرست کي گرفتار ڪرڻ جون تدبيرون سوچيندو، گهر آيس.

          مان جنهن وقت گهر پهتس، تنهن وقت رات جا اٺ ٿي رهيا هئا. منهنجي گهر واري چلهه وٽ ويٺي هئي ۽ ٻارن لاءِ ڊنر تيار ڪري رهي هئي، يعني دال چانورن جي کچڻي رڌي رهي هئي ۽ شڪر ڪري رهي هئي.

          مٿي تي رئو رکندي پڇيائين، ”اڄڪلهه ڏاڍي دير سان گهر اچو ٿا؟“

          ”ڇا ڪريان، ڪم وڌي ويو آهي.“ آهستي وراڻيم.

          خوش ٿيندي پڇيائين، ” فقط ڪم وڌي ويو اَٿو، يا پگهار به وڌي اَٿو.“

          ٻڌايومانس ته، نه فقط ڪم وڌي ويو آهي، پر اٽي، چانور ۽ دال جي قيمت به وڌي ويئي آهي. پگهار نه وڌي آهي.

          مون ڏانهن نهاريندي پڇيائين، ” ڏاڍا فڪرمند پيا ڏسجو. خير ته آهي نه؟“

          وراڻيم، ”ملڪ جي سالميت خطري ۾ آهي.“

          ”ملڪ ته ٻاويهه سالن (هي ڪهاڻي 1970ع جي آهي) کان خطري ۾ آهي.“ باهه کي ڦوڪ هڻندي چيائين، ” محمد علي جناح جي ڏينهن به توکي ملڪ خطري ۾ نظر ايندو هو. خواجه ناظم الدين جي ڏينهن به تون چوندو هئين ته ملڪ خطري ۾ آهي. غلام محمد لنگڙي ۽ سڪندر مرزا جي ڏينهن ۾ به چوندو هئين ته ملڪ خطري ۾ آهي. هينئر جنرل آغا يحيا خان جي ڏينهن ۾ به چوين ٿو ته ملڪ خطري ۾ آهي. اهو ماريو خطرو آخر ڪڏهن ٽرندو؟“

          ”اهو خطرو نوڪريءَ مان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ٽرندو.“ کيس اجائي بحث کان ٽآرڻ لاءِ چيم، ”کچڻيءَ ذرو ڏي ته کائي رات پاليءَ تي وڃان.“

          گهر واريءَ پاٽڙيءَ ۾ مونکي ۽ ٻارن کي کچڻي وجهي ڏني. مان کچڻي جا ڪوسا ڪوسا گرهه کائيندو ويس ۽ ٻارن جي آدمشماري به ڪندو رهيس. منهنجو ٽيون نمبر پٽ حاجن غائب هو. گهر واريءَ کان پڇيم، ” اهو رولو ڇورو حاجن اڃا نه موٽيو آهي ڇا؟“

          ”شام ڌاري آيو هو.“

          ”پوءِ ڪيڏانهن ويو؟“

          ”پاڙي وارن سان ونجھ وٽي راند ڪرڻ ويو آهي.“

          ”منسپالٽيءَ وارا گهٽيءَ ۾ وري بلب هڻي ويا آهن ڇا؟“

          ”ها.“

          ”پوءِ ويندي ويندي پٿر هڻي ڀڃي ٿو وڃانس.“ چيم، ” نه هوندو بلب، ۽ نه ئي ڇورا رات جو سڙڪن تي ونجھ وٽي ڪندا.“

          گھر واريءَ پڇيو، ”وري ڪڏهن موٽندين؟“

          ”شايد صبح تائين نه موٽان.“ وراڻيم، ” اڄ رات مونکي خطرناڪ سنڌ پرست گرفتار ڪرڻو آهي.“

          خوف وچان چيائين، ”متان پاڻ مارائي اچين.“

          ”پرواهه نه ڪري.“ وراڻيم، ” منهنجي کاتي منهنجو اٺ سو رُپين جو انشورنس يعني ويمو ڪرايو آهي. مري ويس ته ان قاروني رقم مان سڄي عمر ٻارن سميت عيش ڪجانءِ.“

          ان کان اڳ جو منهنجي فرمانبردار ۽ چئي واري زال منهنجي موت جي تصور کان هنجون هاري، مان گهر کان ٻاهر نڪري آيس.

          گهٽيءَ ۾ اچي مون پٿر کڻي منسپالٽيءَ جو بلب ڀڃي ڇڏيو ۽ گهڻيءَ ۾ گگهه اونداهه ٿي ويئي.

          مان سنڌ پرست جي ڳولا ۾ نڪري پيس.

          مون سڀ کان اڳ ليڊي ڊفرن اسپتال جي ڀت جو جائزو ورتو. برابر. برباد جوانيءَ ۽ سوشلزم مرده باد جي وچ ۾ لکيل هو، ”ون يونٽ ختم ڪريو.“

          مون اسٽيشن روڊ تي نظر ڊوڙائي سامهون وارين سوڙهين گهٽين ڏانهن شڪي نگاهن سان ڏٺم. انهن گھٽين مان هڪ گھٽيءَ ۾ ٻه سنڌي افسانه نگار رهندا آهن. جن مان هڪ رسالو به ڪڍندو آهي. ٻيءَ گھٽيءَ ۾ به هڪ افسانه نگار رهندو آهي. منهنجو خيال انهن ٽنهي ڏانهن ڇڪجي ويو. انهن ٻن گھٽين ۾ ڪجھ سنڌي شاگرد به رهندا آهن. انهن تي به شڪ پيم. خيالن جا لغڙ پئي اُڏايم، جو پريان هڪ شخص کي ليڊي ڊفرن اسپتال جي ڀت وٽ بيهندي ڏٺم. کيس ڪوٽ پتلون پاتل هو ۽ وار جائيتا هئس. ڀانيم، اهوئي بدمعاش آهي، جيڪو اُٿڻ شرط هٿ لڳو آهي. ڀرسان وڃي، پٺيان بيهي کانئس پڇيم، ”ڇا پيو ڪرين.“

          وراڻيائين، ”انڌو آهين ڇا! ڏسين نه ٿو، پيشاب پيو ڪريان.“

          مان ڪياڙي کنهندو پري هليو ويس.

          ليڊي ڊفرن اسپتال جي ڀت فرلانگ کن ڊگهي آهي. اڻپوريءَ روشنيءَ ۾ سڄيءَ ڀت تي نظر رکڻ مشڪل محسوس ڪيم، تنهنڪري ڀت آڏو هلڻ شروع ڪيم.

          اسپتال جي اوائلي در کي بند ڪيو ويو آهي. ان در آڏو بڙ جو وڻ آهي، جنهنجي اوٽ ۾ اوائلي در جي ڏاڪڻ جا پنج ڏاڪا آهن. انهن ڏاڪن تي ٻه شخص ويٺا هئا ۽ سگريٽ ڇڪي رهيا هئا. کين غليظ ڪپڙا پاتل هئا. شڪل شبيهه مان موالي پئي لڳا. هو مونکي ڏسي سس پس ڪرڻ لڳا. ٻه چار چڪر هڻڻ کانپوءِ سوچيم، ته ٿي سگهي ٿو، سنڌ پرست غدار ٻهروپيو ٿي پنهنجو ڪم ڪندو هجي، تنهنڪري چڪر هڻندي، ڏاڪڻ جي ويجهو ٿي لنگهيس. هو چرس ڇڪي رهيا هئا. هڪ ڄڻي کنگهڪار ڪندي چيو، ”باشائو، گولي شولي گهرجيئي؟“

          مان اتان گولي ٿي ويس. روڊ جي ٻئي پاسي هلڻ شروع ڪيم. اک اسپتال جي ڀت تي رکيم. هر دم اهو اونو لڳل هو ته ڪٿي اهو غدار اک بچائي نعرو لکي الوپ نه ٿي وڃي. هلندي هلندي، ايندي ويندي، اک ڀٿ ٿي رکيم. ٻه ــــ چار دفعا فٽ پاٿ تي ٿاٻا به کاڌم، پر ڀت تان اک نه ڪڍيم. فردوس هوٽل ٻاهران ڪجھ نوجوانن جو ٽولو بيٺو هو. هو پاڻ ۾ اردو ڳالهائي رهيا هئا، تنهنڪري مٿن شڪ نه ڪيم. سوچيم، هِنن جو ون يونٽ سان ڪهڙو وير! جڏهن سندن پاسي مان لنگهم، تڏهن هڪڙي ڄڻي مونکان پڇيو، ”ڪنهن نرس جي چڪر ۾ آهين ڇا.“

          ڏاڍو ککو وکو ٿيم. جواب ڏيڻ بدران تڪڙو تڪڙو اتان هليو ويس. صالح بلاول گهٽيءَ وٽ بجليءَ جي ٿنبي کي ٽيڪ ڏيئي بيهي رهيس ۽ ليڊي ڊفرن اسپتال جي ڀت ڏانهن ڏسندو رهيس.

          گاڏي کاتي کان ٽي ڇوڪراٽ اسپتال ڏانهن اچي رهيا هئا. پريان ئي تاڙي ورتم ته هو ڪنهن زبردست بحث ۾ مبتلا هئا ۽ هڪٻئي کي مات ڪرڻ جي چڪر ۾ هئا. مان هڪدم روڊ ٽپي اسپتال جي ڀت وٽ وڃي بيٺس. هو ڳالهائيندا منهنجي پاسي کان اچي لنگهيا. ڪا انگريزي فلم ڏسي موٽيا هئا، جنهن جا مڪالما کين سمجھ ۾ نه آيا هئا. مڪالمن جي معنى ۽ مفهوم تي بحث ڪري رهيا هئا. مان مايوس ٿي، موٽي اچي بجليءَ وٽ بيٺس.

          بيٺي اڌ ڪلاڪ کن مس گذريو هوندو، جو هڪ سائيڪل اسپتال جي ڀت وٽ اچي بيٺي. سائيڪل تي ڊبل سواري هئي. هڪ ڄڻي جي هٿ ۾ دٻو هو ۽ ٻئي جي هٿ ۾ برش. هنن سائيڪل فٽ پاٿ تي بيهاري ڇڏي ۽ ڀت تي ڪا خالي جاءِ ڳولڻ لڳا. مان ڪرڙي اک سان کين ڏسندو رهيس ۽ ٻنهي کي هڪ ئي مهل گرفتار ڪرڻ جي ترڪيب سوچڻ لڳس. هنن کي هڪ هنڌ ڀٿ ٿي خالي جاءِ نظر آئي. هڪ ڄڻي بنا هٻڪ جي دٻي ۾ برش ٻوڙي ڀت تي لکڻ شروع ڪيو.

          مان ذري گھٽ ڊوڙندو مٿن وڃي ڪڙڪيس. ڪاميابيءَ جي خوشيءَ ۾ اکر نه پئي اُڪليو. سندن سائيڪل ۾ هٿ وجھي بيهي رهيس. جنهنجي هٿ ۾ دٻو هو، تنهن پڇيو، ”اڙي، سائيڪل چور ته ناهين؟“

          ” نه، نه.“ مون کين وراڻيو، ”توهين اطمينان سان جيڪي وڻيو لکو.“

          هڪ ڄڻي ڏاڍي چستيءَ ۽ فڙتيءَ سان ڀت تي لکيو، ” قسمت جو حال معلوم ڪرڻ لاءِ ملو ــــــ پروفيسر آر. آر. ڪي . ڪي پرديسيءَ سان.“

          مايوسي مَنَ کي وڪوڙي وئي. موٽي وڃي بجليءَ جي پول وٽ بيٺس. ڪجھ دير لاءِ ائين محسوس ڪيم، ته رات جا اٺ پهر اڏامي ويندا، پر خطرناڪ سنڌ پرست باغي هٿ نه ايندو ۽ صبح جو ڊپٽي صاحب منهنجي بدلي لورالائيءَ ڏانهن ڪرائي ڇڏيندو. مان دل ۾ ون يونٽ، سنڌ پرست باغيءَ ۽ ڊپٽيءَ کي پاراتا ڏيندو رهيس.

          ڪجھ دير کانپوءِ ٽرئفڪ جي آمدروفت گھٽ ٿي ويئي. ماڻهن جو لنگهڻ به گھٽ ٿي ويو. پول وٽان منهنجي نگاهه سموري ڀت تي پئجي رهي هئي. اوچتو هڪ شخص کي ڀت ڏانهن وڌندي ڏٺم. هو ڀت جي پرئين پاسي هو ۽ چڳيءَ طرح نظر نه پئي آيو. هڪ ڦاٽل پُراڻن ڪپڙن وارو ملنگ ڀت وٽ گودڙي وڇائي ليٽي پيو. سوچيم، هيءُ ئي اهو سنڌ پرست باغي آهي، روپ بدلائي آيو آهي ۽ اڌ رات جو ڀت تي ون يونٽ خلاف نعرو لکي ڀڄي ويندو.

          مان سندس ڀرسان وڃي بيٺس. هن مون ڏانهن اک کڻي به نه نهاريو. هو ٻئي ٻانهون ڪنڌ هيٺان ڏيئي آسمان ڏانهن ڏسڻ لڳو.

          پڇيومانس، ”ڪير آهين ۽ هت ڇو سمهيو پيو آهين.“

          ورائي پڇيائين، ”تون ڪير آهين ۽ اهرو واهيات سوال ڇو ٿو پڇين؟“

          مان منجهي پيس. ڪجھ به نه اُڪليو ته چيومانس، ” مان به ڀت وٽ سمهڻ چاهيان ٿو.“

          ”مون وانگر بي گهر آهين؟“

          ”ها.“

          ”لت کوڙي سمهي پَئُه.“ چيائين، ”اڌ رات جو جڏهن چوڪيدار ايندو، تڏهن کيس پائلي ڏيئي ڇڏجانءِ.“

          مان سندس ڀرسان ويهي رهيس. کيس کوٽن لاءِ چيم، ”ون يونٽ به وڏي لعنت آهي، اسان کي بي گهر ڪيو اٿائين.“

          پڇيائين، ” ون يونٽ ڇاهي؟“

          وراڻيم، ” سالميت جي نالي ۾ پاڪستان جو ٻيڙو ٻوڙڻ واري حرڪت.“

          لاپرواهيءَ وچان پڇيائين، ” ۽ اهو پاڪستان وري ڇاهي؟“

          مون حيرت مان ڏانهنس ڏٺو. چيم، ” نشي ۾ ته ناهين جو پاڪستان جي به ڪا خبر نه اٿئي.“

          پڇيائين، ” پاڪستان ڪنهن ملڪ جو نالو آهي ڇا؟“

          ”ها.“ هڪدم وراڻيم، ”پاڪستان دنيا جو سڀ کان وڏو اسلامي ملڪ آهي. جيئن هندستان ملڪ آهي. تيئن پاڪستان به هڪ ملڪ آهي.“

          آرام سان پڇيائين، ” ۽ اهو هندستان وري ڪٿي آهي.“

          ”ايشيا ۾. “

          ”۽ ايشيا ڪٿي آهي؟“

          مان مٿي کي هٿ ڏيئي اتان اٿي ويس.

          اميد جي تند ٽٽڻ لڳي. لورالائي ڏانهن بدلي ٿيڻ جي پڪ ٿيندي ويئي. سوچيم، گھر موٽي وڃان. زال ٻارن کي لورالائي ڏانهن ڪوچ ڪرڻ جو اطلاع ڏيان. اتي بيهڻ بيڪار ڀانيم. موٽڻ لاءِ مُڙيس. وڃڻ کان اڳ هڪ دفعو ڀت ڏانهن ڏسڻ جو خيال جاڳي اٿيو. منهن ورائي ڀت ڏانهن ڏٺم.

          منهنجي حيرت جي حد نه رهي. هڪ ڊينڊو شخص ڀت تي ڪجھ لکي رهيو هو. مان پير پير ۾ کڻندو، آهستي آهستي هلندو، سندس پٺيان وڃي بيٺس. هن جي مون ڏانهن پٺي هئي. قد بت مان هو ڇوڪراٽ پئي لڳو. هو ڀت تي لکي رهيو هو ــــــــ ”ون يونٽ مرده باد.“

          مون وڌي وڃي سندس ڪنڌ ۾ هٿ وڌو. رڙ ڪندي چيم، ”بدمعاش، پاڪستان جي اتحاد جا دشمن، مونکي ذري گھٽ لورالائي بدلي ڪرائيندڙ، سنڌ پرست باغي! اڄ تنهنجو خير ناهي.“

          مون ڀَرُ ڪري کيس ڪنڌ تي مُڪَ وهائي ڪڍي. هو ڦيري کائي فٽ پاٿ تي ڪِري پيو. ٽيوب لائيٽ جي روشنيءَ ۾ ڏانهس ڏٺم.

          هو منهنجو ٽيون نمبر پٽ حاجن هو! ! ! ! ! .

مان ڪنوارو آهيان.
    پر جڏهن کان پنجويهين سالگره ملهائي اٿم، تڏهن کان منهنجو ڪنوارپڻو سڀني کي ککڻ لڳو. بابا صبح جو سڏ ڪندي چيو:
        ”مونکي سيٺ نور ڀائي جي ڇوڪري پسند آهي.“
    ان کان اڳ جو مان ڪجھ جواب ڏيان، امان پريان ئي رڙ ڪئي:
        ”شرم نٿو اچيو، هن عمر اهڙيون ڳالهيون ٿا ڪريو.“
        ”تون وچ ۾ بڪ بڪ نه ڪر. پنهنجو ڪم ڪر.“
        ”مان بڪ بڪ ٿي ڪيان؟“
        ”تونکي ٽي هزار ٽي سو ٽي دفعا چيو اٿم ته بزنس جي معاملي ۾ نه ڳالهائيندي ڪر.“
    اما جواب نه ڏنو ۽ نرم ڪشن جي صوفا سيٽ تي ڌڙام ڪري ويهي رهي. منهنجي ماءُ هن شهر جي مشهور هستي آهي. ڪيترن ئي جماعتن جي سرگرم رڪن آهي ۽ عورتن جي ترقي پسند جماعت ايل پي اي جي جنرل سيڪريٽري آهي. الاءِ ڪيئن بابا جي ڇڙٻ سهي ويئي. ڪوچ تي پاسا پي بدلائين. سندس رخ مان ظاهر هو ته هو جلد ئي ڪنهن فيصلي تي پهچي بک هڙتال جو اعلان ڪندي.
    بابا چيو: ”ڇوڪري مونکي پسند آهي. اهڙو سڱ سالن ۾ هڪ دفعو ملندو آهي. تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي؟“
        ”توهان بزرگ آهيو.“
        ”شاباس. فرمانبردار اولاد هجي ته اهڙي.“
        ”مان توهان جو ۽ توهان جي فيصلن جو احترام ڪندو آهيان.“
        ”شاباس. سيٺ نور ڀائي جي ڌيءَ تو به ته ڏٺي هوندي؟“
        ”ها. اڪثر ڪلبن ۾ هوٽلن ۾ کيس ڏٺو اٿم.“
        ”ڪيئن آهي؟“
        ”توهان کي پسند آهي ته سمجهو ته مون کي به پسند آهي.“
        ”شاباس. نورو ڀائي شادي ۾ ڌيءَ کي هڪ لک روپيا روڪڙ، هڪ بنگلو ۽ هڪ ڪار ڏيندو.“
        ”ائين چئو نه“ اما اٿي کڙي ٿي. ”دولت تي ڀنڀليا آهيو.“
        ”شٽ اپ!“ بابا رڙ ڪئي. ”فقط دولت جي ڳالهه ڪونهي، ڇوڪري به مونکي پسند آهي.“
        ”شرم ڪونهي. ٻيو سڀ ڪجھ آهي، اڇن وارن ۾ عقل وڃايو اٿو.“
        ”ڇا!. هن گهر ۾ مونکي ڪنهن به فيصلي ڪرڻ جو حق ڪونهي؟“
        ”آهي، پر جائز هئڻ گهرجي.“
        ”تون ڪير ٿيندي آهين حق ۽ لاحق جي ساهمي سنڀاليندڙ!“
        ”مان ڪا پراڻي زماني جي دقيانوسي عورت نه آهيان. مان اهو مسئلو ايل ـ پي ـ اي جي هنگامي اجلاس ۾ پيش ڪنديس.“
    مون وچ ۾ پئي صلح ڪرائڻ خاطر چيو: ”اما. هيءَ ويهين صدي آهي. ترقي پسند زمانو آهي. بابا کي اسلام ٻي شادي ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.“

        ”What “ بابا آرام ڪرسي تان راڪيٽ وانگر اٿي کڙو ٿيو. ڪشميري ٽيبل تي پير رکندي چيائين: ”ٻي شادي! بدتميز! نالائق!“
        ”پر بابا توهان………“
        ”Shut up بابا جا ٻچا!“
        ”پر……..“
        ”No. تون اهڙي واهيات ڳالهه زبان تي آڻڻ جي جرئت ڪئي؟“
        ”هن جو ڪهڙو ڏوهه، توهان ئي ته نورو موئي جي ڌيءَ جا ڪلما ٿا ڀريو.“
        ”Old Woman، تونکي ٽي هزار ٽي سو ٽي دفعا چيو اٿم ته پنهنجو کنڊو وات بند رکندي ڪر.“
        ”کنڊا هوندا توهان. مون کي ٻٽيهه ڏند آهن.“
        ”سڀ نقلي آهن. چوچن جا چيني ڊينٽيسٽ جا ٺهيل آهن.“
        ”بابا، توهان ئو چيو پئي، ته سيٺ نوروءَ جي ڌيءَ توهان کي پسند آهي.“
        ”آهي. Bloody Fool، پسند آهي.“
        ”ته پوءِ؟“
        ”پسند ڪئي اٿم. پنهنجي جي لاءِ نه، پر تنهنجي لاءِ! “
        ”ڇا؟“
        ”اسان کي پاڻ جهڙن سان ڪلهو هڻڻو آهي.“
    اما جي ڪاوڙ ڪافور ٿي وئي. سندس منهن تي خوشي موٽي آئي.
    مون همت ڪندي چيو: ”اها ڇوڪري مونکي پسند ناهي.“
        ”ڇو پسند ناهي؟ لک روپيا روڪ، هڪ ڪار، هڪ بنگلو، پسند نه اٿئي؟“
        ”سڀ ڪجھ پسند اٿم، پر ڇوڪري مونکي پسند ناهي.“
        ”ساڳي دقيانوسي پسند، اڙي بيوقوف عقل کان ڪم وٺ. اسان سنڌين کي ترقي ڪرڻي آهي.“
        ”نه نه. ڇوڪري ڪاري آهي، ٿلهي آهي، منهن تي ماتا جا داغ اٿس ۽ هڪ دفعو پنهنجي ڊرائيور سان ڀڄي به ويئي هئي.“
        ”غلطي انسان جي فطرت آهي.“ اما ڪاوڙجندي چيو:”توهان مرد سنگدل آهيو، عورت جي هڪ غلطي هزار سالن تائين سوچيندا رهندا آهيو.“
        ”هي سڀني عورتن جو مسئلو ناهي.“ مون وراڻيو.
        ”آهي. مار پوي مئي شيڪسپير کي، سوين سال اڳ هڪ دفعو چيو هئائين Frailty the name is Woman توهان اڄ تائين انهن اکرن جو تعويذ ٻڌي ٿا گهمو.“
        ”تو کي ٽي هزار ٽي سو. . . . . .“
        ”مان اهو مسئلو ايل ـ پي ـ اي جي هنگامي اجلاس ۾ پيش ڪنديس.“
        ”ڪجھ به هجي، پر مان سيتاڦل سان شادي هرگز نه ڪندس.“ مون جواب ڏنو.
    بابا اکيو ڦوٽاري مون ڏانهن ڏٺو.
    اما چيو: ”مان احمد جي ماءُ آهيان. ڇوڪري پسند ڪرڻ منهنجو ڪم آهي.“
        ”تو ڪير ٿيندي آهين ڇوڪري پسند ڪرڻ واري؟ ڇوڪري مان پسند ڪندس!“
        ”ڇوڪري پسند ڪرڻ عورتن جو ڪم آهي. توهان عورتن جي معاملي ۾ نه پئو“
         ”اڄ جي شادي بزنس آهي. بزنس ۾ عورتن کي دخل ڏيڻ نه گهرجي.“
        ”توهان عورتن جي توهين ڪري رهيا آهيو.“
        ”ڪراڙي، بيعقل…….“
        ”خبردار جو مونکي ڪراڙو سڏيو اٿو.“
        ”بيوقوف ناهين ته ٻيو ڇاهين؟ وساري ڇڏيو اٿئي ته انيتا کي شادي ۾ اسي هزار ڪيش ۽ هڪ ڪار ڏني هئي سين؟“
    انيتا منهنجي ڀيڻ آهي. بيحد ذهين ۽ حاضر جواب آهي. امريڪا وڃڻ کا اڳ انڪساري کان ڪم وٺندي هئي. هڪ دفعو بابا کيس سمجهائيندي چيو هو:” اسان سنڌي آهيون. ترقيءَ طرف قدم کنيو اٿئون. اسان کي پاڻ جھڙن سان ڪلهو هڻڻو آهي.“
        ”سڀ انسان هڪ جھڙا آهن. دولت انسان جي وچ ۾ ديوار ٿي نه سگهندي.“ هن جواب ڏنو هو.
    ان اعتراض جو جواب اما ڏنو هئس: ”سڀ انسان گهوڙا هجن ها، ته گڏهن جو ڪم ڪير ڪري ها؟“
        ”ڪجھ به هجي، مان بهادر خان جھڙي شرابيءِ جي زال ٿيڻ تي موت کي ترجيح ڏيان ٿي.“ انيتا هڪ ڏينهن انقلابي فيصلو ڪيو هو؛”مان رشيد سان شادي ڪنديس. هو غريب آهي. مسڪين آهي. ڏينهن جي نوڪري اٿس. رات جو ڪاليج ۾ پڙهندو آهي.“
    اسان سڀني تي بم ڪري پيو. بابا، جنهن جتن ڪري دولت جمع ڪئي آهي، تنهن جي منهن جو پنو لهي ويو. اما کي ناموس جو فڪر رهندو آهي، سا فڪرمند ٿي ويئي هئي.
    پر انيتا، جڏهن نوجوانن جي مٽا سٽا واري پروگرام ۾ هڪ سال لاءِ آمريڪا مان ٿي آئي، تڏهن سندس خيال به مٽجي ويا. اچڻ شرط رشيد کي ٽيليفون کڙڪائي هئائين:
        ”رشيد، تون منهنجي لاءِ UnFit آهين.“
    هن ڪجھ وراڻيو هو، جنهن تي انيتا جواب ڏنو هئس: ”منهنجو اعتقاد راڪيٽن جي رفتار ۾ آهي. تون سڙهه بنا ٻيڙي آهين.“
    ڪجھ عرصي کانپوءِ بابا اسي هزار روپيا ڪيش ۽ موٽر ڏيئي انيتا جي شادي ساڳي زميندار سان ڪرائي هئي. انيتا بيحد مسرور هئي. هن پنهنجي ساهڙين کي شاديءَ رات هڪ فلمي راڳ به ٻڌايو هو. پر جڏهن کان انيتا جي شادي ٿي آهي. بابا ڏاج ۾ ڏنل دولت هٿ ڪرڻ لاءِ مونکي اهڙين نظرن سان ڏسندو آهي. ڄڻ ته مان سندس پٽ نه، بونس وائوچر آهيان.
        چيائين:” جيڪي ڪجھ انيتا کي ڏنو اٿم. تنهن کان وڌيڪ وٺندس.“
    مون احتجاج ڪيو: ”توهان مونکي وڪڻي رهيا آهيو.“
        ”بيوقوف. اڄ انسان جو خدا کان وڌيڪ دولت ۾ اعتقاد آهي.“
    اما چيو: ”پٽ تنهنجي شادي مان ڪرائيندس.“
        ”تونکي ٽي هزار ٽي سو ٽي دفعا چيو اٿم ته تون واپاري معاملن ۾ دخل نه ڏيندي ڪر.“
        ”مونکي پٽ جي زال ڳولهڻ جو به حق ڪونهي؟“
        ”ڪونهي.“ بابا گجگوڙ ڪئي.
        ”مان اها ڳالهه ايل ـ پي ـ اي جي هنگامي اجلاس ۾ پيش ڪنديس.“
    مون رڙ ڪئي: ”خدارا! منهنجي به ته ٻڌو.“
        ”مان تنهنجو پيءُ آهيان. ڇوڪري مان پسند ڪندس.“
        ”مان تنهنجي ماءُ آهيان. ڇوڪري مان پسند ڪنديس.“
        ”تونکي ٽي هزار ٽي سو…………“
        ”توهان ماٺ ڪريو.“ اما چيو : ”پٽ تنهنجي شادي مان ڪرائينديس. ڇوڪري ايم ـ اي آهي. يورپ جو سفر ڪيو اٿائين. عورتن جي ازدواجي ۽ سماجي مسئلن تي بهترين تقرير ڪري سگهندي آهي.“
        ”تقرير!“ مون ذري گهٽ روئندي چيو.
        ”نه پٽ، تو کي ليڊر نه، عورت گهرجي.“ بابا همدردي ڪئي.
        ”مونکي ڪجھ به نه گهرجي.“
        ”سيٺ نوروءَ جي ڌيءَ…………“
        ”نه نه.“
        ” هوءَ ايم ـ اي آهي ۽ ………….“
        ”مان شادي نه ڪندس.“
        ”ڇا؟“ امان ۽ بابا گڏجي رڙ ڪئي.
        ”مان ڪنوارو رهندس.“
        ”تون پاڳل آهين. Crack آهين.“
    ڪرسيءَ تان اٿي ڊوڙ پاتم ۽ تير وانگر ڪمري مان ٻاهر نڪري ويس.

 ھن اکيون کولي ڏٺو ته پنھنجي مٿان بيٺل سفيد ايپرن ۾ ڪجھ ماڻھو نظر آيس، جن جي منھن تي به سفيد نقاب ھئا، کيس ھڪدم خيال آيو ته اھي ڊاڪٽر ئي آھن، ڇاڪاڻ ته ھو آپريشن ٽيبل تي ئي ليٽيو پيو ھو، ۽ جنھن جاءِ تي ھو ليٽيل ھو، اھا بلڪل ھڪ ليبارٽري يا آپريشن ٿيئٽر جو ڏيک ڏيئي رھي ھئي. ھن پاڻ کي ڏٺو ته سندس ھٿن پيرن ۾ ڪيترائي اليڪٽروڊز لڳل ھئا ۽ مٿي تي ڪا شيءِ چنبڙيل ھئس.، جيڪا ڏسڻ ۾ ڪونه پئي آئي، شايد ڪو ڪنٽوپ ھوندو ۽ يقيناً ان ۾ به ڪي لِيڊز لڳل ھونديون. ھڪ ڊاڪٽر اڳتي وڌي ھن کي انھن شين کان آزاد ڪرايو ۽ ھن جي مٿان پلاسٽڪ جو شفاف اليڪٽرو ڪيپ لاھي رکي ڇڏيو، نڪ مان آڪسيجن جي نلڪيءَ کي آرام آرام سان ڪڍي ڇڏيائين، ۽ دل جي رفتار ٻڌائڻ لاءِ لڳل اليڪٽرو ڪارڊيوگرام جون ليڊز ھٿن پيرن مان لاھڻ کانپوءِ، آپريشن ٽيبل جي ڀرسان، لڳل مختلف ڊائلن واري مشين جا ڪيترائي بٽڻ دٻايا. بٽڻ دٻائڻ ۽ ڊائل گھمائڻ کانپوءِ، ھن جي مٿان لڳل لائيٽن جھڙي ليزر مشين مان، ھلڪي نيري رنگ جا شعاع نڪتا، جيڪي ھن جي سڄي بدن ۾ جذب ٿي ويا، ھن محسوس ڪيو ته ھن ۾ ھاڻ چرڻ پرڻ جي طاقت پيدا ٿي آھي، کيس ان ڳالھ جو چڱيءَ طرح احساس ٿيو، ته سندس جسماني طاقت جي اچڻ کان اڳ، سندس ذھني صلاحيتون بحال ٿي چڪيون ھيون، ڇاڪاڻ ته ھو گھڻي دير کان سوچي ۽ سمجھي رھيو ھو. ڊاڪٽرن ھڪ ٻئي کي ڏٺو ۽ اکين ۽ اکين ۾ ھڪٻئي کي اشارو ڏنائون. ھيءُ اٿي ويھي رھيو. ويھڻ کانپوءِ اٿي بيٺو. ڊاڪٽرن ھن کي ٿورو حيرانيءَ وچان ڏٺو، پر ھن کي ڪجھ نه چيائون. ھي آپريشن ٿيئٽر ۾ ھلڻ لڳو، ڪجھ پل وکون کنيائين ۽ پوءِ ڊاڪٽرن جي سامھون اچي بيٺو ۽ کين سواليه نظرن سان ڏسڻ لڳو. ھڪ ڊاڪٽر ھن کي، آپريشن ٿيئٽر مان ٻاھر ھلڻ جو اشارو ڪيو. ھو ڊاڪٽر سان گڏ ٻاھر نڪري آيو. ھن پنھنجي باري ۾ سوچيو ته کيس سڀ يادگيريون اچي ويون. سندس ياداشت بلڪل صحيح ڪم ڪري رھي ھئي. ھن ھڪ ڪمري ۾ ويھڻ کانپوءِ ھڪڙي ڊاڪٽر کان پڇيو، ” ڊاڪٽر ھينري ڪٿي آھي؟ “

         انھيءَ ڊاڪٽر ايپرن جو نقاب لاھيندي چيو، ” مان ڊاڪٽر ھينريءَ جو پوٽو آھيان. “

         ھن کي حيرت ٿي، ۽ ڄڻ جھٽڪو لڳو، ڇا؟! تون ڇا پيو چوين ڊاڪٽر….. “

         ” موزيز، مون کي موزيز چوندا آھن. “

         ” پر ڊاڪٽر موزيز، اھو ناممڪن آھي ته ڊاڪٽر ھينريءَ جي عمر ٻاونجاھ سال ھجي، ۽ سندس پوٽي جي عمر لڳ ڀڳ پنجاھ سال ھجي. “ ھن ڊاڪٽر موزيز جي عمر جو صحيح اندازو لڳايو ھو.

         مسٽر سچل، اھو ناممڪن ناھي، ڇو جو ائين آھي، پر جيڪو تون سمجھين ٿو، سو صحيح ناھي. مونکي خوشي ٿي آھي جو تنھنجي ذھن تي ڪوبه اثر نه پيو آھي، پر تنھنجي ذھانت شايد اڳي کان به اڳري ٿي آھي. ھا منھنجو ڏاڏو،اھو ته گھڻو اڳ ھڪ ھوائي حادثي ۾ فوت ٿي ويو ھو، ان جي ڄمار انھيءَ وقت پنجونجاھ ورھيه ھئي ۽ جيڪو تجربو ھو، سو اڌ ۾ رھجي ويو. اڄ تقريباً ھڪ سؤ سال کانپوءِ، ان جي اڌ ۾ رھيل تجربي ۾ مون ۽ منھنجي ساٿي سائنسدانن ان وقت ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏھن توکي ھڪ سؤ سالن کانپوءِ اڳڱايو (De-frosted) ويو آھي. ڊاڪٽر موزيز ٿورو ساھي پٽي چيو، ” ۽ اسانکي ڏاڍي سرھائي ٿي آھي، جو اڄ اھو تجربو ڪامياب ٿيو ۽ تون بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آھين. “

         ” پر مان ته صرف پنجاھ سالن لاءِ يخ ( ڳڱايو ( Frozen ڪيو ويو ھئس، پوءِ مونکي پنجاھ وڌيڪ ڇو لاش بڻائي رکيوَ؟ “

        ” مجبوري ھئي مسٽر سچل، مجبوري ھئي. ان عرصي ۾ دنيا ۾ ڪيترائي انقلاب آيا، تبديليون ٿيون، ڪيئي وڏا طوفان آيا، دنيا ۾ الائي ڪيتري اٿل پٿل ٿي ۽….. اھو به تون شڪر ڪر، جو اڄ ٻيھر جيئرو ٿيو آھين. جيڪڏھن مان ڏاڏا جي اڳوڻي ليبارٽريءَ ۾ رکيل پراڻا فائيل نه پڙھان ھا ته، جيڪر توکي ائين ئي سردخاني ۾ صديون گذري وڃن ھا. مون تنھنجي فائيل ۾ پڙھيو ته تون ميڊيڪل جو شاگرد ھئين، توکي سائنس سان گھڻي دلچسپي ھئي، ۽ پوءِ ھڪ ڀيري ڏاڏا تنھنجي ڪاليج ۾ ليڪچر جو پروگرام ڪيو ھو، تو ليڪچر ۾ ڏاڏا کان کوڙ سوال ڪيا، ڏاڏا ڏٺو ته تون ھڪ ذھين نوجوان آھين، پوءِ ھن توکي پاڻ سان گڏ پنھنجي ملڪ ھلڻ جو چيو، ڏاڏا ھتي ھڪ وڏو تجربو ڪري رھيو ھو، ۽ پوءِ تو ڏاڏا جي ان انسانيت جي ڀلائيءَ واري جذبي کي ڏسندي، پنھنجا پنجاھ سال ڏاڏا جي تجربي کي ارپي ڇڏيا ھئا، ۽ نه رڳو اِھا قرباني ڏني ھئي، پر تو پنھنجو ديس ڇڏيو، مِٽ مائٽ ڇڏيا ۽ زندگيءَ کي به داوَ تي لڳايو ھو. “

         ” ھا مونکي ياد آھي، “ سچل چيو، ” مونکي سڀ ڪجھ ياد آھي، “

         اتي ويٺل ھڪ سائنسدان چيو، ” توھان ھينئر ڇا پيا محسوس ڪريو؟ “

         ” مان نارمل آھيان ۽ نارمل ماڻھوءَ وانگر محسوس ڪريان پيو. “

         ” ۽ ڀلا پنھنجي ماضيءَ جي باري ۾ ڪجھ ٻڌايو، ته جيئن ھي ڪامياب تجربو پوري پوري معلومات سميت عام انسانن تائين پھچايون. “

         ھڪ سائنسدان ڊاڪٽر پنھنجي ايپرن جي کيسي مان ھڪڙو ننڍڙو نوٽ بوڪ ڪڍيو ۽ ڪجھ نوٽ ڪرڻ لڳو.

         ” مونکي پنھنجي ماضيءَ جي باري ۾ ۽ مون تي ٿيندڙ تجربي جي باري ۾ ٻڌائيندي خوشي ٿي محسوس ٿئي، جو منھنجو وجود ھڪ چڱي مقصد لاءِ ھڪ صديءَ تائين ڪم آندو ويو ۽ مان اڄ به پنجويھن ورھين جو نوجوان آھيان، جڏھن ته اڄ کان سؤ سال اڳ يعني 1992 ۾ به مان پنجويھن سالن جو ھوس. “ سچل ڀت تي ٽنگيل 2092 جي ڪيلينڊر ڏي ڏٺو.

         ھو ٻڌائي رھيو ھو: ” مان ميڊيڪل ۾ پڙھندو ھوس، منھنجي دلچسپي سائنس سان گھڻي ھوندي ھئي، ان جو ھڪ وڏو سبب اھو ھو، ڇوته ان وقت منھنجي ديس جا عام ماڻھو ته ٺھيو، پر نوجوان به ان شعبي طرف تمام گھٽ توجھ ڏيندا ھئا، جڏھن ته منھنجي ديس جو حالتون تمام خراب ھيون ۽ انھن حالتن جي گھرج ھئي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ کي زور وٺرائجي، تعليم ۽ شعور ڏنو وڃي. ڇو جو اسان جي ديس تي طبقاتي ۽ قومي، ٻئي ظلم چوٽ چڙھيل ھئا، مان پنھنجي شاگرد برادريءَ سان به اھي ڳالھيون ڪندو ھوس. “ ھن ڪجھ دير ترسي ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو ۽ چيو: ” مون ان وقت جي سڀني ترقي پسند جمھوري ۽ سياسي پارٽين جي شاگرد دوستن کي به چيو ته، علم ئي اھو ھٿيار آھي، جنھن سان راڪاس جھڙي دشمن کي به مات ڏئي سگھون ٿا. مون چيو ھو- اڄ جو دؤر سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو دؤر آھي. اڄ چؤطرف سماجَ به سائنس جي بنياد تي جُڙي رھيا آھن. زندگيءَ جي ھر ونھوار ۾ سائنس جو وڏو دخل آھي. منھنجي انھن ڳالھين تي ھو سڀ مونسان سھمت ھئا، پر عمل ڪرڻ وارا ڪونه ھئا، ايتري قدر جو منھنجو پارٽنر، يعني منھنجو روم ميٽ، مون سان ھاسٽل تي گڏ رھڻ وارو منھنجو دوست، جيڪو پاڻ کي ھڪ وڏو دانشور سمجھندو ھو، جيڪو اُٺ ڪتابن جا پڙھي چڪو ھو، سو مونکي چيڙائيندو ھو ۽ چوندو ھو- پارٽنر تون نعري بازي واري ادب جو شڪار آھين. جدوجھد جي ڳالھ تي چوندو ھو ته- اھو بدنام زمانا ڪتابي لفظ مونکي اُلٽي ٿو ڏياري. ۽ مونکي ياد آھي ته ھو ھڪ بيھودو ٽھڪ ڏئي مونکي چوندو ھو ته-  احمقن جي دنيا مان نڪري اچ پارٽنر. مونکي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي ھئي. يقيناً اڄ ھو دنيا ۾ ڪونه ھوندو. ھڪ سؤ سالن ۾ مري کَپي ويو ھوندو. چڱو ٿيو اھو مري ويو. ڪيڏو نه واھيات شخص ھو.

         سچل ڪاوڙ ۾ سھڪڻ لڳو، ” اف، جيڪڏھن سو سالن ۾ مون وارو پارٽنر گذاري ويو ھوندو ته يقين اٿم ته بابا به گذاري ويو ھوندو. دنيا ۾ رڳو ھڪڙو پيءُ ئي ته منھنجو ھوندو ھو، نه ماءُ نه وري ڪو ڀاءُ ڀيڻ ھئا.

         ھو روئڻ لڳو. ڊاڪٽرن کيس پرچايو. ھن وري ڪجھ دير کانپوءِ پنھنجو قصو ٻڌائڻ شروع ڪيو: ” مونکي چِٽي طرح ياد آھي  ته مان سائنس جي مختلف موضوعن تي ريسرچ ڪندو ھئس ۽Thesis  لکندو ھئس. ھڪ ڀيري مون پنھنجو ھڪڙو مضمون ھڪ اخبار ۾ شايع ڪرايو، مون لکيو ھو ته- ھندو مذھب جي آواگون واري Theory صحيح آھي، ڇاڪاڻ ته جڏھن به ڪنھن جاندار جا D. N.A (ڊي آڪسي رائيو نيو ڪليئس ائيسڊ) کي اَجنسي Asexual طريقي ٻئي جاندار ۾ منتقل ڪري، ھڪ ٻيو جاندار يعني Duplicate تيار ڪري سگھجي ٿو، سائنسدانن انھيءَ عمل کي Cloning جو نانءُ ڏنو آھي. ۽ اسان ان عمل سان انسانن مان نه رڳو موت جو خوف ختم ڪنداسين، پر موت کي به ختم ڪري ڇڏينداسين. مون لکيو ھو ته- آواگون جي نظريي جنم در جنم کيCloning  ذريعي سچ ثابت ڪرڻ، سائنس جو ڪمال آھي. خبر اٿوَ ڇا ٿيو؟ مونتي وارنٽ نڪتا، مونتي ان وقت مذھبي ٺيڪيدارن ڪفر ۽ الحاد جو الزام مڙھيو ھو، منھنجو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيائون، مونکي تعزيرن جا نيئر پھرائڻ لاءِ سڀ ڀوپا پريشان ھئا، انھن ڏينھن ۾ توھان جي ملڪ جو مُھان سائنسدان، ڊاڪٽر ھينري اسان جي ڪاليج ۾ ليڪچر ڏيڻ آيو ھو. ھن جڏھن ڪرايو بائلاجي(Cryobiology)  تي ليڪچر ڏنو ته مون غور سان ٻُڌو ھو. ھن ٻڌايو ھو ته- ھاڻي جڏھن اوزون جي چادر ۾ به سوراخ ٿي پيا آھن ته انساني قوت گھٽجي رھي آھي. انسانن ۾ بيماريءَ خلاف مزاحمت ۽ مدافعت جي طاقت نه رھي آھي، ۽ ھاڻ جڏھن اڃا ايڊز، ڪينسر ۽ گينگرين جھڙين بيمارين جو ڪوبه مڪمل علاج نه پيو لڀجي، ته سائنسدانن اِھو ويچار ڪيو ته جيستائين وڃي انھن بيمارين ۽ انھن کان وڌيڪ خطرناڪ بيمارين جو ڪو ٺوس حل يا علاج لڀي، تيستائين انسان جي قيمتي جان کي ضايع ٿيڻ کان بچائجي. انھيءَ ڏس ۾ ڪرايو بائلاجي جي مدد ورتي وئي ۽ ان تي تيزيءَ سان تحقيق ڪري، اھا رپورٽ ڏني ته ڪرايو بائلاجي اپلاءِ ڪري سگھجي ٿي.

         ” ڪرايو بائلاجي ڇا آھي؟ پھرين ان جي باري ۾ توھان کي ٻڌايان. ڪرايو بائلاجي ٻن يوناني لفظن جو ميڙ آھي Cryosمعنيٰ ٿڌو، يخ يا ڳڱيل يا ڳڱاٽيل ۽Biology  معنيٰ جاندارن جو علم- ڪرايو بائلاجي ۾ اسان جاندارن ڳڱائي، مستقبل لاءِ سانڍي رکڻ ۽ وري ٻيھر ڳڱائڻ جو علم سِکون ٿا. شروع شروع ۾ جاندارن جا ڪجھ عضوا يا حصا ڳڱائي(Frozen) رکيا ويندا ھئا، پر ھاڻ مختلف تجربن جي روشنيءَ ۾، جيڪي پھرين ڏيڏر، ڪتي ۽ ڀولڙي تي ڪيا ويا، انھن مان ھڪڙي ڳالھ جو انڪشاف ٿيو، ته ڏيڏر منجھ ھڪڙو ڪيميائي مادو گليسرول(Glycerol) ھوندو آھي، يخ ٿڌي ھنڌن تي ڏيڏر اھو مادو خارج ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ان ڪري سڀ کان گھڻو تجربو ڏيڏر تي ئي ڪامياب ثابت ٿيو ۽ …. “

         ” ھن جو ليڪچر ختم ٿيو ته مون کانئس سوال ڪيو- سر جيڪڏھن يخ ڳڱائي(Frozen) ڪري انسان کي ڪجھ عرصي لاءِ ڪنھن ڪولڊ بينڪ ۾ رکون ۽ پوءِ ان کي اڳڱايون(De-frosted)  ڪيون، ته ڇا انسان جا ٽشو ساڳي حالت ۾ رھندا؟   ھن جواب ڏنو- نه رڳو اھي ٽشو ساڳي حالت ۾ رھندا، پر گڏوگڏ انسان جي بند ٿيل دل جي ڌڙڪن ۽ رڪجي ويل ساھ به ھڪ نارمل ماڻھو وانگر وري ھلڻ شروع ٿي ويندا ۽ انسان جي ذھن تي ڪوبه خراب اثر نه پوندو. مون وري اُٿي بيھي سوال پڇيو، سر، اوھان جي چوڻ موجب ته سڀ کان پھرين اھو تجربو ڏيڏر پوءِ ڪتي ۽ پوءِ ڀولڙي تي ڪيو ويو ۽ اوھان ٻڌايو ھو ته ڏيڏر سخت ٿڌ جي حالت ۾ پنھنجي جسم مانGlycerol  خارج ڪندو آھي، جيڪو ڏيڏر لاءِ اينٽي- فريزنگ(Anti-Freezing)  وارو ڪم ڪري ٿو، جيڪو سندس گھرڙي(Cell)  ۾ برف يا ٿڌ کي ڇائنجڻ نه ٿو ڏئي. توھان ٻڌائيندا ته انسان کي ڳڱائجي ته گليسرول ڪيتري ھجي ۽ اھو ڪٿان حاصل ڪجي؟  

         ” ويري گڊ، تون نھايت ذھين شاگرد آھين. “ پروفيسر ھينري مونکي چيو. گليسرول ۽ ٻين ڪيمائي مادن جي اڻاٺ ڪانھي، ان ڪري انھن جو حاصل ڪرڻ ڪو وڏو مسئلو ناھي. ان کان پوءِ اھو اڃا مختلف تجربن مان معلوم ڪنداسين ته انسان لاءِ ڪيترو مقدار ھجي ۽ ان جو ڪيترو مُدو ڪم جي صلاحيت جي برقرار رھڻ لاءِ آھي، وغيرہ وغيرہ.

         پروفيسر ھينري ليڪچر جي پڄاڻيءَ کان پوءِ، مون کي اڪيلائيءَ ۾ سڏ ڪيو ۽ چيو، تنھنجو نالو پڇي سگھان ٿو؟

         ” سچل، مون پروفيسر کي مُرڪندي ڏٺو ته مُرڪي چيم. “ ھن پڇيو ته توکي اُن سبجيڪٽ سان ڪيتري دلچسپي آھي؟  مون چيو، سر، اھو ئي ته زندگيءَ جو مقصد آھي.

         ” مون سان گڏ منھنجي ملڪ ھل، اتي توکي ھر قسم جي سھولت، موقعا ۽ معلومات ملنديئي ۽ تون ھلي ھڪ کوجنادان ٿيءُ. ھِتي تنھنجون صلاحيتون ضايع ٿي وينديون. “

         ” پر سر، مان پنھنجو ديس ڇڏي، ڪيئن ھلان؟ منھنجا ھم وطن ڏاڍا ڏکيا آھن. “

         پروفيسر مون کي چيو، تون پنھنجي ھم وطنن کي ھينئر عارضي جدائي ته ڏيندين، پر موٽندين ته ھڪ سائنسدان ڊاڪٽر تحفي ۾ ڏيندين، ڪيڏو نه بھترين تصور آھي؟  

         ” بس پوءِ مان ڊاڪٽر ھينريءَ سان توھان جي ملڪ ھليو آيس، ھتي مون ڪيترين بيمارين لاءِ نيون دوائون ايجاد ڪيون ۽ الائي ڪيترا تجربا ڊاڪٽر ھينريءَ سان گڏجي ڪيا ھئا. ھڪ ڏينھن اسان ھڪ تجربي کان واندا ٿياسين ته پروفيسر غمگين ٿي ويو ۽ مون کي چيائين، اسان کي ھاڻي انسانن کي بيمارين کان بچائڻ لاءِ ڪرايو بائلاجي تي آخري ۽ حتمي تجربو ڪري، ان کي عام ڪرڻ گھرجي، پر افسوس ان لاءِ ھڪ انسان جي ضرورت آھي ۽ ان تجربي لاءِ ڪوبه ماڻھو تيار نه ٿيندو. ھن مون ڏي اداس نظرن سان ڏٺو ۽ مون کان پڇيو تهُ مان ڇا ڪريان، ڪٿان ماڻھو آڻيان، جنھن کي ڊگھي عرصي لاءِ (يخ) ڳڱائيCold bank  ۾ رکون ۽ وري پوءِ کيس ڳڱايون ته جيئن ھي تجربو به انسانيت جي ڪم اچي.

         پروفيسر ڏاڍو پريشان ھو، پورو ھفتو پريشانيءَ ۾ گذاريائين، پوءِ مون کان سَٺو نه ٿيو، جو منھنجو مھربان استاد، انسانن جي ڀلي لاءِ تڙپندو رھي ۽ مان ويھي سندس بي ڪيفيءَ جو تماشو ڏسان. مون کيس چيو، سر، مان پاڻ کي توھان جي تجربي لاءِ پيش ڪريان ٿو.

         ” تون،نو،   پروفيسر چيو، تون ھڪ ته اڳيئي ھتي الائي ڪيئن آيو آھين. ٻيو وري پنجاھ سال کن توکي ليٽ ڪرائجي، اِھو مون کان نه ٿيندو،  

         ” چيومانس، سر، پاڻ انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ ھي سڀ ڪجھ ڪريون ٿا، اھو اسان جو ڪاز آھي. “   

         ” مون کيس ڏاڍيون منٿون ڪيون. مَسَ مَسَ پروفيسر ھينري راضي ٿيو. اڄ کان سو سال اڳي، رڳو پنجاھ ورھين جو گليسرول استعمال ڪيو ھئائين ۽ مون کي ڳڱائي ڇڏيائين. حيرت اٿم ته ھڪ صديءَ کان پوءِ به مان بلڪل ٺيڪ ۽ صحيح سلامت آھيان. “

         سچل ڪجھ دير لاءِ ماٺ ٿي ويو ۽ وري چوڻ لڳو، ” ھاڻي مان ٻه ڳالھيون توھان کان پڇڻ لاءِ آتو آھيان. مھرباني ڪري مونکي ٻڌايو ته ھاڻي انھيءَ تجربي جي ڪھڙي اھميت آھي، ۽ جيڪا به اھميت ھجي، ان سميت سڄي تجربي جي پوري ھسٽري فائيل مونکي ڏيو، ته مان پنھنجي ديس وڃي، وڌيڪ کوجنا ڪريان ۽ ٻيو مونکي ٻڌايو ته منھنجي ديس جو ڪھڙو حال آھي؟ “

         ھڪ ڊاڪٽر کنگھڪار ڪري ڳلو صاف ڪيو ۽ چيو، ” مسٽر سچل، توکي ڳڱائڻ کان پوءِ ڊاڪٽر ھينري ھڪ ھوائي حادثي ۾ گذاري ويو. پر تنھنجي باري ۾ سندس ليبارٽريءَ ۾ ھڪ فائيل رکيل ھو، جنھن ۾ تنھنجي باري ۾ ۽ توکيFrozen  ڪرڻ جي ابتدائي رپورٽ لکيل ھئي. گذريل ھڪ سو سالن ۾ ڪيتريون ئي تبديليون آيون، ايتريقدر جو، انھيءَ تجربي تي ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر ھينريءَ جو اسسٽنٽ ڊاڪٽر مائيڪل بروسٽ به گذاري ويو، جنھن کان پوءِ انھيءَ تجربي کي ڪجھ مھينا اڳ ڊاڪٽر موزيز پنھنجي ھٿ ۾ کنيو ۽ سندس محنتن اڄ توکي زندھ ڪيو آھي، تنھنجي فائيل ۾ تنھنجي ملڪ جو نالو به ڄاڻايل ھو. توکي اھو به ٻڌائيندا ھلون ته تون ڏکڻ ايشيا جي جنھن خطي سان تعلق رکين ٿو، ھاڻي اھو خطو ھڪ آزاد ۽ خود مختيار رياست آھي ۽ ترقي يافته پرڳڻن مان ھڪ آھي. ھا، ھي تجربو ڪامياب ويو آھي. ھن ۾ تنھنجي به اوتري محنت شامل آھي، جيتري اسان سڀني جي شامل آ. ان ڪري، ھن تجربي جي ھسٽري فائيل جي ھڪ ڪاپي توکي به ڏني ويندي. “ 

         سچل اھو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ته ھن جو ديس آزاد ۽ خودمختيار ٿي چڪو آھي. ھن چيو، ” مون کي جلد کان جلد پنھنجي ملڪ موڪليو. ھاڻي مان وڌيڪ انتظار ڪري نه ٿو سگھان. “

         ڊاڪٽر موزيز چيو، ” تنھنجي باري ۾ ھينئر اسان جا به ساڳيا جذبا آھن، تون پوري ھڪ صدي پنھنجي قوم ۽ ديس کان ڌار رھيو آھين. ھاڻي تون ڀلي پنھنجي ملڪ وڃ. اسان تنھنجي وڃڻ جو بندوبست ڪريون ٿا، پر اڃا به ھڪڙي سوال جو جواب ڏي ته تون ھڪ صديءَ کان پوءِ وري ھڪ نئون جنم وٺي چڪو آھين، تون ان باري ۾ ڇا ٿو محسوس ڪرين؟

         سچل ٿورو کلي چوڻ لڳو، ” ائين ٿو لڳيم ته ڄڻ ڪنھن گھري ننڊ مان جاڳيو ھجان، باقي اندر ۾ ھڪڙي ھورا کورا اٿم ته انھن سو سالن ۾ الائي ڪھڙيون تبديليون آيون ھونديون. مان انھن کي قبول ڪري سگھندس يا نه؟ “

         ” آل رائيٽ، “ ڊاڪٽر موزيز چيو، ” تون گھٻراءِ نه، تون تمام ذھين آھين، انھيءَ ڪري تون ان ۾ مس فٽ نه ٿيندين. ھاڻي تون ڪجھ دير آرام ڪر، رات جو تولاءِ ڪنھن نه ڪنھن فلائيٽ ۾ بندوبست ڪريون ٿا. “

         ان کان پوءِ ڊاڪٽر موزيز ۽ سڀئي سائنسدان ڪمري مان نڪري ويا.

 

         ھو ڏاڍو خوش ھو، سندس دل زور زور سان ڌڙڪي رھي ھئي ۽ عجيب ڪيفيت ٿي رھي ھئس. ھُو جھاز مان ھيٺ لٿو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي خوبصورت لائونج ۾ گھڙيو، ھو ڏاڍو پرجوش ھو ته اوچتو ھڪڙو ھمراھ ھن وٽ آيو ۽ چيائين، ” اوھان … مسٽر سچل آھيو نه؟ “

         ”ھا. “

         ” اچو مان اوھان جو ميزبان آھيان. “

         سچل ھن سان گڏ لائونج مان نڪري آيو.

         سچل سوچڻ لڳو ته ، ڪمال آھي، سؤ سالن کان پوءِ به سنڌي ٻولي پنھنجي اصلي حالت ۾ آھي.ھو ٻئي ھڪڙي ڪار ۾ اچي ويٺا. ميزبان چيو، ” منھنجو نالو سڀاڳو خان آھي. مان سياحت کاتي جو ڪارڪن آھيان، مونکي اوھان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي آھي. مونکي خبر پئي ته اوھان جي عمر سوا سؤ سال  آھي، پر اوھان اڄ به نوجوان آھيو، توھان جس لھڻو، جو ھڪ نيڪ مقصد لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو ھو. سنڌ جي سرڪار لاءِ اوھان تمام گھڻا اھم آھيو، جو اوھان ھڪ سو سال اڳ جي تاريخ آھيو ۽ گڏوگڏ ھڪ سائنسدان به آھيو، ان ڪري اوھان جي ذميواري اسانجي کاتي جي حوالي ڪئي وئي آھي ته سڀ کان پھرين اوھان کي سڄي ديس جا نظارا ڏيکارجن ۽ پوءِ اوھان کي ھتان جي شھريت ڏيڻ لاءِ ويچار ڪيو ويندو. ڇاڪاڻ ته اوھان سؤ سالن کان پوءِ ھتي آيا آھيو. ۽ اسان ھر ڪم ڇنڊڇاڻ کان پوءِ ڪندا آھيون. “

         سچل پنھنجي ميزبان جو ڳالھيون ٻڌي به رھيو ھو، رستي جي ٻنھي پاسن کان تمام وڏيون وڏيون عمارتون، صاف ۽ سڌا روڊ ۽ ڀرپاسي ۾ ساوڪ، گل ئي گل ڏسي حيران ٿي ويو. چيائين، ” دادو ڪيڏو نه خوبصورت ۽ وڏو شھر ٿي ويو آھي!؟ “

         ” رڳو دادو ڇا، سنڌ جو ھر شھر ھڪ ٻئي کان وڌيڪ آھي. “

         ” واہ، ڏاڍي ترقي ٿي آھي. “ کيس مردن توڙي زالن جا ٻھڪندڙ چھرا ڏسڻ ۾ آيا، ھر ماڻھو چستيءَ ۽ ڦڙتيءَ سان پنھنجي پنھنجي ڪم ڪار ۾ رڌل ھو. مرد توڙي عورتون ٻئي خوبصورت ھئا. مرد اڳي وانگر ٿلھا ۽ گنجا ڪونه ھئا، نه وري ڪنھن جو گھڻو پيٽ نڪتل ھو. رستا ۽ روڊ صاف، ڀتيون ۽ دروازا به اڇا اجرا ھئا. شھر جي ماڻھن جا به سادا ۽ رونق وارا مھانڊا ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. وڏن وڏن ڪشادن روڊن جي ھيٺان انڊر گرائونڊ بازاريون، ٽيوب ٽرينن جا رستا به الڳ الڳ  ڏسڻ ۾ آيس. نظارن ڏسڻ کان اڃا واندو ڪونه ٿيو ھو، پر ميزبان جو خيال ڪندي پڇيائين، ” اوھان سياحت کاتي ۾ ڪھڙي عھدي تي آھيو؟ “

         ”مان منسٽر فار ٽوئرزم اينڊ ڪلچرزم آھيان. “ سڀاڳي خان عام لھجي ۾ وراڻيو.

         سچل کي ويساھه ئي نه پيو اچي، حيرانگيءَ سبب ڄڻ ھوش ئي نه رھيو ھجيس. سوچڻ لڳو: منھنجي ديس ۾ پاڙي جو ڪائونسلر مھينن کان پوءِ به نه لڀندو ھو. ھزار کن باڊي گارڊ کڻڻ کان پوءِ ڪو وزير نڪرندو ھو ۽ ھي وزير ايڏو سادو ۽ نھٺو آھي، جو نه ڪو کڻي باڊي گارڊ، نه ڪو وري ٽانءِ اٿس. ڪيڏو نه نياز سان مليو ھو. چئي پيو ته- سياحت کاتي ۾ ڪارڪن آھيان. سچل ڏاڍو متاثر ٿيو، ڪجھه سوچي وري سڀاڳي خان کان پچيائين، ” ھتي ڪھڙو نظام ھلي پيو؟ “

         ” سنڌ ۾ ھيومن ايڪيولزم آھي. ملڪ جا سڀ ادارا جمھوري انداز ۾ جوڙيا ويا آھن، ۽ ھتي جو نظام سماج سان ٺھڪندڙ آھي. ھاڻي سنڌ جو اھو قائم ڪيل نظام سڄي دنيا ۾ رائج ٿي چڪو آھي.“

         ”سنڌ جي خارجه پاليسي ڪھڙي آھي؟ “

         ” سنڌ جي خارجه پاليسي ۽ سنڌ جو وڻج واپار به برابريءَ جي بنياد تي پنھنجي سڀني پاڙيسرين سان سٺن ناتن جي حوالي سان قائم آھي. مثال طور بلوچستان مان گئس وٺندا آھيون، ۽ ان کي تيل ڏيندا آھيون. بلتستان مان سنگ مرمر امپورٽ ڪندا آھيون، ان کي سيمينٽ ايڪسپورٽ ڪندا آھيون ۽ اھڙيءَ طرح سرائڪي ديس، پختونستان، پنجاب، ھندوستان، خالصتان، بنگلاديش وارن سان سٺا واپاري ناتا آھن. ھن سڄي ريجن ۾، ڪنھن به علائقي کي پنھنجي فوج ڪانھي. ڇو جو اھو بين الا قوامي امن معاھدي ۾ طئه ڪيو ويو ھو، باقي، انتظامي معاملن کي ھلائڻ لاءِ ڪجھه فورسز آھن. “

         ” مون کي ڪنھن سائنسدان سان ملاءِ ته مھرباني ٿيندي. “

         ” ھا ھا، ڇونه. منھنجو ڀاءُ سائنسدان آھي، ھاڻ تازو سائنس ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪئي اٿس، ھل ته ھلي ملايانءِ. “

         سڀاڳو خان ھن کي وٺي پنھنجي ڀاءُ ڏي آيو، جنھن سان ڪچھري ڪرڻ کان پوءِ، سچل کي اڃا به وڌيڪ حيراني ۽ خوشي ٿي.ھو سوچڻ لڳو: ھتي ڪيڏو نه مانڊاڻ مچي ويو آھي، ھي سڀ ڪجھه صرف منھنجو ھڪ خواب ھو، جيڪو ساڀيان بنجي پيو آھي. ڪيڏو نه مان ڀاڳوان آھيان، جو پنھنجو ديس آزاد ۽ خوشحال ڏٺو اٿم.

         سچل، سڀاڳي خان جي ڀاءُ سوڀاري خان جي سائنسي آبزرويٽري جو جائزو وٺندي چيو ته ” ھتي ڀلا ڪا ليبارٽري به آھي؟ “

         ” ھا ھتي سنڌ جي وڏي ۾ وڏي ليبارٽري اڳيان جوھيءَ ۾ آھي، ۽ ان جي ٿورو پريان جبلن ۾ اسان جو نيوڪليئر پلانٽ به آھي. “  

         ” نيوڪليئر پلانٽ! “ سچل وڌيڪ حيران ٿي ويو. ” ھا، ان کي قائم ٿئي ته کوڙ وقت ٿيو آھي. ھاڻي ته جديد ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان انرجي حاصل ڪرڻ جا ننڍڙا ننڍڙا يونٽ ھر شھر ۾ لڳي چڪا آھن. گڏوگڏ ٿر ۾ سولر انرجي پلانٽ به لڳل آھي. “

         سوڀارو گھڻي دير تائين سچل کي ھتي ٿيندڙ ترقي جي ڪمن جون ڳالھيون ٻڌايون، جڏھن گھڻي دير ٿي ويئي ته سچل به کانئس موڪلايو. ان کان پوءِ سڀاڳو، سچل جي چوڻ تي کيس آبدوز ٺاھيندڙ فيڪٽري، سنڌو ھيوي مڪينيڪل ڪامپليڪس ( SHMC )گھمائڻ وٺي ويو. سچل اتي پھچڻ کان پوءِ چيو ته، ” ڇا مان جنرل مئنيجر سان ملاقات ڪري سگھان ٿو؟ “

         ” وائي ناٽ. “ کيس جواب مليو.

         ٿوري دير ۾ ئي ھڪ مڪينڪ ٽائيپ ھمراھ ھنن وٽ آيو، ھن جا ھٿ پير منھن ۽ ڪپڙا تيل ۽ گريس لڳل ھئا، بنھ گدلو پئي لڳو، ھڪڙي سُٽ جي ويڙھي سان پنھنجا ھٿ اگھي، ھن مٿي تان پي ڪيپ لاھي سچل کي سلام ڪيو. سچل کيس اڇاترو جواب ڏنو. ڪجھ دير ترسي ھمراھ ڏٺو ته سچل ھن ڏي توجھ نه ٿو ڏئي ته چيائين، ” سائين مان اوھان جي ڪھڙي خدمت ڪريان؟ “

         ” اسان کي جي ايم سان ملڻو آھي. “ سچل بي پرواھيءَ سان چيو.

         ” حڪم ڪريو، مان ئي جنرل مئنيجر آھيان. “

         ” ڇا؟ سچل جو وات پٽجي ويو.

         ” ھا سائين، اچو ته پاڻ ھلي ڪٿي ويھون، ڪم جو وقت آھي، نه ته آفيس ۾ ھلي ويھون ھا. “ جنرل مئنيجر ھنن کي وٺي ھڪ ڪينٽين ۾ آيو، ڪينٽين جي ڪائونٽر تي رکيل ٽيليفون کڻي نمبر ملائي چيائين، ” سائين، مون وٽ مھمان آيل آھن، مان پنھنجي حصي جو ڪم ٿوري دير کان پوءِ اچي ڪندس. “ فون رکي سچل کي ھن ٻڌايو، ” اسان جو سپروائيزر ھو، کيس ٻڌايم ته پوءِ ايندس. “

         ” توھان جي ايم آھيو ۽ ھڪڙي سپروائيزر کان موڪل ٿا گھرو؟ ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي. “

         ” ادل، مان کڻي جي ايم ٿيس ته ڇا ٿيو. مون کان وڌيڪ ڪم سپروائيزر ڪري ٿو ۽ اسان ٻئي گڏجي ڪم ڪريون پيا. جيڪڏھن کيس انفارم نه ڪريان ته اھا بداخلاقي چئبي. ٻيو ته پنھنجي حصي جو ڪم ته مونکي ڪرڻو ئي آھي. “

         سچل جي نيڻن مان خوشيءَ وچان لڙڪ وھي آيا. دل ۾ چوڻ لڳو، ” انھن ڏينھن جي آس ھئم، برابر اڄ منھنجي قوم عروج تي آھي، ھاڻ منھنجي قوم عظيم آھي، جو اخلاق جا سڀ اعليٰ قدر  ( Values )منجھس پيدا ٿي چڪا آھن. “

         سچل رومال سان وھي آيل ڳوڙھا  اُگھيا ۽ جي ايم سان رھاڻ ڪندي پڇيائين، ” اوھان جي تعليم ڇا آھي؟ “

         ” ھونئن ته ڊگريءَ جي حساب سان ڪجھ به نه آھي ۽ مان اصل ۾ مڪينڪ آھيان، پر صلاحيتن ۽ خدمتن کي ڏسندي ڏيپلو يونيورسٽيءَ مون کي بِي اِي جي اعزازي ڊگري ڏني آھي ۽ پيداوار جي وزارت منھنجي ڪارڪردگيءَ جي ساراھ ۾، مون کي ملڪ جو وڏو اعزاز ” ھوشو ايوارڊ “ پڻ ڏنو آھي. “

         سچل جي ايم سان به کوڙ وقت حالي احوالي ٿيو ۽ پوءِ ان کان به موڪلائي، سڀاڳي خان سان زرعي فارم ڏسڻ لاءِ مٺياڻي پھتا. مٺياڻيءَ جو زرعي فارم سَون ايڪڙن تي پکڙيل ھو، ڏاڍو صاف ۽ سٺو. فصل جي اُپت ڏسي سچل دنگ رھجي ويو. فارم تي لابارو ھلي رھيو ھو، ھن جي تصور ۾ به ايڏو وڏو ۽ خوبصورت فارم ڪونه ھو، جيڪو ھن کي ھتي نظر آيو ھو. مختلف فصلن کي ڏسندي آخر ھو ڪڻڪ جي لاباري کي ڏسڻ لڳو. سچل ڏٺو ته لابارو ڪندڙ ھاري ڏاڍا ٽپ ٽاپ ۽ سُريلا ڏسڻ ۾ اچي رھيا ھئا. ھن ھڪڙي لابارو ڪندڙ ھاريءَ کي سڏ ڪيو ۽ فصل بابت پڇڻ لڳو، ان ھاريءَ کيس، سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ فصل بابت معلومات ڏني، ھاري جڏھن ٻيھر لاباري ۾ جُنبي ويو، ته ھن سڀاڳي خان کان پڇيو، ” ھتي جديد ٽيڪنالوجي موجود آھي، پوءِ به لابارو ھٿن سان ڪري رھيا آھن ڇو؟ “

         ” اھو پنھنجي تجربي ۽ مشاھدي لاءِ پيا ڪن. ھينئر جيڪو ھاري توسان ڳالھائي ويونه، اھو کاڌ خوراڪ کاتي جو سيڪريٽري منوج ڪمار اٿئي، وڏو ماھر ايگريڪلچرسٽ آھي. “

         سچل سوچڻ لڳو: ان کي چئبو آ قوم ۽ ڌرتي سان پيار، ھي مون سان گڏ سياحت جو وزير آھي، پر عام ماڻھوءَ وانگر گھمندو ٿو وتي ۽ ھوڏانھن ھڪڙو جنرل مئنيجر آھي، ھيڏانھن ھي ڪامورو آھي. پنھنجي ھٿن سان ويٺا ڪم ڪن، پوءِ ڪيئن نه منھنجو ديس ترقي ماڻيندو؟ ڪيڏو نه خوشحال ۽ سزسبز آباد آھي، ھن کي دل ۾ ڊپ پيدا ٿيو، ڪٿي وري نه ڪو غاصب پرمار، منھنجي ملڪ تي ھلان ڪري، ھن پنھنجي خوف جو اظھار سڀاڳي خان سان ڪيو.

         سڀاڳي خان چيو، ” سنڌ جي فوج ته ٻين علائقن جيان ڪونھي، ڇو جو ھاڻي ھر ملڪ، ھر خطو، ۽ ھر ماڻھو امن گھري ٿو، ۽ ھاڻي اھي اڳي واريون حالتون به ڪونھن، تنھن ھوندي به اسان جي ھر مرد توڙي نارِي، ھر ٻڍي چاھي ٻار، کي فوجي سکيا ڏنل آھي ۽ ھر مھيني ٻه ڏينھن سندن فوجي تربيت ڪئي ويندي آھي. “

         سچل ڏاڍو خوش ٿيو، ھُو پنھنجي آڱر کي چڪ ھڻڻ لڳو. سڀاڳي خان ھٿ پڪڙيندي پڇيس، ” ڇو، ڇو خير ته آھي؟ “

         ” ھا خير آ، مان چڪ پائي ٿو ڏسان ته ڪٿي مان ڪو سپنو ته ڪونه ٿو ڏسان؟ “

         سڀاڳي خان کان ٽھڪ نڪري ويو. چوڻ لڳو، ” ڪيترا چڪ پاڻ کي ھڻي پڪ ڪندين؟ اھا ته بلڪل حقيقت آھي، جيڪا تنھنجي سامھون آھي، محنت ۾ عظمت آھي پيارا. “

        

         سڄو ڏينھن گھمڻ کان پوءِ، شام جو ھو سڀاڳي خان سان سندس گھر آيو، سڀاڳي خان پنھنجي گھر واريءَ جي باري ۾ ٻڌايس ته ” ھوءَ ھڪ سول انجنيئر آھي، ان ڪري ھوءَ شام جو پنھنجي ڊيوٽيءَ تان واپس ايندي آھي، ڇو جو ميرپور بٺورو ۾ ٺھندڙ فوٽ بال اسٽيڊيم جو پراجيڪٽ، ھن جي ئي نگراني ھيٺ ھلي رھيو آھي، ھوءَ صبح جو سويل ئي واپس ويندي آھي. “     

         سچل پڇيو، ” پوءِ توھان جي گھريلو زندگيءَ تي اثر ڪونه ٿو پوي؟ “

         ” پھرين ڳالھ ته ديس جي ترقي ۽ تعمير لاءِ ڪجھ ته ڏيڻو پوندو، ان ڪري ان قسم جي قربانيءَ لاءِ ذھني طور تيار ھئڻ گھرجي، ٻي ڳالھ ته منھنجي زال لاءِ ۽ ھتي ھڪڙي ٻي به مڪينيڪل انجنيئر مائي، اسان جي پاڙي ۾ رھندي آھي انھن لاءِ ھيليڪاپٽر ايندو آھي ۽ کين ورائي ڇڏي به ويندو آھي. سو گھڻي ڏکيائي ڪانه ٿئي. “

         سڀاڳو خان ڪِچن ۾ ويو ۽ چانھن جا ٻه مگ ٺاھي آيو، ھن وَٽ ڪوبه نوڪر ڪونه ھو، ھڪڙو مگ سڀاڳي خان پنھنجي مھمان کي پيش ڪيو.

         سچل کي پاڻ چانھن جي ڏاڍي ضرورت محسوس ٿي ھئي، چانھن پيئندي سچل پڇيو، ” ھي فليٽ گھڻو وڏو ڪونھي، سرڪاري آھي؟ “

         ” سنڌ جي حڪومت عوامي آھي، ان ڪري ھن فليٽ کي سرڪاري چئو يا عوامي، ڳالھ ساڳي آھي. ھن فليٽ ۾ ۽ عام ماڻھوءَ جي فليٽ ۾، ڪوبه فرق نه آھي. جھڙيءَ طرح مون ۾، اوھان ۾ يا ڪنھن عام ماڻھو ۾ ڪوبه فرق ڪونھي. “  

         سچل کي ھينئر ڪوبه تعجب نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته ھو سمجھي ويو ته ملڪ ۾ ڪابه طبقاتي اڻ برابري ڪانھي. ھتي جا ماڻھو سڀ محنتي، بااخلاق ۽ ساڃاھ ڀريا آھن. انھيءَ وقت فون جي گھنٽي وڳي. سڀاڳي خان فون کنيو، چيائين، ” ھا سائين. “

         ٻئي طرف الائي ڇا ڳالھايو ويو. سڀاڳي خان ٽھڪ ڏئي چيو، ” ھا ھا، مھمان مون وٽ ترسيل آھي. “

         ” ھا ھا، ڏاڍو حيران. “

         ” ھا، سڀاڻي وٺي ايندومانس. “

         ” اڇا، ھا ھا. “

         ” چڱو. “

         ” ھا. “

         ” وسي سنڌ- سدا جيئي سنڌ. “

         سڀاڳي خان فون رکيو. سچل کي چيائين، ” ڀونگر ڪنڀار جو فون ھو. “

         ” ڀونگر ڪير آھي؟ “

         ” ڀونگر سنڌ جو وزير اعظم آھي، ٻيو ڪير آھي، توکي اھا به خبر ناھي؟ ھن تنھنجي باري ۾ ته مون کان ور ور پئي پڇيو. “

         ” يعني ته سنڌ جو وزير اعظم منھنجي ايتري يادگيري رکي ٿو. “

         ” ھا، ھو سڀاڻي توسان ملندو. تون ھن سان ملڻ ھلندين نه؟ “

         ” ھا ھا، مان ضرور ھلندس. “

         ” ٺيڪ آھي، سڀاڻي اتان ٿي پوءِ توکي سنڌ جا خوبصورت ھنڌ گھمائيندس، جھڙوڪ: کيرٿر پارڪ، گورک ھلز وغيرہ وغيره. “

 

         ٻئي ڏينھن ھو سنڌ جي گاديءَ واري ھنڌ ڀٽ شاھ پھتا. جتي لطيف جي حاضري ڀرڻ کان پوءِ، وزير اعظم ھاؤس ويا، پرائيم منسٽر ھاؤس وٽ ڪوبه چوڪيدار يا گارڊ وغيرہ ڪونه ھو. نھايت سادي انداز ۾ ٺھيل ھڪ عام بنگلو ھو. وزير اعظم جي گھر جي ڪال بيل وڄايائون، ٿوري دير کان پوءِ ھڪڙو ننڍڙو نينگر آيو، جيئي سنڌ چئي ٻنھي سان مليو. سڀاڳي خان پڇيس، ” پٽ، بابا ويٺو آھي؟ “

         ” ھا ويٺو آھي. مون کي چيو ھئائين ته چاچا سڀاڳي خان سان گڏ ھڪ مھمان ايندو، انھن ٻنھي کي وٺي اچجان. “

         ھو ٻئي ننڍڙي ڇوڪري جي پٺيان وڃڻ لڳا. سچل ننڍڙي نينگر کي چيو، ” بابلا، تنھنجو نالو ڇاھي؟ “

         ” دودو. “

         ” ڀلا تنھنجو ڪو ڀاءُ چنيسر به آھي؟ “ سچل کانئس وري سوال ڪيو.

         ” نه، ھاڻي سنڌي ماءُ چنيسر ڪونه ڄڻيندي آھي. “ ننڍي ٻار جواب ڏنو.

         سچل کي ياد اچي ويو ته ھو 2092 ۾ ڳالھائي رھيو ھو. کيس دودي جو جواب ڏاڍو وڻيو.

         ھو دودي سان گڏ جيئن ئي اندر پھتا ته سچل وڌيڪ وائڙو ٿي ويو. ڇو جو ھڪڙي وڏي ڪمري ۾ باقائدي ڪنڀارڪو واڙو ھو، ڌرتيءَ ۾ چڪ لڳل ھو ۽ ڀرسان مٽيءَ جا ٺھيل مختلف قسمن جا ڪچا ٿانو پيل ھئا، ۽ اتي ئي ٿورو پريان رائيٽنگ ٽيبل تي ليمپ جي روشنيءَ ۾ ھڪڙو ھمراھ ڪجھ لکي رھيو ھو، ھنن تي نظر پيس ته مُرڪي اٿيو ۽ ٻنھي سان ڀاڪر پائي مليو. سچل ڏي اشارو ڪري چيائين، ” ھي آھي اھو سو سالن جو نوجوان؟ “

         سڀاڳي خان ھاڪار ڪئي ۽ سچل کي ٻڌايو ته ” ھي ڀونگر ڪنڀار آھي، اسان جو وزير اعظم.“

         سچل حيران ٿيڻ کان وڌيڪ خوش ٿيو، جو ھن جي ديس جو حڪمران ڪيڏو نه سادو سودو، نھٺو ھو، گھر به عام ماڻھن جھڙو، ڪوبه پھرو، ڪابه سڪيورٽي ڪانه ھئي ۽ ھڪ مختصر آفيس ۾ لِکي ويٺو، شايد ته ، اھي ٿانوَ به پاڻ ٺاھيا ھوندئين. ڏاڍو ڀلو ماڻھو ٿو ڏسڻ ۾ اچي.

         وزير اعظم کين اتي رکيل مُوڙن تي ويھڻ لاءِ چيو، پاڻ ميز جي خاني مان بسڪوٽن جو پيڪيٽ ڪڍي سڀاڳي خان کي چيو، ” ھي کولي مھمان کي کاراءِ ته مان ٿاڌل کڻي ٿو اچان. “ ھن جي وڃڻ ۽ موٽڻ ۾ دير نه لڳي، ھو ٿاڌل کڻي آيو.

         سچل ٿورو ھٻڪندي ھٻڪندي چيو، ” ھڪڙو سوال پڇان؟ “

         ” ھا ھا پڇ. “

         ” توھان وزير اعظم آھيو، پوءِ ھي سڀ ڪجھ ….. “ سچل چَڪ ۽ پنوڙن ڏي اشارو ڪيو.   

         ” ادا، مان اصل ۾ ڪنڀر آھيان. منھنجا وڏا به ڪنڀر ھئا ۽ مان گھڻو ڪري روزانو پريڪٽس ڪندو آھيان، اھي ٿانو جوڙڻ ته موھن جي دڙي کان وٺي اسان جي ثقافت آھي، اسان اھي ٿانو ايڪسپورٽ به ڪندا آھيون، ان مان جھجھو ناڻو به ملي ٿو. جيڪو مان سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائيندو آھيان ته جيئن ڪنھن چڱي ڪم ۾ ڪتب اچن ۽ ھي جيڪو تون پاڻ سان گڏ سڀاڳو خان ڏسين ٿو، ته اھو به ھڪ ڀلو ڊکڻ اٿئي. ووڊ ورڪ ۾ پڻ ڊپلوما ڪيل اٿس، ھي پارٽ ٽائيم ۾ جنڊي مشين تي ڪم ڪندو آھي ۽ سنڌ کي ناڻو ڏيندو آھي. “

         ” توھان ھي ٿانو آويءَ ۾ پچائيندا ھوندا. اوھان جي آوي ته ھن بنگلي ۾ ٿي نه ٿي سگھي. “

         ” ھتي آوي نه، پر اليڪٽرڪ بٺي آھي، آويءَ کان به بھترين، جديد ٽيڪنالوجيءَ تي مشتمل بٺي آھي، جنھن ۾ ٿانو پچي راس ٿيندا آھن. “ ڀونگر چيو.

         ٿوري دير ترسي ڀونگر، سچل کي چيو، ” توھان کي ھتي ڪا ڏکيائي، ڪا تڪليف ته ڪانھي؟ “

         ” نه تڪليف ته ڪابه ڪانه اٿم، پر جڏھن کان آيو آھيان، تڏھن کان ذھن ۾ ڪجھ ٻي آترويلا آھي، سو اھا آنڌ مانڌ جيستائين ختم نه ٿيندي، مزو نه ايندو. “

          ” ڇا ڳالھ آھي، سڀاڳا خان، توھان مھمان کان اڃا تائين حال احوال ئي نه ورتا آھن، ڇو؟“ ڀونگر، سڀاڳي خان کي سڌو سنئون مخاطب ڪيو.

         ” نه سائين، سڀاڳي خان مون سان اِلاھي ڳالھيون ڪيون آھن ۽ احوال ورتا اٿئين، پر جيڪا ڳالھ مون ھينئر اوھان کي چئي، ان جو ذڪر اڃا ته ڪنھن سان به نه ڪيو اٿم، ڇو ته مان جڏھن پنھنجي ڌرتيءَ، پنھنجي ڌرتيءَ واسين سان مليس، مون جڏھن پنھنجو خوشحال ديس ۽ آسودا ماڻھو ڏٺا. مون چوڌاري خوشيون ۽ خوشبو، پيار ۽ امن ڏٺو، ساوا کيت ۽ سونا سنگ ڏٺا، مون محنتي مارو، مشينن سان جھيڙيندي ڏٺا، تڏھن مون کان سڀ ڪجھ وسري ويو. ھا، مون کان وسري ويو ته سؤ سال اڳ، مان ڊھندڙ ڀرندڙ جاگيرداري ۽ اسرندڙ سرمائيداري جي دؤر ۾ ٻوساٽيل پساھ کڻي چڪو آھيان، مان ايڏا انياءَ ڏسي چڪو آھيان، جو ھي نياءَ ڀريو نئون نظام، ھي ترقي ۽ خوشحالي، ھي مھا خوش قسمتي، جنھن کي معجزو چئجي، جادو چئجي يا دعا چئجي پر مون لاءِ نه رڳو حيرت انگيز، پر ھنياءَ ڦاڙ خوشيءَ جو سبب آھن. مون کي ڊپ ٿو لڳي ته ڪٿي مان ايڏي خوشيءَ وچان مري نه وڃان يا ڪٿي ائين نه ٿئي، جو اک کلي ۽ خبر پوي ته اھو منھنجو ڪو سُندر سپنو ھو، جيڪو ٽٽڻ کان پوءِ منھنجي من کي به ڀورا ڀورا ڪري ڇڏي. “

         ” اھي ڳالھيون ته ٿيون، پر جيڪا ڳالھ مون کي اڃا بي چين پئي ڪري، سا اھا آھي ته منھنجا مائٽ، منھنجي ڳوٺ جا ماڻھو ڪيئن آھن، ڪھڙي حال ۾ آھن، منھنجي شھر جاتيءَ ڪھڙي ترقي ڪئي، منھنجا ٻيا مائٽ يا ٻيا ماڻھو مون ننڍپڻ يا جواني ۾ ڏٺا، اھي جيڪڏھن زندھ نه ملندا ته اھو ايڏو عجيب ناھي، پر اھي ننڍڙا ٻالڪ ھاڻي پوڙھا ھوندا، پر خبر نه جيئرا به ھوندا يا نه، جيڪي جاتيءَ جي بازارين ۽ گھٽين ۾ اڌ اگھاڙا گھمندا ۽ ڪڏندا وتندا ھئا. مان اھي عقيدي جا پختا سھڻا سانگيئڙا ڏسڻ چاھيان ٿو، جيڪي کير جا لوٽا ڀري مگربين بادشاھ جي درگاھ ڌوئندا ھئا. مان جاتيءَ جون گھٽيون، گھيڙ، گھر، رستا، روڊ، پنڌ ۽ پيچرا، پسڻ چاھيان ٿو، ته اتي ڪھڙي ترقي ٿي آھي، ڇا شھر جي ڀر مان وھندڙ واھ اڄ به ائين ئي وھي ٿو؟ ڇا واھيري جي ويل اڄ به ايڏي سونھن ۽ سنگيت محسوس ٿئي ٿو؟ “

        ” مان پنھنجي جنم ڀومي جي مخصوص ھڳاءَ کي پنھنجي ساھن ۾ سمائڻ چاھيان ٿو. منھنجي ڳوٺ جا ننڍڙا ٻالڪڙا جن ۾ علو کٽيءَ جو ڪن ڪٽيل نينگر، موسيٰ ٿھيم جو سِنگھ ڳاڙيندڙ گول مٽول گٽڪڙو پٽ، عمر چانگ جي پوپري نياڻي، جيڪا گدلي ھوندي به ڏاڍي معصوم، سھڻي ۽ گُڏين جھڙي لڳندي ھئي. ۽ ٻيا …. ۽ خدا کي خبر ته الائي ملندا يا نه …. پر شايد نه …. سؤ سال گذري ويا آھن. “

         ڀونگر ۽ سڀاڳو خان ماٺ ڪري ھن جي جوشيلي مُک ۾، ۽ ھن جي پنھنجي شھر ۽ وطن سان سِڪ، محبت ۽ لڳاءَ کي محسوس ڪري، خوش ٿي رھيا ھئا.

         ڀونگر وڏي ڳنڀيرتا وچان چيو، ” اوھان کي ضرور اوھان جو شھر جاتي گھمائبو، جاتيءَ جا کوڙ ماڻھو وڏي تعداد ۾ اڄ به پنھنجي اباڻن ڪکن ۾ رھن ٿا، مطلب ته جاتي اسان جو بندرگاھ آھي، سنڌ جو ٽيون وڏو بندرگاھ آھي، توھان دلجاءِ رکو. “

         سڀاڳي خان به چيو، ” ھا ڀائو، اوھان اھڙي ڳالھ جو اڃا اظھار ڪيوئي ڪونه ھو، جاتي پورٽ ٽرسٽ جي چيئرمين ذاڪر کٽي اوھان جي مانَ ۾، آجياڻي جي ھڪ پارٽي منعقد ڪئي آھي، ان پروگرام ۾ اوھان جي شھر جا سڀ ماڻھو ايندا ۽ اوھان جي ڀليڪار لاءِ، اوھان کي مڃتا ڏيڻ لاءِ، اوھان سان ھڪ سرھي سانجھ ملھائڻ جو طئه ڪيو ويٺا آھن. “

         اھو ٻڌي سچل ڏاڍو خوش ٿيو، ته جھڙي طرح پنھنجي ديس ڌياڻَن کي ھن ياد رکيو ھو، ان کان به گھڻو پيار، پاٻوھ ۽ اُڪير ھن جي لاءِ سانگيئڙن کي به ھئي.

         ڀونگر سان ھن کوڙ دير تائين ڪچھري ڪئي، ڀونگر ھڪ پَل لاءِ به ھن کي اھو محسوس نه ڪرايو، ته ھو ڪنھن وڏي حاڪم سان ويٺو آھي، پنھنجائپ وارو ماحول ۽ ٻاجھارو لھجو، جيڪو سنڌين جو اصل ورثو آھي، جنھنجي کوٽ ڪڏھن به نه رھي آھي ۽ قيامت تائين ڪانه ٿيندي.

         ڀونگر چيو، ” يار اصل ۾ مونڏي ماڻھن جا ڪجھ خط آيل آھن، انھن جا جواب ڏيڻا آھن ۽ ٻاھرين ملڪن سان ڪاروباري معاملن تي لک پڙھ لاءِ ڪجھ ليٽرز ٽائيپ ڪرڻا اٿم، اوھان جي اجازت ڏيو ته ڪچھري ڪندي، گڏوگڏ اھو به ڪم مڪمل ڪندو رھان. “

         ” ڪو پي اي يا سيڪريٽري وغيرہ ڪونه آھي ڇا؟ “ سچل پڇيو.

         ” يار، جيڪو ڪم آءٌ ڄاڻان ٿو، اھو پاڻ ڪرڻ بدران ٻئي ھمراھ کي سِيڙايان، ان سان وقت جو زيان به ٿيندو ۽ ھڪ خراب روايت به جنم وٺندي. “

         ” اوھ، ھا واقعي اھو ائين به ڏاڍو سٺو آھي، اصل ۾ منھنجي ذھن تي پنھنجي اڳوڻي دؤر جا اثر آھن، ان ڪري اھڙيون ڳالھيون پڇي ٿو ويھان، ھوريان ھوريان ٺيڪ ٿي ويندس. “

         ” ڪا ڳالھ ڪانھي، “ سڀاڳي مرڪي آٿت ڏنس.

         ڀونگر کان موڪلائيندي، چيائينس، ” ھاڻي اسانکي موڪل ڏيو، مونکي ھن سان گڏ گورک ھلز به وڃڻو آھي، ۽ ڳوٺ به. “

         ” ھا ھا ڀلي، پر ھاڻ توھان جو ڳوٺ شھر ٿي ويو آھي، وڏو شھر. “

         ” پوءِ اسان ھلون؟ “

         ” ھا، اچو ته اوھان کي دروازي تائين اُماڻي اچان. “

         ڀونگر ھنن کي دروازي تائين ڇڏڻ آيو.

         ” پوءِ يارو ياري. “

         ” ھا، الله واھي. “

         ھنن ڀونگر کان موڪلايو.

         ھو اتان موڪلائي روانا ٿيا.

         ” ھاڻ مان توکي گورک ھلز گھمائڻ وٺي ھلان ٿو. “ سڀاڳي خان ڪار ۾ ويھڻ کان پوءِ چيو.

         وايا مانجھند ھو سنڌو نيشنل ھاءِ وي تان ٿيندا گورک ھلز ڏي روانا ٿيا. گورک ھلز ڏانھن ويندڙ رستو ڏاڍو ڪشادو ۽ خوبصورت ٺھيل ھو. رستي جي ٻنھي طرفن کان ميويدار وڻن جون قطارون ھيون. جابلو رستو ھو، ان ڪري ھر ھڪ لنگھ ۽ لڪُ ڏسڻ وٽان ھو. ھنن جي ڪار ورن وڪڙن واري رستي تي ڊوڙي رھي ھئي. آسمان تي ڪڪر ڇانيل ھئا. ٿڌڙي ٿڌڙي ھوا گھُلي رھي ھئي، ٻن ڪلاڪن جي مسافريءَ کان پوءِ، ھنن کي ماحول ۾ ٿڌڪار محسوس ٿي، سڀاڳي خان اعلان ڪيو ته، ” اسان گورک ھلز تي پھچي ويا آھيون، گورک ھل دنيا جي ڪنھن به ھل اسٽيشن کان گھٽ ناھي. “

         سچل دل ئي دل ۾ مڃيو ته- ھا واقعي ڪيڏو نه سُندر ھل اسٽيشن آھي، سڄو رستو به وڻڪار ۽ ساوڪ سان ڀريل ھو، واٽ تي ديال جا ڊگھا ڊگھا وڻ، منظر کي ڏاڍو رومانوي بنائي رھيا ھئا، ھن آسمان ڏي ڏٺو ته سڄو ڪڪرن سان ڍڪيل ھو. ھڪ طرف کان ڏاڍا وڻندڙ ڪاٽيج ٺھيل ھئا، ھتي ته ڪوھ مريءَ جي به جاءِ ناھي، واقعي شاھ سائين جي دعا جو اثر آھي- سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار. ھو منظرن جي سحر ۾ گم ٿي ويو. مختلف بازارون، مارڪيٽون به ائين گھميائين، ڄڻ ته ھن تي ڪو جادو ٿي ويو ھجي. گھمندا گھمندا ھو ھڪڙي جبل وٽ مٿاھين حصي تي پھتا، جتي ڪڪرن جي آلاڻ به ھنن جي مٿي کي لڳي پئي، سچل ھٿ کڻي مٿي وٽ ھڪڙي ننڍڙي ڪڪر کي ھٿ لاتو ته سندس ھٿ ٿورو آلو ٿي ويو. سچل خوش ٿيندي چيو، ” اسان سمنڊ جي سطح کان گھٽ ۾ گھٽ پنج ھزار فوٽ ته مٿي ھونداسين. “

         ڪڪر تيزيءَ سان ڇانئجي رھيا ھئا.

         ” پنج نه، اٺ ھزار فوٽن جي بلنديءَ تي آھيون. مريءَ کان به وڌيڪ گورک جي اوچائي آھي. “

         ھلڪي ھلڪي ھوا ھاڻ تيز ٿي چڪي ھئي.

         ھنن کي ٿوري ٿڌ محسوس ٿي رھي ھئي، اونھاري جي مند ھئي، اُن ڪري بغير ڪوٽ يا جئڪيٽ جي گھمي رھيا ھئا.

         ” سياري ۾ ته ھتي برفباري ڪري ٽيمپريچر مائنس ٽين کان به گھٽجي ويندو آھي. “ سڀاڳي ٻڌايس.

         سچل، سڀاڳي خان کي چيو، ” ڀاءُ، مون صديءَ جو سفر ڪري پنھنجو ڀيانڪ ۽ بدترين ماضي وڃائي، ھڪ شاندار ۽ سونھري مستقبل ماڻيو آھي. مان ھڪ ٻج وانگر، پنھنجو پاڻ کي فنا ڪري، سَلو ٿي اڀريو آھيان. منھنجو ھو سو ورھين جو سفر سڦل ثابت ٿيو، ھاڻ مان پنھنجي شھر ويندس، جتي منھنجا پنھنجا منھنجي اوسيئڙي ۾ آھن. ھونئن ته سنڌ سڄي منھنجو گھر آھي، تنھن ھوندي به مان پنھنجي نئين جنم کي، گذارڻ لاءِ شروعات اتان ئي ڪندس، جتان منھنجي وجود جي مٽي ڳوھي وئي ھئي. ھاڻي مھرباني ڪري مونکي منھنجي شھر وڃڻ جي موڪل ۽ سنڌ ۾ سنڌيت جي سَند ڏئي اجازت ڏيو ته مان ھڪ صدي پڄاڻان، پنھنجو ھڪ نئون سفر شروع ڪيان، جنھن مان سنڌ جي دائمي وقار جي ساک باسجي. “

ڪوٽڙي بئراج واري پل تان گذرندي نگاهون المنظر هوٽل جي ڇت تي ئي ٽڪيل رهيون. سوچون ذهن تي گھر ڪرڻ لڳيون ۽ چهري تي ماضي جي يادن اداسي جا تھ چاڙهڻ شروع ڪري ڏنا. المنظر هوٽل جي ڇت تي هو مون سان آخري ڀيرو ملڻ آ ئي هئي. اسان ٻئي ڇت جي ڇيڙي تي لڳل لوهي گرل وٽ ڪافي دير تا ئين خاموش بيٺا رهياسين،

”سڀ ٺيڪ ٿي ويندو ! تون ڪو ئي الڪو نه ڪر!!“ مون ڄڻ صدين جي خاموشي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ”جلد ئي مونکي ڪا سٺي نوڪري ملي ويندي ! ۽ پوءِ تنهنجي پئ کي ڪو به اعتراض نه هوندو…“ مون چيو.

سنڌو جو پئ اسان جي شادي لاءِ راضي نه هو، هو ڪنهن وڏي سرڪاري آفيسر کي سنڌو جي رشتي لاءِ زبان ڏ ئي چڪو هو ۽ ايڏي ڀلي رشتي کي مون جهڙي بيروزگار لاءِ ڇڏڻ کان اصل پڙ ڪڍي بيٺو هو. مون کي ڪڏهن ڪڏهن هو صحيح به لڳندو هيو مان سنڌو کي ڏيئي به ڇا ٿي سگھيس سواءِ وفا نه ٿي سگھندڙ چند واعدن ۽ ڪڏهن به پورا نه ٿي سگھندڙ خوابن جي.

”هاڻي ڪجھ به ٿي نه سگھندو…“ هن ڄڻ سموري طاقت کي سميٽي اهي لفظ چيا ها…

”تو کي خبر آهي سنڌو ! ته گذريل ڪجھ سالن ۾ جٿي جٿي به ڊگرين جي اتوار بازار لڳي آهي اتي اتي مان قطار ۾ سڀني کان اڳيان پهچندو رهيو آهيان ۽ ا ئين مون پڙهي پڙهي هڻي وڃي هنڌ ڪيو آهي، تون ڏسجان هاڻي اهو ڏينهن ڏور ناهي جڏهن مان ڪو وڏو ڪامورو ٿي پوندس، ننڍپڻ کان ئي ڪامورن جي رعبدار ۽ ڀنوا ئتي شخصيت کان مان ڏاڍو متاثر رهيو آهيان مان سندن تمام وڏو فين آهيان ۽ تون ڏسجان سنڌو ! تمام جلد منهنجا به ڪيئي فين پيدا ٿيڻ وارا آهن.!“ مان سندس موڊ تبديل ڪرڻ لاءِ چيو…

پل جي به شايد ڪجھ حصي لاءِ مسڪراهٽ هن جي چهري کي ڄڻ فقط ڇهڻ لاءِ آ ئي هئي ۽ پوءِ هڪ ٿڌو ساھ ڀري نه چاهيندي به هو خيالن ۾ گم ٿي وئي.

ڪنهن ننڍڙي مذاق تي دير تا ئين کلڻ واري سنڌو اڄ خاموش بت بڻي بيٺي هئي، خوشي  سندس چهري کان ڄڻ صدين جي فاصلي تي هئي.

”غربت وڏي لعنت آهي فراز!!!“ هن نفرت ڀريل لهجي ۾ چيو،”دنيا جيتري سا ئنس ۾ ترقي ڪئي آهي ان کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ هن غربت جي شرح ۾ ترقي ڪئي آهي، اسان کي پنهنجي مرضي سان زندگي گذارڻ جو حق شايد ڪڏهن به ملي نه سگھندو.! اسان جي ملڪ جو ئي مثال وٺ ! “

”اسان جي ملڪ جا ڏينهن هاڻي ڦرڻ وارا آهن سنڌو! “ مون سندس ڳالھ کي ڪٽيندي چيو. ”اسان هاڻي معيشت ۾ رڪارڊ ترقي ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهيون“

”ڌوڙ ترقي ڪئي آهي!!“ هن چيو ” تازو ڪالھ ئي ته رپورٽ ڇپي آهي…“

”اها ڏھ سال اڳ اختيار ڪيل پاليسين جو نتيجو آهي“ مون وري سندس ڳالھ ڪٽيندي چيو ”هاڻي حالتون ساڳيون ناهن رهيون اسان واري هاڻوڪي سرڪارجو سڄو ڌيان ئي اصل معاشي ترقي تي آهي، توکي اندازو ئي ناهي سنڌو! مون کان پڇ مون اڪانامڪس ۾ ايم.اي ڪئي آهي“ مان پنهنجي موقف ۾ وزن پيدا ڪرڻ لاءِ ڊگري جو ذڪر ڪندي چيو.

”تو اڪانامڪس ۾ ايم.اي پرا ئيويٽ ڪئي آهي ! مون کي خبر آهي توکي اڪانامڪس جي ڪيتري ڄاڻ هوندي.!!“ هن طنزيه انداز ۾ چيو،”جيڪڏهن هي ڏھ سال اڳ اختيار ڪيل پاليسين جو نتيجو آهي ته پوءِ هاڻوڪين پاليسين جا نتيجا نڪرڻ تا ئين اسان جيئرا به هونداسين الا ئجي نه.!!!“

اسان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪافي دير تا ئين خاموش رهياسين. مون ڪنڌ ورا ئي بئراج ڏانهن ڏٺو، سنڌودرياءَ به سانت اختيار ڪري چڪو هو پاڻي جي ڇڙواڳ لهرن جي بجاءِ واري پئي اڏاڻي. ”هي اسان جي آخري ملاقات آهي….“ هن چيو.

لفظ ايترا ڀيانڪ به ٿي سگھن ٿا مون اڳ ڪڏهن سوچيو به نه هيو.

”اسان سڀاڻي ڪراچي هليا وينداسين،شادي ٿي وڃڻ تا ئين اتي ئي رهنداسين………………تون……..“ مون لفظن کي سندس نڙي ۾ اٽڪندو محسوس ڪيو، هو جملو پورو ڪري نه سگھي ۽ پاسي واري ٽيبل تي رکيل سندس پرس کڻي هميشه لاءِ منهنجي نظرن کان اوجھل ٿي وئي.

تڪليف ان ڏينهن ڄڻ پنهنجن حدن کي اورانگھي وڌو هو، مان اڳ ڪڏهن به اهڙي اذيت مان نه گذريو هوس، عجيب ڪيفيت تاري ٿي پئي هئي. هڪ پل لاءِ ته سوچيم ته سنڌودرياءَ کي پاڻ ارپي هميشه لاءِ آجو ٿي پوان پر ترت ئي ياد آيوته سنڌوءَ ۾ پاڻي جي لپ به ڪانهي مرڻ بجاءِ جيڪڏهن ڪرنگھي جي هڏي ڀڄي پئي ته رهيو نور به چٽ !!!

ان ڪري خودڪشي سنڌوءِ ۾ پاڻي اچڻ تا ئين ملتوي ڪري ڇڏيم.

شمشاد جي ذهني ڪيفيت اها آهي جا هڪ سڄاڻ سنڌي نوجوان جي هوندي آهي، جو پڙهيل ڳڙهيل ۽ سَنَدن وارو هوندي به روزگار کان وانجھو رکيو پيو وڃي. هن جي ڪهاڻي به اهائي آهي جا هزارين لکين سنڌين جي آهي. مسڪين مائٽن ميڙي چونڊي خرچ ڪري، پاڻ کي هر چيز کان سِڪائي، قرض کڻي ۽ بُکون ڪاٽي، پنهنجي ٻار کي پڙهائي ڊگريون پاس ڪرايون. پوءِ ان پڙهيل نوجوان جو ڏهاڙي اخبارن ۾ نوڪرين جا اشتهار جاچڻ، هر کاتي ۽ ڪمپنيءَ ۾ درخواست ڏيڻ ۽ شهر شهر ۾ انٽرويو لاءِ پنڌ ڪرڻ ۽ نتيجو اهو ڏسڻ ته نوڪري پنهنجن کي ڪٿي ڪانه ٿي ملي، پر اهي جڳهون ٻاهرين سان ڀريون وڃن ٿيون، جي ڊگري توڙي لياقتن ۾ اسان کان گھڻو گھٽ هوندا آهن.

شمشاد سوچي سوچي ٿڪجي پوي ٿو. هن کي خيال اچي ٿو ته هنن حالتن هيٺ هڪ لائق، حساس ۽ سڄاڻ نوجوان مولن ۾ منهن وجھي ويهي ته نه ٿو سگھي. ڇا ڌاڙيلن ۾ وڃي شامل ٿجي؟ مون جھڙو ماڻهو گھٽ ۾ گھٽ هنن ڄٽن جي کوپريءَ ۾ اهو سمائڻ جو جتن ڪري ٿو سگھي ته پنهنجن کي نشانو بنائڻ بدران، قومي ويرين ۽ طبقاتي ويرين ۾ غير سلامتيءَ جو احساس پيدا ڪجي يا مون جھڙن بيروزگارن جي ملڪ گير تنظيم ٺاهجي ۽ سامراجيت خلاف گڏيل احتجاج ڪجي، يا اهڙي سرگرم تحريڪ جو سرگرم بنجي، جا سامراجين جا اسان جي ڌرتيءَ تان پير اکوڙڻ ۾ عملي طرح سرگرم هجي . . .  ورنه ويٺي مائٽن جا ميهڻا ٻڌڻا پوندا، بک مرڻو پوندو، ٿي سگھي ٿو ته مُنجھيل ذهن ۽ بيقرار روح کي دٻائڻ لاءِ چرس، آفيم يا هروئن جو موالي ٿيڻو پوي ۽ حياتي تباهه ڪرڻ جي شاهي راهه تي پهچي وڃان. هڪ ڏينهن هو پنهنجي پسند جي ساهتڪار کي خط لکي ٿو: . . . . سائين! ڪالهه ذهن ڏاڍو منجھيل ۽ وکريل هو. دماغ سوچن جي سمنڊ ۾ ٻڏل هو. ڏاڍي پريشاني، بي آرامي ۽ تنهائي ٿي محسوس ڪيم. عادت موجب سنڌي ڪتاب کڻي پڙهڻ ويٺس. توهان کي اهو ٻڌايان ته اڄڪلهه روز رات جو گھٽ ۾ گھٽ ٻه ڪلاڪ ڪو سنڌي ڪتاب پڙهندو آهيان. اهو ڪتاب اوهان جي ڪهاڻين جو ڳٽڪو ”دارو هن ديواني جو“ هو. ڪتاب پڙهندي دماغ جي ٿڪاوٽ دور ٿيندي وئي ۽ سوچ چٽي واٽ وٺندي وئي ۽ ذهن وري هڪ وار انهي راءِ تي بيٺو ته ”اسان وٽ جيڪڏهن اهڙا ليکڪ موجود آهن، جيڪي پنهنجي قلم سان پنهنجي قوم جي ترجماني ڪن ٿا ۽ قوم جي ناسورن جو ڏس ڏين ٿا ته اها قوم جلد ئي ماڳ تي رسندي ۽ ضرور پنهنجا مقصد ماڻيندي.“

ڪتاب پڙهندي سائين ميلهارام منگترام وساڻيءَ جي ڪتاب ”گلستا“ جي ديباچي جون هيٺيون سٽون ذهن تي تري آيون: ”ڪنهن به قوم جي اخلاق، تهذيب ۽ ترقيءَ جو پتو سندس علم ۽ ادب سان پوي ٿو، ڇاڪاڻ ته قوم جا بيدار مغز عالم ۽ اڳواڻ، فيلسوف ۽ شاعر پنهنجا خيال ۽ تجربا قلمبند ڪرڻ سان ئي قوم جي رهنمائي ڪن ٿا.“

ان سان گڏ پروفيسر ليکراج ماڙيوالا ۽ پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي ڪتاب ”سامي“ جي ديباچي جون هيٺيون سٽون ياد اچڻ لڳيون: ”هر ڪنهن قوم جي سڀيتا جو سڀاءُ، ان جي علم ادب مان پوي ٿو. ان جي ترقيءَ جو مدار به ان جي ادبي فهم، احساس ۽ شناس تي آهي. جا قوم پنهنجي ساهتڪ ذخيري کي سانڍڻ ۽ وڌائڻ جو اُدم نه ٿي ڪري، سا جھٽ زبون ۽ اجڙ ٿيو وڃي.“

سچ ته اوهان جي ڪتاب پڙهڻ سان دماغ روشن ٿي ويو ۽ نئون اتساهه جاڳيو. اميد ته اڳتي به وک وک تي اوهان پنهنجين لکڻين ذريعي اسان جي رهنمائي ڪندا رهندا.

اڄڪلهه آءُ پنهنجي روزگار جي تلاش ۾ آهيان. ان ڪري انٽرويو جي بهاني جدا جدا شهرن جا ٿاٻا پيو کانوان، ڪڏهن ڪراچي ته ڪڏهن حيدرآباد ۽ ڪڏهن ڪو ٻيو شهر. مطلب ته کوڙ انٽرويو ڏنا اٿم. ميٽرڪ فرسٽ ڪلاس، انٽر فرسٽ ڪلاس ۽ بِي. اي فرسٽ ڪلاس ۾ ڪئي اٿم. پر اڄڪلهه نوڪري ملڻ محال آهي، ڇاڪاڻ ته نوڪري وٺڻ واسطي ٻه ڳالهيون ضروري ٿي پيون آهن. هڪ رشوت، جا گھٽ ۾ گھٽ ڏهه هزار رپيا آهي ۽ ٻي پهچ. اهي ٻئي مون وٽ نه آهن. آءٌ ته هڪ غريب خاندان جو ڀاتي آهيان، جنهن جو سنڀاليندڙ هڪ ماستر آهي. توهان پاڻ سمجھي سگھو ٿا ته هن جي ايتري پهچ ڪٿي جو اولاد کي نوڪري وٺي ڏئي، يا هن وٽ ايترو پئسو ڪٿان اچي جو هو ڇوڪر لاءِ روزگار حاصل ڪري سگھي. هن دور ۾ پيٽ جي پورت ڪرڻ ئي هماليه جبل جيڏو مسئلو آهي . . .

ڳالهه ڪٿان اچي ڪٿي نڪتي. من تي مڻين بار هئڻ سبب اهو سڀ ڪجھه لکي ويس. سوچيم ته پنهنجي حال کان سائينءِ کي واقف ڪري، پنهنجي من جو بار هلڪو ڪريان. اهڙي ڪيفيت جي عالم ۾ جيڪڏهن اوهان جي لکڻين جو ڪو مجموعو هٿ اچي ويندو آهي ته وري ذهن ۽ دماغ ٻئي هڪ نئين سوچ سان ڀرپور ٿي ويندا آهن، ڇاڪاڻ ته اوهان جون لکڻيون اسان جو ئي ته آواز آهن.

سو ڳالهه ٿي ڪيم ته رات اوهان وارو ڪتاب پڙهندي منهنجو جوش تازو ٿيو ۽ فيصلو ڪري ورتم ته سرگرم تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن ٿي، پوري سرگرميءَ سان حصو ٿو وٺان. ذهن اول ئي تتل هو، هاڻي پير به تپي ويا ۽ تتل پير وهڻ نه ڏيندا آهن . . . ـــــــــــــــ شمشاد.

خط پڙهي، ليکڪ کي پهريون ويچار اهو ٿو اچي ته بيروزگاريءَ جي واندڪائيءَ ۾ پڙهيل ڳڙهيل نوجوان قومي ساهت پڙهن ٿا ۽ ان سان گڏ هنن جي روزگار لاءِ معاشي جاکوڙ، اسان جي اڳ ۾ ئي هلندڙ قوي سجاڳيءَ جي جاکوڙ ۽ غيرطبقاتي سماج لاءِ جاکوڙ جو بنياد بنجندي وڃي.

ليکڪ پاڻ کان پڇي ٿو: ڇا هيءَ بيروزگاري باروت ۾ بدلجي رهي آهي؟ . . . . بغاوت جو باروت! .

سول اسپتال ۾ مڙدي خاني ٻاهران عورتن، مردن ۽ ٻارن جو انبوھ هو. انبوھ مان روڄ راڙي، ۽ اوڇنگارن جا آواز پئي آيا.
        ماڻهن جي انبوھ پٺيان ميدان ۾ پوليس جون ٻه لاريون، هڪ ٽرڪ، هڪ پڪ اپ، ٻه جيپون ۽ ايس پيءَ جي نيري رنگ جي فوڪس ويگن ڪار بيٺي هئي. ڪجھ پرڀرو پپر جي وڻ هيٺان مئجسٽريٽ صاحب جي اڇي رنگ واري مزدا ڪار بيٺي هئي.

        مڙدي خاني جي ڀوائتي ورانڊي ۾ نوجوان مئجسٽريٽ ۽ وچولي عمر وارو ايس پي بيٺا هئا. ايس پيءَ جو پيٽ گولائيءَ ۾ ڪجھ سرس هو، جنهن مان سندس مالي خوشحالي ظاهر پئي ٿي. مئجسٽريٽ اڃا نئون نوڪريءَ ۾ گھڙيو هو، تنهن ڪري پوريءَ ريت خوشحال ٿي نه سگھيو هو. هو ٻئي ڄڻا نڪ تي رومال ڏيئي مڙدي خاني جي ورانڊي ۾ بيٺا هئا.

       مڙدي خاني ۾ تازن فسادن ۾ مئل ماڻهن جا لاش پيا هئا. لاشن تي قانوني ڪاروائي ٿي چڪي هئي. لاش هڪ هڪ ڪري مئجسٽريٽ جي موجودگيءَ ۾ وارثن کي حوالي ڪيا پئي ويا. سول اسپتال جي تاريخ ۾ اڳ ائين ڪڏهن به نه ٿيو هو، جو مئجسٽريٽ ۽ ايس پيءَ جي موجودگيءَ ۾ پوسٽمارٽم ڪيل لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويا هجن. اُهو موقعو عجيب هو. ڪنهن به طرح عام رواجي نه هو. لاتعداد اخباري نمائندا، سماجي ڪارڪن، فوٽو گرافر اُتي موجود هئا.

    مڙدي خاني جي غليظ، اونداهي ۽ هيبتناڪ ڪمري ۾ ڪجھ لاش پيا هئا. لاشن وٽ اسپتال جو ايڊمنسٽريٽر، ٻه ڊاڪٽر، ڇھ ــ ست وارڊ بواءِ، ڪجھ سپاهي ۽ هڪ صوبيدار بيٺا هئا. ڌپ کان بچڻ لاءِ هنن نڪ بند ڪري ڇڏيا هئا.

    صوبيدار هڪ هڪ ڪري لاش ٻاهر کڻائي پئي آندو. ٻاهر ورانڊي ۾ بيٺل مئجسٽريٽ ۽ ايس پيءَ آڏو لاش ترسائي، لاش سان گڏ ٻنهي صاحبن جو فوٽو ڪڍائي، لاش انبوھ ڏانهن کڻائي پئي ويو. فوٽو ڪڍائڻ مهل مئجسٽريٽ ۽ ايس پيءَ نڪ تان رومال هٽائي پئي ڇڏيو.

    نوجوان مئجسٽريٽ کان وڌيڪ ايس پي تجربيڪار هو. هن نوجوان مئجسٽريٽ کي سمجھائي ڇڏيو هو، ته اهي فوٽا اخبارن ۾ ڇپبا. حاڪمن تائين وڃي پڄندا، تنهنڪري اسان جي منهن مان بيزاري ظاهر ٿيڻ نه گھرجي.

    صوبيدار مڙدي خاني مان هڪ هڪ ڪري لاش کڻائي پئي آيو ۽ ورانڊي ۾ مئجسٽريٽ ۽ ايس پيءَ کي ٿي ڏيکاريو، جن نڪ تان رومال هٽائي ڪجھ هيٺ جھڪي، منهن تي غم ۽ رنج جا تاثر آڻي، ڪمال اداڪاريءَ سان فوٽو ڪڍائي پئي ورتو. ان ڪاروائيءَ کان پوءِ صوبيدار لاش وارثن جي حوالي ڪندو ٿي ويو.

    ڪجھ دير کان پوءِ مڙدي خاني مان اسپتال جو ايڊمنسٽريٽر ٻاهر آيو. هو توائي پئي ڏٺو. جنهن ڪم تي کيس بيهاريو ويو هو، سو پنهنجي مرتبي کان هيٺ پئي ڀانيائين. هو مئجسٽريٽ ۽ ايس پيءَ وٽ اچي بيٺو. رومال سان منهن اُگھندي چيائين، ”سمورا لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويا آهن، مان وڃان ٿو.“
    مئجسٽريٽ پڇيوۡ، ”ڪل گھڻا لاش هئا؟“
    ايڊمنسٽريٽر وراڻيو، ”چوڏهن.“
    ”پڪ؟“ مئجسٽريٽ پڇيو.
    ”ها سائين، پڪ.“ ايڊمنسٽريٽر بيزار ٿيندي وراڻيو
    مئجسٽريٽ هڪ ته جوان هو، مٿان بي انداز اختيار مليل هئس. ڏاڍي رعبدار نموني ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندي ايڊمنسٽريٽر کان پڇيائين، ”مڙدي خاني کي گھڻا در ۽ گھڻيون دريون آهن؟“

    ايس پيءَ حيرت مان نوجوان مئجسٽريٽ ڏانهن ڏٺو.
    ايڊمنسٽريٽر وراڻيو، ”مڙدي خاني کي ٻه دريون ۽ چار روشندان آهن ۽ هڪ در آهي.“
    ”درين کي لوهي شيخون لڳل آهن؟“
    ”ها.“
    ”۽ در؟“
    ”در کي تالو لڳل هوندو آهي.“
    ”ڀلا روشندان فرش کان ڪيترو مٿي آهن؟“
    ”اٽڪل ٻارهن فوٽ کن مٿي آهن.“
    ”روشندانن کي لوهي شيخون آهن؟“
    ”نه.“
    ”هون!“ مئجسٽريٽ وڏي سوچ ۾ پئجي ويو. اهڙو ڳنڀير ٿي ويو، ڄڻ خون جي ڪيس ۾ مغز ماري رهيو هو.

    ايڊمنسٽريٽر ڪجھ خارباز طبيعت جو هو. هن چيو، ”سائين، يقين ڪريو، ڪوبه لاش مڙدي خاني مان ڀڄي نه ويو آهي. درين کي لوهي شيخون لڳل آهن. جيڪڏهن ڪوبه لاش روشندان مان ڀڄي نڪرڻ جي ڪوشش ڪري ها، ته ضرور ٽنگ ڀڄيس ها.“
    نوجوان مئجسٽريٽ کي لوندڙين تي پگھر اچي ويو. ٿڏي تي ايڊمنسٽريٽر جا لاھ ڪڍي ڇڏي ها، پر ايس پيءَ جي منهن تي مرڪ ڏسي سور پي ويو.
    ايڊمنسٽريٽر هليو ويو. اخباري نمائندا ۽ فوٽو گرافر به روانا ٿي ويا. انبوھ ڇڙوڇڙ ٿيڻ لڳو. تڏهن اوچتو مڙدي خاني مان آواز آيو. ”ترسو.“
    انبوھ پنڊ پهڻ ٿي ويو. مئجسٽريٽ ۽ ايس پيءَ منهن ورائي مڙدي خاني ڏانهن ڏسڻ لڳا. مڙدي خاني جي دَر ۾ صوبيدار بيٺو هو. کيس ڏسي ٻنهي جي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويئي.
    صوبيدار اڳتي وڌي آيو. سندس هٿ ۾ ڪُلهي وٽان ڪپيل هڪ ٻانهن هئي. هو ايس پي ۽ مئجسٽريٽ آڏو اچي بيٺو. هن عجيب بي ڍنگي لهجي ۾ چيو ”هي ٻانهن مڙدي خاني جي ڪنڊ ۾ پئي هئي.“

    ايس پي ۽ مئجسٽريٽ حيرت وچان ڪپيل ٻانهن ڏانهن ڏسڻ لڳا، جيڪا رت ۽ مٽيءَ سان ٿڦيل هئي. ايس پيءَ پاڻ سنڀالي ورتو. صوبيدار کي کڙڪيدار آواز ۾ چيائين، ”ان ٻانهن کي مڙدي خاني ۾ اُڇلائي اچ.“
    صوبيدار مڙدي خاني ڏانهن وڃڻ لڳو.
    ”ترس“ مئجسٽريٽ کيس روڪيو . چيائين ”انصاف جي تقاضا موجب هي ڪپيل ٻانهن وارثن جي حوالي ڪئي ويندي.“
    ايس پيءَ کيس سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي پر نوجوان مئجسٽريٽ نه مُڙيو. هن عدل جھانگير جو رڪارڊ ٽوڙڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. چيائين، ”هيءَ ٻانهن وارثن کي ڏني ويندي.“
    ايس پي جڪ کاڌا.
    مئجسٽريٽ ٻنهي ڊاڪٽرن کي گھرايو، جيڪي مڙدي خاني مان نڪرڻ کان پوءِ تازي هوا کائي رهيا هئا. کانئن پڇيائين، ”ڪو اهڙو لاش به وارثن کي ڏنو ويو آهي ڇا، جنهنکي هڪ ٻانهن نه هئي؟“

    ٻنهي ڊاڪٽر ڪاغذن جي جانچ ڪرڻ کان پوءِ انڪار ڪري ڇڏيو ته ڪوبه ٻانهن ڪپيل لاش مائٽن کي نه ڏنو ويو آهي.
    مئجسٽريٽ پاڻ کي اڪابر ثابت ڪرڻ لاءِ چيو، ”ته پوءِ هن ٻانهن جو لاش ڪٿي آهي!“
    ايس پيءَ کنگھي پنهنجي کِل هضم ڪري ويو. هن مُرڪندي چيو، ”ممڪن آهي، جنهن شخص جي هيءَ ٻانهن آهي، سو اڃا جيئرو هجي.“
    مئجسٽريٽ کي اها ڳالھ پسند نه آئي. چيائين، ”اهو ناممڪن آهي.“
    هڪ ڊاڪٽر چيو، ”جنرل وارڊ ۾ پنجن ڏينهن کان هڪ زخمي داخل آهي، جنهن کي ڪُلھي وٽان هڪ ٻانهن ناهي.“
    ”ته پوءِ هيءَ ٻانهن پڪ ان زخميءَ جي آهي.“ مئجسٽريٽ ڊاڪٽر کي چيو، ”مونکي مريض ڏانهن وٺي هل. مان هيءَ ٻانهن سندس حوالي ڪندس.“

    ايس پيءَ ۽ انبوھ کي ترسڻ لاءِ چئي، مئجسٽريٽ صوبيدار کان ٻانهن کڻائي، ڊاڪٽر کي ساڻ ڪري جنرل وارڊ ڏانهن ويو.
    ڊاڪٽر مئجسٽريٽ کي سڌو وڃي ان زخميءَ وٽ بيهاريو، جنهنکي ڪلهي وٽان ٻانهن نه هئي.
    مئجسٽريٽ زخميءَ کي چيو، ”اسان کي مڙدي خاني مان هڪ ٻانهن لڌي آهي. اسين سمجھون ٿا، هيءَ ٻانهن تنهنجي آهي.“
    زخمي دريءَ کان ٻاهر نهاري رهيو هو. سندس منهن ۾ گھُنڊ هو. ايذاءُ سبب چپ خشڪ ۽ اکيون ڏرا ڏيئي ويون هئس. هن ڪنڌ ورائي مئجسٽريٽ ڏانهن ڏٺو.
    مئجسٽريٽ صوبيدار جي هٿ ۾ جھليل ٻانهن ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”منهنجو خيال آهي، هيءَ ٻانهن تنهنجي آهي.“
    مريض مئجسٽريٽ تان نظرون هٽائي، ٻانهن ڏانهن ڏسڻ لڳو. ڪجھ دير کان پوءِ هن وري مئجسٽريٽ ڏانهن ڏٺو. پڇيائين، ”تنهنجي عمر ڪيتري آهي؟“

    مئجسٽريٽ وائڙو ٿي ويو. ڪجھ سمجھ ۾ نه آيس، چيائين، ”مان پنجويهن سالن جو آهيان.“
    ”مان به پنجويهن سالن جو آهيان، پاڪستان به پنجويهن سالن جو آهي.“ زخمي چيو، ”پنجويهن سالن ۾ هن ملڪ تو جھڙن کي پنجويھ ٻانهون ڏيئي ڇڏيون آهن. مونکان ٻن ٻانهن مان هڪ ٻانهن ڦڙي ورتي آهي.“
    مئجسٽريٽ اجايو کلڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس شڪل ڀولي جھڙي ٿي ويئي. چيائين، ”مان حڪومت پاڪستان طرفان توکي تنهنجي ٻانهن موٽائي ڏيڻ آيو آهيان.“
    زخميءَ ڪرڙي اک سان مئجسٽريٽ ڏانهن ڏٺو. ڄاڙيءَ جا هڏا هڪٻئي ۾ جڪڙجي ويس. منهن جو رنگ بدلجندو ويس. تڪليف بدران، سندس منهن مان بي پناھ نفرت ظاهر ٿيڻ لڳي.
    مئجسٽريٽ کان زخمي جي خاموشي ۽ گھائل ڪندڙ گھور برداشت ٿي نه سگھي. چيائين، ”مان تو کي تنهنجي ٻانهن موٽائي ڏيڻ آيو آهيان.“
    ”مونکان جيئري جاڳندي ٻانهن وٺي، مونکي مئل ٻانهن ڏيڻ آيو آهين!“ زخميءَ ڏند ڪرٽيندي چيو، ”مان فنڪار آهيان. مان مئل ٻانهن کي ڇا ڪندس! مونکي جيئري ٻانهن موٽائي ڏيو.“

    ڊاڪٽرن مئجسٽريٽ کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو، ”هن جو دماغ خراب ٿي ويو آهي. اسين کيس چرين جي اسپتال موڪلينداسين.“
    مئجسٽريٽ نه مُڙيو. زخميءَ کي چيائين، ”توکي پنهنجي ٻانهن نه گھرجي؟“
    ”مان مئل ٻانهن ڇا ڪندس!“ زخميءَ چيو، ”پنهنجي حڪومت کي چئه ته مونکي منهنجي جيئري ٻانهن موٽائي ڏي. مونکي جيئري ٻانهن گھرجي. مان فنڪار آهيان. مان تصويرون ٺاهڻ چاهيان ٿو. مان ڪوي آهيان. مان گيت لکڻ چاهيان ٿو. مان سودائي آهيان. مان ڪهاڻيون لکڻ چاهيان ٿو. مونکي منهنجي ٻانهن موٽائي ڏيو. مونکي منهنجي جيئري ٻانهن موٽائي ڏيو.“
    مئجسٽريٽ کي وحشت وٺي ويئي. هو ڊاڪٽرن ۽ صوبيدار سميت موٽي ويو.
    مڙدي خاني جي ورانڊي ۾ ايس پيءَ چيس، ”منهنجي مڃو. هيءَ ٻانهن مڙدي خاني ۾ رکائي ڇڏيو.“
    ”نه.“ نوجوان مئجسٽريٽ چيو، ”مان هن ڪپيل ٻانهن جي وارثن کي ضرور هٿ ڪندس.“
    هن صوبيدار جي هٿ مان ڪپيل ٻانهن وٺي، مٿي ڪري، انبوھ کي ڏيکاريندي چيو، ”هن ٻانهن جو جيڪڏهن ڪو وارث آهي ته ثابتي ڏيئي ٻانهن وٺي وڃي.“

    ٻانهن ڏسي انبوھ ۾ چرپر چوٻول ٿيو.
    ڪجھ مرد ۽ عورتون اڳتي وڌي آيا. هو غور سان ٻانهن ڏانهن ڏسڻ لڳا، جنهن تي رت ۽ مٽيءَ جا چاپڙ چڙهيل هئا.
    هڪ ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ چيو، ”سائين، اها ٻانهن منهنجي پيءُ جي آهي.“
    مئجسٽريٽ ڪنڌ ورائي ڇوڪري ڏانهن وٺو. پڇيائين، ”ڪيئن ٿي چوين ته اها ٻانهن تنهنجي پيءُ جي آهي؟“
    ڇوڪريءَ وراڻيو، ”منهنجو پيءُ جيئرو آهي. هن کي هڪ ٻانهن ڪانهي.“
    مئجسٽريٽ کان ڇرڪ نڪري ويو. پڇيائين ”ڪڏهن کان تنهنجي پيءُ کي ٻانهن ڪانهي؟“
    ”مونکي ياد ناهي.“ ڇوڪريءَ وراڻيو، ”منهنجي ماءُ مونکي ٻڌائيندي آهي ته منهنجي پيءُ کي ٻئي ٻانهون هونديون هيون. هو سچ لکندو هو. هڪڙي ڏينهن انصاف جا علمبردار آيا، ۽ بابا جي اُها ٻانهن ڪپي ويا، جنهن ۾ سچ لکندڙ هٿ هو.“

    مئجسٽريٽ هٿ جي اشاري سان ڇوڪريءَ کي پري ڪري بيهاريو. پوءِ انبوھ ڏانهن ڏسندي چيائين، ”ٻيو ڪو وارث آهي؟“
    جھور ڪراڙي عورت ڪنبندڙ آواز ۾ چيو، ”هيءَ منهنجي پٽ جي ٻانهن آهي.“
    ”ثبوت ڏي مائي.“ مئجسٽريٽ چيو.
    ”هو سورنهن ڪلاڪ ڪم ڪرڻ کان پوءِ ٻه رپيا ڪمائي وٺندو هو، جنهن مان اسين هڪ ويلو ماني کائيندا هئاسين ۽ باقي مسواڙ ۽ دوائن ۾ لڳائي ڇڏيندا هئاسين.“ پوڙهي چيو، ”منهنجو پٽ جنهن ڏينهن چار ڇھ آنا وڌيڪ ڪمائي وٺندو هو، تنهن ڏينهن ابراهيم بوريءَ جي دڪان تان منهنجي لاءِ جليبيون وٺي ايندو هو.“
    ”پر تون ڪيئن دعوى ٿي ڪرين ته هيءَ تنهنجي پٽ جي ٻانهن آهي؟“
    ”مونکي  سَنڌن جو سور آهي. هو روز رات جو مونکي زور ڏيندو هو.“ ڪراڙيءَ ڪنبندڙ آواز ۾ چيو، ”مان ماءُ آهيان. مان پنهنجي پٽ جي ٻانهن سڃاڻي نه سگھندس! هيءَ ضرور منهنجي ئي پٽ جي ٻانهن آهي.“
    ”تنهنجو پٽ ڇا ڪندو هو، مائي؟“

    ”هو ڀيم پوري، وٽ لوسڻ وڪڻندو هو.“ مائي وراڻيو، گذريل فسادن ۾ هڪ ڏينهن جيئن گھران نڪتو، ته اڄ تائين نه موٽيو آهي.“
    ”تون ترس مائي.“ مئجسٽريٽ چيو، ”ٻين کان پڇڻ کان پوءِ مان فيصلو ڪندس ته ٻانهن جو حقيقي وارث ڪير آهي.“
    هڪ سترهن ـــ ارڙهن سالن جو ڇوڪرو اڳتي وڌي آيو. ٻانهن ڏانهن غور سان ڏسندي چيائين، ”مونکي پڪ آهي ته هيءَ ٻانهن منهنجي ڀاءُ جي آهي.“
    ”ثبوت ڏي.“
    ”هو گلوب ٽيسڪسٽائيل مل ۾ مزور هو.“ ڇوڪري چيو، ”هو مان ڪپڙي جا ٿانَ کڻي گدام ۾ آڻي رکندو هو.“
    ”پر تو وٽ ڪهڙي ثابتي آهي ته هي تنهنجي ڀاءٌ جي ٻانهن آهي؟“
    ”جڏهن کان هو فسادن ۾ گم ٿي ويو آهي، تڏهن کان اسان جو گھر لنگھڻ تي آهي.“
    ”اهو ڪو ثبوت ڪونهي.“
    ڇوڪري هڪدم وراڻيو، ”هو ڪپڙي جا ٿانَ ٻانهن ۾ کڻندو هو. لاڳيتو وزن کڻڻ سبب سندس هڪ ٻانهن رونڊي ٿي ويئي هئي. هيءَ ٻانهن به رونڊي آهي.“
    مئجسٽريٽ چيو، ”هيءَ ٻانهن ڪپجڻ کان پوءِ سڪي ويئي آهي، تنهن ڪري رونڊي ٿي ڏسجي.“

    ”پر مونکي پڪ آهي ته هيءَ ٻانهن منهنجي ڀاءُ جي آهي.“
    ”ان جو فيصلو مان ڪندس.“ مئجسٽريٽ انبوھ ڏانهن ڏسندي چيو، ”ٻيو ڪو؟“
    هڪ وچولي عمر وارو شخص اڳتي وڌي آيو، هو ڏسڻ ۾ عجيب پئي لڳو. کيس مٿي تي پراڻو ٽوپلو، ڊگھو ڪوٽم ڪالر وٽان ڦاٽل قميص ۽ تمام ڍلي پتلون پاتل هئي. کيس ڪوٽ جي کيسي ۾ اڌ ڊزن فائونٽن پينون ۽ چار ڳاڙهيون نيريون پينسلون ٽنبيل هيون. هن اڳتي اچي ٻانهن جو معائنو ڪيو. صوبيدار جي هٿ مان ڪپيل ٻانهن وٺي، چڱيءَ طرح جانچي، صوبيدار کي موٽائي ڏنائين. پوءِ ٿورو سيٽجي ۽ ٿورو آڪڙجي بيٺو. چيائين، ”مان سر چارلس نيپيئر ديسي آهيان.“
    غمگين ۽ اُداس بيٺل ماڻهن کي کِلَ اچي ويئي.
    ”اڙي! توهين کلو ٿا!“ سر چارلس نيپيئر ديسيءَ چيو، ”وڏا ڪي بي شرم آهيو.“
    ايس پيءَ مئجسٽريٽ کي ڪَن ۾ چيو، ”هيءُ موهن جي دڙي جو گم ٿيل انگريز نڪ ۾ دم ڪندو.“
    ”اي کوٻلا.“ سر چارلس نيپيئر ديسيءَ ايس پيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”مان توکي سڃاڻان ٿو. تون جيڪب آهين.“
    ماڻهو کِلي پيا.
    ”کلو نه روئو ـــــ هنجون هاري روئو، ڇو جو توهان کي خبر ناهي ته هيءَ ڪپيل ٻانهن ڪنهن جي آهي.“ سر چارلس نيپيئر ديسيءَ انبوھ تي نگاھ ڄمائي ڇڏي.

    نوجوان مئجسٽريٽ ڏڪندي ڏڪندي کانئس پڇيو، ”سر، توهان کي خبر آهي ته هيءَ ٻانهن ڪنهن جي آهي؟“
    ”ها. مون کي خبر آهي ته هيءَ ٻانهن ڪنهن جي آهي.“
    ”ڪيئن سائين؟“
    ” 1843ع کان اها ٻانهن ڪپيندو آيو آهيان.“
    ”1843ع کان!“
    ”ها 1843ع کان.“ سر چارلس نيپيئر ديسيءَ وراڻيو، ”مان هر دور ۾ اها ٻانهن ڪپيندو آيو آهيان. تنهنڪري مونکي خبر آهي ته هي ٻانهن ڪنهن جي آهي.“
    ايس پي چپن ۾ مُرڪڻ لڳو. مئجسٽريٽ لوندڙين تان پگھر اُگھندي سر چارلس نيپيئر ديسيءَ کان پڇيو، ”سر، هيءَ ٻانهن ڪنهن جي آهي؟“
    ”هيءَ ٻانهن جنرل هوش محمد شيديءَ جي آهي.“ سر چارلس نيپيئر ديسيءَ وراڻيو.
    ”جنرل هوش محمد شيدي!“
    ”ها. جنرل هوش محمد شيدي.“ سر چارلس نيپيئر ديسيءَ چيو، ”هر دور ۾ مان ان ٻانهن کي هوشوءَ جي ڪلهي کان ڪپي ڌار ڪندو آهيان، پر وري ٻئي ڪنهن دور ۾ اها ٻانهن هوشوءَ جي ڪلهي سان لڳي جيئري ٿي پوندي آهي. اها ٻانهن ملڪ ۾ وڳوڙ وجھندي آهي. نوجوانن کي هٿياربند جدوجھد جي ترغيب ڏيندي آهي. حاڪمن لاءِ مصيبت پيدا ڪندي آهي. پر هن دفعي مان ان ٻانهن کي پڄي رهندس.“

    مئجسٽريٽ کانئس پڇيو، ”توهين هن ٻانهن کي ڇا ڪندا، سر؟“
    سر چارلس نيپيئر ديسيءَ وراڻيو، ”نظريه پاڪستان جي حفاظت، قومي يڪجھتي *۽ سرحدي بقا لاءِ مان ان ٻانهن کي هٿ ۾ چمچو ڏيئي ڇڏيندس. چمچو جھلڻ کان پوءِ اها ٻانهن هٿيار کڻڻ جي قابل نه رهندي.“
    مئجسٽريٽ کيس ٽارڻ لاءِ چيو، ”سر، ٻانهن هر حال، ۽ هر صورت ۾ توهان کي ڏني ويندي. في الحال ٻين وارثن جي ڳالھ ٻڌڻ ڏيو.“
    ”ٻڌبي ٺمري ۽ دادرو آهي.“ سر چارلس نيپيئر ديسيءَ چيو، ”تون تفتيش ڪر، ڀولا.“
    مئجسٽريٽ پگھر اُگھيو. ايس پي چپن ۾ مُرڪيو.
    مئجسٽريٽ انبوھ کان پڇيو، ”ٻيو ڪو آهي، هن ٻانهن جو وارث؟“
    هڪ نوجوان ڇوڪري انبوھ مان نڪري آئي. هوءَ حسين هئي. اُداس ۽ ويراڳڻ ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ دلڪش ٿي ڏٺي.
    ايس پيءَ سڙٻاٽن ۾ مئجسٽريٽ کي چيو، ”هيءَ ڇوڪري رنڊي آهي. نالو فرزانه اٿس.“
    فرزانه ٻانهن وٽ اچي بيٺي. اکيون روئڻ سبب ڳاڙهيون ٿي ويون هئس. ٻانهن ڏانهن ڏٺائين ته روئي پيئي. سڏڪن ۾ چيائين، ”هيءَ ٻانهن مونکي ڏيو.“
    ”ثابتي.“
    ”هيءَ ٻانهن شهمير جي آهي.“
    ”شهمير ڪير هو؟“
    ”شهمير مانجھي مڙس هو. مشڪلن جي اکين ۾ اکيون وجھي ڏسندو هو.“

    ”هو تنهنجو ڪير هو؟“
    ڇوڪريءَ جون اکيون رڻ ۾ ڦاٿل هرڻيءَ جي اکين وانگر وياڪل ۽ وائڙيون ٿي ويون. هن ڇپر کڻي مئجسٽريٽ ڏانهن ڏٺو. چيائين، ”شهمير منهنجي لاءِ سڀ ڪجھ هو.“
    ”تنهنجو مڙس هو؟“
    ”نه.“
    ”توهان جو مڱڻو ٿيو هو؟“
    ”نه.“
    ”ته پوءِ؟“
    فرزانه منجھي پئي. ڪو جواب سجھي نه آيس.
    ايس پيءَ مئجسٽريٽ کي آهستي چيو، ”هيءَ رنڊي آهي. هوندس ڪو خاص گراهڪ.“
    مئجسٽريٽ ڇوڪريءَ کي چيو، ”توکي ثابت ڪرڻو پوندو ته تون هن ٻانهن جي وارث آهين.“
    ڇوڪري چيو، ”شهمير هڪ دفعي منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ قابو ڪندي چيو هو ته مڙس زندگيءَ ۾ فقط هڪ عورت جو هٿ جھليندو آهي *۽ اها عورت تون آهين. هن مون کي پنهنجو ڪيو هو. هو زماني جي ريتن رسمن جو قائل نه هو. چوندو هو، ته مرد جي وچن کان وڌيڪ مضبوط ٻيو ڪوبه ٻنڌڻ ناهي.“
    مئجسٽريٽ چيو، ”پر تو وٽ ڪهڙو ثبوت آهي ته هيءَ ٻانهن تنهنجي شهمير جي آهي؟“
    ڇوڪريءَ جون اکيون ترسيل ساوڻ وانگر وسي پيون. چيائين، ”شهمير جي هٿ ۾ عمر واري ليڪ تمام وڏي هوندي هئي، پر شهمير ان ليڪ تي ڪڏهن به اعتبار نه ڪيو. هو چوندو هو ته انسان پنهنجا ليڪا پاڻ ٺاهيندو آهي.“

    ڇوڪري ڳالهائيندي ڳالهائيندي خاموش ٿي ويئي. هوءَ پنهنجن سڏڪن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. جڏهن ڪجھ سامت ۾ آئي تڏهن چيائين، ”فسادين جي هڪ وڏي انبوھ سان اڪيلي سر وڙهندي منهنجو شهمير مارجي ويو. هٿ ۾ عمر واري وڏي ليڪ هوندي به جوانيءَ ۾ مارجي ويو. فسادي سندس لاش جيپ سان ٻڌي، رستن تان گھليندا کڻي ويا. توهين ان ڪپيل ٻانهن جي هٿ ۾ عمر واري ليڪ ڏسو. ضرور وڏي هوندي.“
    صوبيدار چيو، ”ٻانهن جو هٿ رهڙجي ويو آهي. سموريون ليڪون ڊهي ويون اٿس.“
    ”تون ترس.“ مئجسٽريٽ چيو. ”مان ٻين دعويدارن کان پڇي وٺان.“
    ”وڌيڪ ڦڏيبازي نه ڪر، مئجسٽريٽ، ڀولا.“ اوچتو سر چارلس نيپيئر ديسيءَ ڳالهايو. چيائين، ”تو مونکي پرامز ڏنو آهي، ته اها ٻانهن مون کي ڏيندين.“
    مئجسٽريٽ موقعي جي نزاڪت ڏسندي، ڪاوڙ کي قابو ڪندي چيو، ”هيءَ ٻانهن هر حال ۾ توهان کي ڏني ويندي، سر چارلس نيپيئر ديسيءَ.“
    ”ٿينڪ يو.“ سر چارلس نيپيئر ماٺ ٿي ويو.
    مئجسٽريٽ ماڻهن ڏانهن منهن ڪندي وڏي واڪ پڇيو، ”ٻيو ڪو هن ٻانهن جو دعويدار آهي؟“

    هڪ منڊڙو پوڙهو گھوڙين تي هلندو اڳتي وڌي آيو. چيائين، ”هيءَ منهنجي پٽ جي ٻانهن آهي.“
    ”ثبوت.“
    ”منهنجي دل ٿي چوي، اها منهنجي پٽ جي ٻانهن آهي.“
    ”قانون جي نگاهن ۾ دل ڪابه معنى نه رکندي آهي، اسانکي ثبوت گھرجي.“
    ”ثبوت!“
    ”ها، ثبوت.“ مئجسٽريٽ پڇيو، ”تنهنجي پٽ جو نالو ڇا هو؟“
    ”خاوند.“ وري هڪدم چيائين، ”خاوند ڏنو.“
    ”ڇا ڪندو هو؟“
    پوڙهي وراڻيو، ”لالو کيت ۾ سنڌي هوٽل جي ٻاهران پڪوڙا وڪڻندو هو.“
    ”ڪهڙو ثبوت اٿئي ته هيءَ ٻانهن تنهنجي پٽ جي آهي؟“
    پوڙهي جي اکين ۾ پاڻي تري آيو، پر سندس اکين ۾ چمڪندڙ پدري شفقت ۽ ذهانت ٻوڙي نه سگھيو. پوڙهي چيو، ”پيءُ ـــ پٽ جو رشتو ثبوت جو محتاج نه هوندو آهي، سائين. روح جي ڇڪ سندن ڪسوٽي هوندي آهي.“
    ”مان مئجسٽريٽ آهيان. فلاسفر ناهيان.“ مئجسٽريٽ چيو، ”ٻانهن حاصل ڪرڻ لاءِ توکي ثبوت ڏيڻو پوندو.“

    پوڙهو سوچ ۾ ٻڏي ويو. منهن انيڪ ليڪن ۾ وراهجي ويس. ڪجھ دير کان پوءِ چيائين، ”هڪ دفعي منهنجي هڪ گھوڙي ڀڄي پئي هئي. جيستائين ٻي گھوڙي واڍي کان ٺهرايان، تيستائين مان پنهنجي پٽ خاوند جي ٻانهن جي سهاري هلندو هوس. ها، مونکي ياد آهي. هيءَ ئي خاوند جي ٻانهن آهي. اڄ هو جيئرو هجي ها، ته توهين سندس جيئريءَ ٻانهن سان هيءَ ڪپيل ٻانهن ڀيٽي ڏسو ها، پوءِ اعتبار ڪريو ها.“
    مئجسٽريٽ کي پوڙهي جو ثبوت قانون جي دائري کان ٻاهر لڳو. هن پوڙهي کي پري ڪري بيهاري ڇڏيو. هن ماڻهن ڏانهن منهن ڪندي چيو، ”ٻيو ڪو دعويدار آهي؟“
    هڪ ڏهن ٻارهن سالن جي ڇوڪري رئي سان اکيون اُگھندي اڳتي وڌي آئي. چيائين، ”هيءَ ٻانهن منهنجي ڀاءٌ صديق جي آهي.“
    ”ڇا ڪندو هو تنهنجو ڀاءٌ؟“
    ”هو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڪلارڪ هو.“ ڇوڪريءَ چيو، ”گذريل فسادن ۾ گھران نڪتو ته ڳترا ڳترا ٿي گھر وارن کي مليو. ظالم کيس ڪُهي، وڍي، هڪ ڳوڻ ۾ وجھي راتو واھ اسان جي ڏيڍيءَ آڏو ڇڏي ويا هئا.“

    ڇوڪري اوڇنگارون ڏيئي ۽ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
    مئجسٽريٽ پڇيس، ”تو وٽ ڪو ثبوت آهي، ته هيءَ ٻانهن تنهنجي ڀاءُ جي آهي؟“
    ڇوڪري مُنجھي پيئي. روئڻ بند ٿي ويس.
    مئجسٽريٽ ورائي پڇيس، ”ٻانهن تي و داغ، ڌڪ جو نشان يا تِرُ وغيره هوس؟“
    ڇوڪريءَ جون آليون اکيون چمڪڻ لڳيون. چيائين، ”فسادن کان ٻه ڏينهن اڳ اسان سندس مڱڻو ڪرايو هو. مون سندس هٿ تي ميندي لاتي هئي. ڏسوس، ان هٿ تي ميندي ضرور لڳل هوندي.“
    مئجسٽريٽ صوبيدار ڏانهن ڏٺو.
    صوبيدار چيو، ”ٻانهن سڪي، ڪاراٺجي ويئي آهي. ٻيو ته هٿ بلڪل ڇليل آهي، رهڙجي ويو آهي. مينديءَ جو نالو نشان به ناهي.“
    ڇوڪريءَ مايوس ٿي ويئي. آليون اکيون اُگھندي پري وڃي بيٺي.
    ان کان اڳ جو مئجسٽريٽ ڪپيل ٻانهن جي ٻئي ڪنهن دعويدار کي سڏ ڪري، سر چارلس نيپيئر ديسيءَ وڏي واڪ چيو، ”اجائي جک ٿو مارين، مئجسٽريٽ موڳا.“

    ڪجھ ماڻهو ٽهه ٽهه ڪري کِلي پيا.
    مئجسٽريٽ کي خار وٺي ويا. هن ڪجھ کهري لهجي ۾ چيو، ”توهين ماٺ ڪري بيهو، سر چارلس نيپيئر ديسي.“
    ”اڙي ماٺ ڪري وري ڪيئن بيهان!“ سر چارلس نيپيئر ديسيءَ چيو، ”ٿوري دير ۾ اها ٻانهن جيئري ٿيڻي آهي. ٿوري دير ۾ وري ممڻ مچڻو آهي. ٿوري دير ۾ وري نظريه پاڪستان ۽ اسلام خطري ۾ پوڻو آهي، تنهنڪري دير نه ڪر، مئجسٽريٽ، ڀولا. اها ٻانهن مونکي ڏي ته هٿ ۾ چمچو ڏيئي ڇڏيانئس. پوءِ اها ٻانهن ڳڙبڙ نه ڪندي.“
    مئجسٽريٽ کي هڪ اٽڪل سجھي آئي. چيائين، ”سر چارلس نيپيئر ديسي، مون فيصلو ڪيو آهي ته هيءَ ٻانهن توکي ڏيئي ڇڏيان.“
    ”تو زندگيءَ ۾ پهريون دفعو صحيح فيصلو ڪيو آهي، مئجسٽريٽ ڀولا.“ سر چارلس نيپيئر ديسي چيو، ”ان ٻانهن جي هٿ ۾ چمچو اچڻ کان پوءِ، تاريخ ۾ وري ڪڏهن به هوشو شيدي پيدا ٿي نه سگھندو.“
    ”توهان بلڪل صحيح فرمايو آهي.“ مئجسٽريٽ چيو، ”توهين چمچو کڻي اچو، اسين هيءَ ٻانهن توهان جي حوالي ڪنداسين.“
    ”مان چمچو کڻي ٿو اچان.“ سر چارلس نيپيئر ديسي چيو، ”پر ياد رک، متان ڪا پرپٺ بدمعاشي ڪئي اٿئي، مئجسٽريٽ ڀولا.“

    سر چارلس نيپيئر ديسي هليو ويو.
    مئجسٽريٽ پگھر اُگي ايس پيءَ ڏانهن ڏٺو، جيڪو مٿس ذري گھٽ کِلي رهيو هو.
    مئجسٽريٽ انبوھ ڏانهن ڏسندي چيو، ”هن ڪپيل ٻانهن جو ٻيو ڪو دعويدار آهي ڇا؟“
    انبوھ مان ڪو جواب نه آيو. پُراسرار ماٺ ماحول کي ڳڙڪائي ويئي.
    هن ٻيهر پڇيو، ”هن ٻانهن جو ٻيو ڪو وارث آهي ڇا؟“
    تڏهن اوچتو، هڪ تمام ننڊڙو ٻار، جيڪو مشۡڪل سان پنڌ ڪرڻ لائق هو. اڳتي هليو آيو. هو هلندو اچي ڪپيل ٻانهن جي ڀرسان بيٺو. ٻار جو قد ڪپيل ٻانهن کان ننڍو هو. هن مئجسٽريٽ کي تمام چِٽي آواز ۽ لهجي ۾ چيو، ”مان هن ڪپيل ٻانهن جو وارث آهيان.“
    مئجسٽريٽ ۽ ايس پيءَ کان ڇرڪ نڪري ويو. ايتري ننڍڙي ٻار کي اهڙي چٽي نموني ڳالهائيندي ٻڌي ٻنهي کي بدن ۾ سياٽو محسوس ٿيو.
    ٻار چيو، ”ان ٻانهن ۽ منهنجي وچ ۾ جيڪو رشتو آهي، سو زمان ۽ مڪان جي پابندين کان آزاد آهي. مان ان ڪپيل ٻانهن جي آڱر جھلي محبت ۽ نفرت، ڪوڙ ۽ سچ جي ڇڪتاڻ ۾ ڇڄندڙ ماحول ۾ هلندو آهيان. پوءِ هلندي هلندي، جڏهن مان جوان ٿيندو آهيان، تڏهن اِها ڪپيل ٻانهن تاريخ ٿي پوندي آهي. وقت جا ويري تاريخ سان پڄي نه سگھندا آهن. هو منهنجي ٻانهن ڪپي ڇڏيندا آهن. وري ڪو ٻار ان ڪپيل ٻانهن جي آڱر جھليندو آهي، ۽ تاريخ ٺهي ويندي آهي. هيءَ ڪپيل ٻانهن منهنجي آهي، ۽ مان ئي هن ٻانهن جو وارث آهيان.“

    پوءِ ان کان اڳ جو ڪنهن کي خبر پئجي سگھي ته ڇا ٿي رهيو هو، ٻار هٿ وڌائي ڪپيل ٻانهن جي سڪل آڱر ۾ مٺ وڌي. ٻانهن صوبيدار جي هٿ مان ڇڏائجي ويئي. صوبيدار دهشت ۽ خوف کان هٽي ويو. مئجسٽريٽ ۽* ايس پيءَ ڀت سان لڳي بيهي رهيا. هر ڪو پنهنجي جاءِ تي پنڊ پهڻ ٿي ويو.
    ڪپيل ٻانهن هوا ۾ اُڀي ٿي بيٺي، ائين، ڄڻ ڪنهن غيبي انسان جي ڪلهي سان لڳل هئي. ٻار جي مٺ ٻانهن جي آڱر ۾ لوھ ٿي ويئي. ٻار وک وڌائي، ٻانهن هوا ۾ لڏڻ لڳي، ۽ ٻار جي وک وک سان وڻ لڳي. ٻانهن تي سڪل رت ۽ مٽيءَ جا چاپڙ آلا ٿيڻ لڳا. ڏسندي ڏسندي، ٻانهن مان ٽِمندڙ رت ۾ ٻار جو آڱر جھليل هٿ آلو ٿي ويو. ٻار ڪپيل ٻانهن جي آڱر جھلي اڳتي وڌندو ويو.